ادب

دنيا جي طرف وڌندڙ آئيس ايج جو خطرو

ان کان پھرين جو دنيا طرف وڌندڙ آئيس ايج جي خطري جو ذڪر ڪريون، پھرين اھو سمجھون ته آئيس ايج آھي ڇا؟

سائنس سان لاڳاپيل ماھر چون ٿا ته ھيءَ دنيا جيڪا ھينئر نظر اچي ٿي اھا سدائين ائين نه ھئي. اھا مختلف تبديلين مان گذري هتي پهتي آھي. انھن مان ھڪ تبديلي موسمياتي به آھي، جنھن کي برفاني دور ياIce age چئجي ٿو. اھو اهو دور آهي جنهن ۾ پوري دنيا جو گرمي پد گھٽجي وڃي ٿو. اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب کان برفن جون تھون پکڙجڻ لڳن ٿيون. ھر شئي تي برف پکڙجي وڃي ٿي، ايستائين جو سمنڊن تي به برف ڄمي وڃي ٿي. ھي دور ھزارين سالن تائين رھي سگھي ٿو.

آئيس ايج ڪيئن شروع ٿيندو آھي؟

آئيس ايج دوران ڌرتيءَ جي گولي جي اتر ۽ ڏکڻ حصن ۾ برف جي ٿلھي تهه پکڙجڻ لڳي ٿي. عام طور تي گرمين ۾ برف پگھرجڻ لڳي ٿي البته گرمين ۾ به موسم سبب اھا گھڻي پگھري نه، ته سياري ۾ ان مٿان ٻي برف گڏ ٿيڻ لڳي ٿي. ائين ڪيترن سالن تائين ٿئي ٿو. ان گڏ ٿيندڙ برف جي وزن سبب گليشيئرز ترڻ لڳن ٿا. کليل ميدانن ۽ چراگاھن ۾ برفاني ڍنڍون ٺھي وڃن ٿيون. جتي ڪٿي گليشيئرن جو تعداد پڻ وڌڻ لڳي ٿو. اتان کان آئيس ايج جي شروعات ٿئي ٿي.

محققن موجب دنيا ھيستائين گھٽ ۾ گھٽ آئيس ايج جي پنجن دورن مان گذري چڪي آھي. اڄ کان 24 ھزار سال آخري آئيس ايج جي شدت انتھا تي پھچي چڪي ھئي. اتر آمريڪا، اتر يورپ ۽ ايشيا جي ڪجھ علائقن ۾ رڳو برف ئي برف ھئي. ماڻھن گرم علائقن ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي. اڄ ڌرتي جي يارھن سيڪڙو علائقي ۾ گليشيئر آھن، جڏھن ته ان آئيس ايج ۾ 30 سيڪڙو علائقي ۾ رڳو برف ئي برف ھئي. ان دوران ڌرتي جو گرمي پد 31 ڊگري کان گھٽجي 7 ڊگري ۽ آئيس ايج وارن علائقن ۾ مائينس 6 ڊگري تي پھچي چڪو ھو. آخرڪار اڄ کان 12 ھزار سال پھرين اھو برفاني دور پنھنجي اختتام تي پھتو.

ارضيات جي ڪيترن ئي ماھرن اڄ کان 200 سال اڳ يورپ جي گليشئرن جي مشاھدي جي دوران ھن ۾ ڪجھ تبديليون ڏٺيون. آئيس ايج ۾ ناپيد ٿيڻ وارن جانورن جون ھڏيون به اھڙا ثبوت آھن، جن مان ارضيات جي ماھرن کي اھو تاثر مليو ته ڌرتي تي اھڙا ڪئين دور گذريا آھن. انھن زمين ۽ پٿرن جو جائزو ورتو ۽ مختلف طرح جون تحقيقون ڪيون، جنھن بعد اھي آئيس ايج يا برفاني دور جي مڪمل ثبوتن تائين پھچي ويا.

