اصولي طور تي ميئر اسان جو هجڻ گهرجي، جماعت اسلامي سان ڳالهائينداسين: سعيد غني
ڪراچي جو ميئر ڪهڙي جماعت جو ٿيندو؟ سياسي جماعتن لاءِ ورهايل مينڊيٽ وڏو چئلينج بڻجي ويو، پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته اصولي طور تي ڪراچي جو ميئر پيپلزپارٽي جو هجڻ گهرجي، جنهن جي لاءِ جماعت اسلامي سان ڳالهائينداسين، ڇو ته پي ٽي آءِ ان لائق ناهي جو ان سان ڳالهه ڪئي وڃي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته مهم هلائي پئي وڃي ته پيپلزپارٽي ڌانڌلي ڪئي آهي، اوهان وٽ ثبوت آهن ته لاڳاپيل فورم تي وڃو. هن چيو ته اسان ملير ۾ 30 مان 20 سيٽون کٽيون آهن، ڪورنگي ۾ پيپلزپارٽي 37 مان 5 سيٽون کٽيون آهن، سينٽرل ۾ احتجاج ٿي رهيو هو، جتي پيپلزپارٽي 45 مان 5 سيٽون کٽيون، جيڪڏهن ڊي آر او غلط ڪري رهيو هو ته ڪورنگي ۾ اسانجون پنج نه 20 سيٽون هجڻ گهرجن ها. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪراچي جي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي آئي آهي، اصولي طور ڪراچيءَ جو ميئر به پيپلزپارٽي جو ٿيڻ گهرجي.

