ڀنڀور جو ڀيرو
ڀنڀور جو نالو ٻڌڻ يا پڙهڻ سان خودبخود ذهن تي شاهه لطيف جي سورمي ۽ هن وقت سنگهرپٽ ۾ هڪ ئي مزار اندر آرامي سسئي پنهونءَ جو رومانوي داستان ياد اچي ويندو آهي، جنهن جو ساليانو ميلو پابندي ۽ عقيدت و احترام سان اسلامي سال جي شعبان المعظم جي تاريخ 11.12.13 تي ملهايو ويندو آهي (ميلي وارن ڏهاڙن ۾ هتي عورتن جي اچڻ تي پابندي هوندي آهي) انهيءَ ڀنڀور جي اڪثر ماڻهن کي خبر ناهي ته اهو ڀنڀور ڪٿي آهي، اهو انهيءَ ڪري پيو چوان ته اسان جڏهن 1991 ۾ شهدادپور شهر ۾ SRP حيدرآباد رينج طرفان نوڪري ڪندا هئاسين ته اتي اتان جي ڪجھ اصل رهواسين کان پڇا ڪيم ته سهڻي ميهار جون مزارون ڪٿي آهن، جن ورندي ڏيندي چيو هو ته اسان کي سهڻي ميهار جي مزارن بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي ۽ اها به هڪ حقيقت ئي آهي ته اسان سنڌي اڪثر ڪري تاريخ کان بي خبر ۽ سار سنڀال جي مناسبت سان لاپرواهه قوم ثابت ٿيا آهيون، ڇو ته هيل تائين تاريخي ماڳن مڪانن جي حفاظت نه ڪري سگهيا آهيون، ها پر پاڻ ئي انهن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا آهيون، جنهن جو مثال شهدادپور جي ڀرسان ٻرهوڻ شهر جي ويجهو ليلا چنيسر ۽ ڪونئرو جي ماڙيءَ جو آهي جنهن جا هاڻي ته نشان به ڪنهن سلسليوار ڊرامي جي آخري قسط تي وڃي پهتا آهن. هونئن ته مون به 80 پرسنٽ سنڌ جو سير سفر ڪيو آهي، سو جي هتي تفصيلي لکبو ته تحرير کي وڏي ڊيگھ اچي ويندي انهيءَ ڪري بس مختصر سطح تي ڀنڀور بابت لکندس اميد ته اوهان کي سٺي ڄاڻ ميسر ٿيندي، پر جي ڪا کوٽ واڌ هجي ته رهنمائي جي گذارش ڪندس.
چيو وڃي ٿو ته ڀنڀور جو اصل نالو بَن بِهار يا ون وھار يا ڀنڀور (سورج/سج جو شهر) هو ۽ اتان سنڌ جي هن قديم شهر جو مقامي سنڌي نالو ڀنڀور مشهور ٿيو، پر تاريخ اهو به لکي ٿي ته ڀنڀور جو شهر راجا ڀنڀوراءَ ٺهرايو هو، جنهن ڪري ئي مٿس اهو نالو پئجي ويو، مگر تاريخ ۾ جڏھن به سنڌ جي رومانوي داستانن جو ذڪر ايندو ته ان ۾ ڀنڀور جي سسئيءَ ۽ ان سان لاڳاپيل سسئي پنهونءَ جو قصو ضرور اھميت سان بيان ڪيو ويندو ۽ ان ئي حوالي سان ڀنڀور جو شهر اڄ به ياد ڪيو ٿو وڃي.
ڀنڀور وڃڻ لاءِ رستو: جيڪڏهن اوهان ڪراچي کان ڀنڀور ويندا ته اوهان کي ڪراچي کان ويندڙ نيشنل ھاءِ وي ذريعي ٺٽي ڏانهن جيڪا ڌاٻيجي جي ڀرسان 50 فوٽ اتاھين ٽڪريءَ تي آھي، جنهن کي سسئيءَ جو ٽڪر به سڏجي ٿو، ھي سسئيءَ ۽ پنهونءَ جي شروعاتي عشق جي سر زمين آھي خاطر ڌاٻيجي وٽان سڄي هٿ يا پاسي تي ساڍن ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هي ڦٽل ۽ تباهه شده تاريخي اهميت جو شهر اوهان کي دڙي جي صورت ۾ نظر ايندو (هتي سياحن جي رهنمائيءَ خاطر مين روڊ تي آثار قديمه ۽ عجائب گهر ڀنڀور جو نمايان طور تي سائن بورڊ لڳل آهي)، پر جيڪڏهن اوهان ٺٽي کان ڪراچي طرف ايندا ته گهارو شهر ڪراس ڪري کٻي هٿ تي هي شهر اوهان جو استقبال ڪندو، جيڪو اڄ به شاهه جي رسالي ۽ سسئي پنهونءَ جي رومانوي داستان ۾ زنده آهي ۽ سدائين زنده رهندو ڇو ته عشق ۽ تاريخ سدائين زنده رهندا آهن ۽ سچ ڪڏهن به مرندو ناهي، سو شاهه لطيف ۽ سسئي پنهون جو عشق به تاريخ ۽ سچ آهي، جيڪي امر هئا، امر آهن ۽ امر رهندا.
