ڪنڊيارو ۾ بدامني خلاف احتجاج: مظاهرين تي لٺبازي: سنڌو نواز گهانگهرو سميت 5 ڄڻا گرفتار
سنڌو نواز گهانگهرو ۽ حمز علي چانڊيو سميت 4 ڄڻا گرفتار، 100 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل. ڪنڊيارو ۾ بدامني خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج دوران پوليس لٺبازي ڪري سنڌو نواز گهانگهرو سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سنڌو نواز گهانگهرو جو چوڻ آهي ته بدامني خلاف احتجاج لاءِ پهتاسين ته ايس ايڇ او قربان ڪلوڙ ڪارڪنن مٿان تشدد ڪيو. ايس ايڇ او قربان ڪلوڙ جو چوڻ آهي ته مظاهرين ٿاڻي تي ڪاهه ڪئي، پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو، گرفتار ٿيلن مٿان پوليس تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