پاڪستان جي ناليواري ترجمه نگار ۽ اديب محترم ياسر جواد پنھنجي سھيڙيل عالمي انسائيڪلوپيڊيا (اردو) ۾ صفحي نمبر 423 تي برفاني دورن ۽ انھن جي ٽائيم پيريڊ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني آھي. ھو برفاني دور متعلق لکي ٿو ته ”برفاني دورن ارتقاءَ جي تاريخ ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. دنيا جي تاريخ ۾ 5 برفاني دور گذريا آھن. پھريون ۽ ٻيو برفاني دور زميني زندگي جي ظھور ۾ اچڻ کان پھرين ظاھر ٿيا، ھو اڳتي اھو به لکي ٿو ته ٽئين برفاني دور خشڪي ۽ پاڻي ٻنھي ۾ رھندڙ جانورن ۽ حشرات الارض (ڪيڙن ماڪوڙن يا تمام ريڙھيون پائيندڙ جانور) جو غلبو ختم ڪيو. چوٿين برفاني دور مماليه جي ظھور ۾ اچڻ لاءِ حالتون تيار ڪيون. پنجين يا عظيم برفاني دور انسان کي حيواني دنيا تي غلبو ڏياريو.

موجودہ موسمياتي تبديلين تي ھڪ نظر

ھن سال 2022ع جي ڊسمبر مھيني ۾ آمريڪا جي وڏي حصي ۾ برفاني طوفان سان تباھي مچي آھي. آمريڪا جي ڪئين شھرن ۾ برفاني طوفان سببZero visibility آھي. گاڏيون برفن ۾ دٻجي ويون آھن، گاڏين ۾ اندر ويٺل ماڻھو ڄمي زندگي وڃائي ويٺا. گھرن تي برفن جا تھ چڙھيل آھن. ماڻھو گھرن ۾ قيدي بڻيل آھن. اتي شھرن جون حالتون بدتر ٿي ويون آھن. نيويارڪ، نارٿ ڪرولينا، ورجينيا ۽ ٽينسي برف باري سبب وڌيڪ متاثر ٿيا آھن. ٽيمپريچر مائينس 42 تائين ڪري پيو آھي. آمريڪا ۾ 20 ڪروڙ کان مٿي ماڻھو متاثر ٿيا آھن. روڊ، ريل ۽ ھوائي سفر معطل آھن. برف جي طوفان سبب ھزارين پروازون معطل ٿي ويون.

يورپ ۾ به برفباري ۽ ان نتيجي ۾ ٿڌ سبب مائينس 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پھچي ويو.

اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ٻڌڻ ۾ آيو ته آمريڪا ۾ برفاني طوفان سبب 70 کان مٿي ماڻھو مئا آھن. گھرن ۽ گاڏين ۾ مئل ماڻھن جا لاش پيل آھن. رڳو چار ڏينھن ۾ آمريڪا ۾ 12 ھزار کان مٿي ھوائي جھازن جون اڏامون ڪينسل ٿي ويون. ايئر پورٽن جا رن وي برف سان ڍڪجي چڪا. ڪئين شھر بجلي جي سپلاءِ رڪجڻ سبب انڌيري ۾ ٻڏي ويا. عالمي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو آھي ته ھي طوفان آمريڪا جي 50 مان 28 رياستن کي پنھنجي پڪڙ ۾ وٺي چڪو آھي. صدي جو سڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ طوفان آھي. آمريڪا جھڙو سپر پاور بيوسي جي تصوير بڻجي ويو. نيويارڪ اسٽيٽ جي شھر بفيلو ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي ۽ ھيستائين 8 فوٽ برف وسي چڪي آھي. Winter storm سبب بفيلو شھر جو ايئرپورٽ به بند آھي. ماڻھن وٽ کاڌي پيتي جون شيون به کٽي ويون آھن. بفيلو ۾ 14 لکن کان وڌيڪ گھر متاثر ٿيا آھن. ان دوران بفيلو ۾ شھرين کي بچائڻ جا ڪم به جاري آھن. سائيڪلون سبب آمريڪا ۾ ايمرجنسي جھڙيون حالتون آھن. ميڊيا رپورٽن موجب نيويارڪ ۾ ايمرجنسي ظاهر ڪئي وئي آهي. آمريڪا ۾ ھر ھنڌ برف نما پھاڙ ٺھي ويا، جنھن سبب ايمرجنسي نظام ناڪارا ٿي ويو. اطلاع آھن ته آمريڪا ۾ ھزارين گاڏيون ۽ ٽرڪون برف جي ھيٺان ڍڪيل آھن. آمريڪا جي تاريخ ۾ اھڙو منظر ڪڏھن ڏسڻ لاءِ نه مليو. ماھرن جو چوڻ آھي ته برفاني طوفان جيڪو پنھنجي پويان برفن جا وڏا پھاڙ ڇڏيو پيو وڃي، انھن جي صفائي بعد تباھي جي حقيقت سامھون ايندي. موسم جي ماھرن موجب سردين ۾ ھن طرح جي ڀيانڪ طوفان کي سائيڪلون بم چيو وڃي ٿو. ھن کي اھو نالو انڪري ڏنو ويو آھي، جو اھو طوفان اچڻ جي چند ڪلاڪن ۾ ئي پورو علائقوLow pressure area ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ان علائقي ۾ ڳري برف باري ٿئي ٿي. تيز برفاني ھوائن سان گڏ برسات به ٿئي ٿي، غير ملڪي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ بم سائيڪلون نالي ٿڌ واري موسم جي بدترين طوفان جو قھر جاري آھي. تاريخ جي بدترين برفاني طوفان سبب سڄي آمريڪا ۾ جنگي صورتحال پيدا ٿي وئي آھي. ھر طرف برف ئي برف آھي. ھزارين مسافر ھوائي اڏن تي ڦاٿل به آھن ته اتي ھوائي اڏا پناھ گاھن جو ڏيک ڏئي رھيا آھن. آمريڪا وانگر ڪينيڊا برطانيا ۽ جاپان جو به برو حال آھي. عالمي ميڊيا ۾ ٽن وڏن کنڊن (براعظمن) آمريڪا کان يورپ، ايشيا ۾ Freezing fear جون تصويرون نظر اچن ٿيون. قدرت اڳيان دنيا جون وڏيون وڏيون طاقتون بيوس آھن، برفباري سبب ڏينھن ۾ ئي رات جا منظر ڇانيل آھن. اتي زندگي پوري طرح رڪيل آھي. موسميات جي ماھرن موجب اھڙي طرح جا طوفان سمنڊن جي مٿي ھوندا آھن، پر اھي زمين تي بم وانگر وسي ويندا آھن ۽ تباھي آڻيندا آھن.