پٻن ساڻ پٻ سرمو ڪر سسئي
مرڪي منزل ملندئي الا باغ بهشت جي
(مهر فقير)
ڀنڀور جي موجوده صورتحال: ڀنڀور جي مُک دروازي وٽ ديوار سان گڏ هڪ بورڊ لڳل آهي جنهن تي ڀنڀور بابت مختصر، پر جامع ڄاڻ تحرير ٿيل آهي جيڪا ٽن ٻولين يا زبانن جهڙوڪ اردو، انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل آهي جيڪا هن طرح لکيل آهي ته:
”ڀنڀور شهر جي آثارن جي کوٽائيءَ جو سلسلو 1958ع کان شروع ٿيو، جنهن جي باقاعده تحقيق کانپوءِ هتي ٽن مختلف دورن جي آباديءَ جا آثار مليا آهن، هتان جا قديم ترين ماڻهو (1) سٿين ۽ پارٿين نسل جا هئا، جن جو زمانو پهرين صدي قبل مسيح کان ٻي صدي عيسوي تائين (2) هندو ۽ ٻڌ مذهب جا ماڻهو، ٻي صدي عيسوي کان اٺين صدي عيسوي تائين، (3) مسلمانن جي اچڻ جو زمانو اٺين صدي عيسوي کان تيرهين صدي عيسوي تائين هي شهر آباد هو، انهيءَ کانپوءِ سنڌو درياهه پنهنجو رخ مٽائي هن شهر جي اهميت کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو، پوءِ آهستي آهستي سڄو شهر ويران ٿي ويو، جايون ويران ۽ تباهه ٿي ويون، انهن جو نالو نشان ئي نه رهيو ۽ اهو تباهه شهر هڪ وسيع پٿر جي ٽڪريءَ ۾ تبديل ٿي ويو“
ڀنڀور ۾ جتي اوهان گاڏي پارڪ ڪندا اتي ديوار تي اوهان کي سڄي سنڌ جي تاريخ تصويرن جي شڪل ۾ نظر ايندي اهو بهترين عمل انهيءَ ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن عام ماڻهن جو ڌيان ماضيءَ طرف ڇڪائي سگهجي ۽ ماڻهن ۾ انهن ماڳن کي گهمڻ ۽ ڏسڻ جي اڪير ۽ اتساهه پيدا ٿي ۽ ايئن جڏهن اوهان ڀنڀور ۾ داخل ٿيندا ته اوهان کي داخلا فيس ادا ڪرڻي پوندي جتي 20 روپيا في فرد جي داخلا ٽڪيٽ سرڪار جي طرفان مقرر ٿيل آهي جيڪو سرڪار جي طرفان مڙهيل هڪ غاصبانه ۽ نهايت ئي غلط عمل آهي ڇو ته جڏهن حڪومت جي طرفان اهڙن تاريخي ماڳن مڪانن لاءِ ساليانه بجيٽ مقرر ٿيل آهي ته پوءِ ڪهڙي جواز کي بنياد بڻائي عوام کان سير و تفريح جي نالي تي داخلا في ورتي وڃي ٿي. حقيقت ۾ اهڙن ماڳن تي سياحن خاطر داخلا فري هجڻ گهرجي ته جيئن هو باآساني سير و تفريح ڪري سگهن، ها ته ٽڪيٽ گهر ۾ في ادا ڪري پرچي حاصل ڪري اوهان جيئن ئي اندر داخل ٿيندا ته اوهان کي کٻي هٿ تي هڪ جڳھ جي ڀت تي وڏي تصوير نظر ايندي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته پنهونءَ جا ڀائر کيس اٺ تي ڪيئن کنڀيو ۽ کنيو پيا وڃن ۽ سسئي سندن اٺن جي پيرن پويان ڪيئن وڃي رهي آهي، جڏهن ته کيس سرتيون، سهيليون، ساهيڙيون ان طرف وڃڻ کان روڪي رهيون آهن. ان سان ئي گڏ ڀنڀور جو ميوزيم نظر ايندو (جتي ڪاٺ جي بورڊ تي عجائب گهر لکيل آهي ۽ سياحن جي رهنمائي خاطر تير جو نشان لڳل اٿس) جتي ڀنڀور جي کوٽائي مان نڪتل مختلف تاريخي شيون اوهان کي نظر اينديون جتي ڀنڀور جي نقشي سان گڏوگڏ ئي مختلف شهرن ۾ موجود دڙن منجهان دريافت ٿيل سامان پڻ ڏسڻ خاطر اوهان کي ملندو، جيڪو هر سياح جو ڌيان ڇڪائي ڏسڻ لاءِ پڻ مجبور ڪري ٿو، جهڙوڪ ان وقت جا هٿيار، زيور، هار، منڊيون، گهڙا، مٽ ۽ ٻيو رهڻي ڪهڻي يا جنگ جو سامان جيڪو ان وقت ۽ دور ۾ استعمال ٿيندو هو ۽ ها هن ميوزيم کي ڏسڻ جي ڪا به في نه آهي، ميوزيم جي ٻاهران ئي ان دور ۾ جنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ منجنيق به رکيل آهي (منجنيق اوائلي دور جو هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن ۾ ڳرا پٿر وجهي، پري پري تائين اڇلائي دشمن کي ڪمزور ڪيو ويندو هو يا وري قلعن ۽ ڪوٽن جي ديوارن کي ڪيرائي اندر داخل ٿيڻ لاءِ رستو ٺاهيو ويندو هو). هتي هن طرف ئي چند وکن جي فاصلي تي ڀنڀور جي آفيسرن لاءِ رهائشي بنگلا پڻ موجود آهن.
