سياري ۾ هارٽ اٽيڪ جو خطرو وڌي وڃي ٿو: ماهرين
سياري ۾ عام طور تي صحت جي حوالي سان ڪيتريون ئي پيچيدگيون هونديون آهن، مثال طور نزلو، زڪام، ڳلي جي تڪليف، فلو ۽ ٻيون موسمي بيماريون وغيره، پر انهن ۾ سڀني کان اهم ۽ خطرناڪ دل جي مرض جي بيماري آهي. دراصل گرمي پد جي ڪِرندي ئي رت جون رڳون سوڙهيون ٿي وينديون آهن، جنهن سان اسٽروڪ يا هارٽ اٽيڪ جو خطرو وڌي ويندو آهي. ماهرن موجب سياري ۾ رڳن جي انهي ئي سوڙهه سبب دل کي رت پهچائڻ واريون ناليون سُسي وينديون آهن جنهن سبب سيني ۾ شديد قسم جي تڪليف ٿيندي آهي، جيڪا دل جي دوري يا دل جي مرضن جو محرڪ هوندي آهي.