اتر جاپان ۾ پڻ گذريل ھڪ ھفتي کان ڳري برفباري ٿي آھي اتي ڪئين ماڻھو به مري ويا آھن. موسميات جي ماھرن موجب عام طور تي جاپان ۾ برفباري جي وقت برف ڄمي نٿي، پر ھن ڀيري رستن ۽ گھرن تي ٻن فوٽن کان وڌيڪ برف ڄمي وئي آھي. ريل ۽ فضائي سفر پڻ معطل ٿيا. ماڻھن ۾ سفيد آفت سبب خوف جي صورتحال جنم ورتو. سمنڊ کان به خطرو ٻڌايو پيو وڃي ته جاپان ۾ اوچيون لھرون جنم وٺي سگھن ٿيون. برطانيا ۾Yellow Alert جاري ڪيو ويو. ٻه ھفتا پھرين به برطانيا ۾ شديد برفباري وڏو قھر ڪيو. تاريخ جي خطرناڪ برفباري ٿي.

حيرت ته ان ڳالھ تي به آھي جو، ھن ئي سال ڪويت جھڙي نھايت گرم ملڪ ۾ به ڳڙا وسيا آھن، جتي ھر طرف برف جو ئي منظر آھي. چلي مان ٽي.وي اسڪرين تي فوٽيجز ڏسڻ ۾ آيا، جتي ھڪ وڏو برفاني جبل ڦاٽو، جيڪو گھري کائي ۾ ڪريو. نه فقط اھو، پر ميڊيا رپورٽس موجب گڏيل عرب امارتن، سعودي عرب سميت ٻين ھنڌن تي برفباري ٿي آھي. ھيءَ ته ھن سال جي صورتحال آھي، پر گذريل سال به دنيا جي ڪئين حصن ۾ شديد برفباري ٿي. ايستائين جو سعودي عرب ۽ مصر سميت عرب خطي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برفباري ٿي ھئي. انھن مڙني حالتن جو جائزو وٺي ڏسجي ٿو ته باقاعدہ سنجيدہ سوال اڀرن ٿا ته ڇا موسمن ۾ ٿيندڙ غير متوقع ۽ خطرناڪ تبديلين سبب دنيا ۾ آئيس ايج جو نئون دور ته شروع ٿيڻ وارو نه آھي؟ يا ڪٿي ائين ته نه آھي جو دنيا جي در تي آئيس ايج جو دور دستڪ ڏئي رھيو آھي؟

ڏسجي ته دنيا ۾ موسميات جا ماھر ۽ سائنسدان عالمي گرمي پد (Global warming) جي پيشن گوئي ڪري رھيا ھئا، پر بدلجندڙ موسمي حالتون ته اڃا ڪا ٻي ڪھاڻي ئي ٻڌائين پيون. ڪٿي ائين ته نه آھي جو دنيا گلوبل وارمنگ جي مسئلي جي حل طرف نگاھون مرڪوز ڪيون، پر موسم جي تبديلي اڃا ٻي رخ ۾ ھلي وئي؟ سچ اھو آھي ته نھايت گرم ملڪن ۾ برفباري جي ٿيڻ ۽ ٿڌ وارن ملڪن ۾ خوفناڪ برفباري مان آئيس ايج جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي. اگر آئيس ايج کي ڪا فرضي شئي سمجھي توجهه نه ڏجي ۽ اھا واقع ٿي وڃي ته ھڪ لمحي لاءِ سوچيو ڇا ٿيندو؟ اتر وارو ڌرتيءَ جو قطب جتي انساني آبادي جو 70 سيڪڙو ۽ خشڪي وارو علائقو آھي ۽ جتي 70 سيڪڙو زراعت جي پوکي ٿئي ٿي. جڏھن ته ڏکڻ قطب 30 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ انساني آبادي توڙي زراعت تي مشتمل آھي. آئيس ايج جي صورت ۾ ڌرتي جو اتر وارو علائقو متاثر ٿيندو. غذائي بحران به الڳ آفت جو ڏيک ڏيندو. ظاھري ڳالھ آھي سڄي دنيا متاثر ٿيندي. ڪالم نگار رضوان چوھاڻ پنھنجي لکڻي ”آئيس ايج ڪا منڊلاتا خطرہ“ ۾ لکي ٿو ته ”انھي دوران پاڪستان جي ساحلي علائقن ۾ ھن جي شدت گھٽ ھوندي، پر ھتي به گرمي پد مائينس ۾ ھليو ويندو. پوري پاڪستان ۾ ڪراچي برفاني دور ۾ گھٽ ٿڌو ٿيندو، پر انھي دوران عرب جزيرو ۽ آفريڪي صحارا جا صحرا سرسبز ۽ شاداب ٿي ويندا، پر ان دوران زلزلا ظاھر ٿيندا، دنيا جا زير زمين براعظي تھ پاڻ ۾ ٽڪرائبا. بيشمار سونامي طوفان ڪنارن سان ٽڪرائبا. ٻرندڙ جبلن جي سلسلي جي جاڳڻ جا به امڪان رھندا، جنھن سان آئيس ايج جي شدت ۾ واڌارو ٿيندو. برابري ڦاڪ(Equator) تي موجود پوک جي قابل ايراضي به پوک قابل نه رھڻ جو خطرو ھوندو“.

ليکڪ محترم رضوان چوھاڻ دنيا جي موسميات جي ماھرن ۽ سائنسدانن جي گلوبل وارمنگ واري ڳالھ کي شڪ جي نگاھ سان ڏسي ٿو ته ڪٿي اھي ماھر گلوبل وارمنگ جي ڳالھ ڪري ڄاڻي واڻي غلط اندازا لڳائي دنيا جو ڌيان اصل خطري تان ته نه ھٽائي رھيا آھن؟ خير، موسمن ۾ ظاھر ٿيندڙ خوفناڪ تبديلين طرف ڌيان ڪرڻ جي گھڻي ضرورت آھي. حڪومتن کي پنهنجن شھرين کي ھنن نون موسمياتي خطرن کان واقفيت وٺرائڻ خاطر سجاڳي (Awareness) پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي. احتياطي تدبيرن، سکڻ ۽ مختلف صلاحيتون حاصل ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺرائڻ گھرجن، جنھن ۾ ڪو حرج ته نه آھي.!!

ڇو ته جھڙي ريت ٽن وڏن کنڊن (آمريڪا، ڪينيڊا، جاپان ۽ برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾) ايڏي پيماني تي برفباري ۽ سردي ۾ واڌاري توڙي دنيا جي صحرائن وارن علائقن ۾ برفباري جي ڪنھن توقع ئي نه ڪئي، تھڙي ريت آئيس ايج جي توقع نه ڪرڻ يا ان خطري کان لا تعلق رھڻ به فائديمند نه آھي. بھرحال موجودہ موسمياتي تبديلين کي ڏسي اھو چئي سگھجي ٿو ته ڌرتي آئيس ايج ڏانھن وڌي پئي، جنھن جا ظاھر ٿيندڙ ڪئين آثار خود ان جو اظھار ڪري رھيا آھن. جيڪي بخوبي سمجھي ۽ پرکي سگھجن ٿا..!!