اتي اوهان جڏهن ٽڪيٽ گهر کان اندر داخل ٿيندا ته سڄي هٿ تي اوهان کي هڪ نهايت ئي وڏو ۽ گهاٽو بڙ جو وڻ نظر ايندو (انهيءَ بڙ جي ڏارن کي ٽٽڻ کان بچائڻ خاطر سندس جي لٽڪندڙ پاڙن کي پلاسٽڪ جي پائيپ ۾ وڌو ويو آهي ته جيئن کين نقصان يا ٽٽڻ کان بچائي سگهجي سو اهي پاڙون جڏهن زمين ۾ پختيون ٿين ٿيون ته اهو پلاسٽڪ جو پائيپ ڪٽيو ٿو وڃي ۽ اها پاڙ اڳتي هلي ڪري بڙ جي ڏارن کي ٽٽڻ کان بچائي ٿي، ڇو ته آهستي آهستي اها ٿلهي ٿي وڃي ٿي ۽ وڻ به ويڪرو ٿيندو ٿو وڃي) جنهن جي چوڌاري سيمينٽ جو لسو ٿلهو ٺهيل آهي ۽ اوسي پاسي ڪجھ بنئچون پڻ رکيل آهن ۽ ڀرسان ئي ٿڌي پاڻي جو ڪولر پڻ لڳل آهي ته جيئن سياح آرام ڪري ۽ سڪون سان ٿڌو پاڻي پي اڃ اجهائي سگهن، پاڻي جي ڪولر سان گڏوگڏ ٻير جو وڏو وڻ به آهي، پر ان جا ٻير ساڪڙ آهن، جيڪي کائڻ سان نڙيءَ کي وٺندا آهن، اتي ئي هڪ نهايت سهڻو پارڪ به ٺهيل آهي، جنهن منجھ موسم جي مناسبت سان هر قسم جا رنگ برنگي خوشبودار گل ٻوٽا لڳل آهن، جيڪي هوا جي حساب تي اوهان کي جهومندي نظر ايندا ته، ڪو ها پيو ڪري، ڪو نه پيو ڪري ۽ ساهن کي سرهاڻ ارپيندا آهن، نيڻن کي نواڻ سان نوازيندا آهن، سو اوهان جو جڏهن به وڃڻ ٿئي ته گلن جي خوشبوءِ حاصل ڪجو، پر کين ٽوڙجو نه ڇو ته اهڙي عمل سان گل ڪومائجي ويندا آهن ۽ پوپٽ ماتم ڪندا آهن، هتي پارڪ ۾ پپل، زيتون، ليما ۽ ٻير جا وڻ به لڳل آهن ۽ انهيءَ پارڪ سان گڏ ئي اولھ ۾ ڪئنٽين آهي، جتي اوهان کي سموسا، چانهه، بوتل ۽ مختلف کاڌي پيتي جون شيون ملنديون، جيڪي اتي ويهي آرام سان کائي پي سگهو ٿا، ائين ئي اتي وڪري خاطر اجرڪ، ٽوپي، موهن جي دڙي مان نڪتل ڪنگ پريسٽ ۽ سمباره وغيره جا مجسما به ملندا، اتي ئي هڪ سهڻي ۽ ننڍڙي مسجد پڻ نمازين جو انتظار ڪندي نظر ايندي ۽ پڻ هتي هڪ ريسٽ هائوس، ليڊيز ۽ جينٽس جي واش خاطر واش يا باٿ روم پڻ موجود آهي.
اهو سڀ ڪجھ ڏسڻ بعد اوهان کي اڳتي وڌڻو پوندو، ها اهو سامهون وارو پٿريلو مستطيل شڪل ۾ ڀنڀور جو ڦٽل شهر آهي، جتي ڪچي رستي جي ٻنهي پاسن کان ننڍا ننڍا پٿر رکي مٿن سفيد چوني سان ڪلر ڪيو ويو آهي جنهن جي کاٻي طرف هڪ قدرتي ڍنڍ آهي ۽ هڪ جاءِ تي ڪجھ مٽن جا نشان آهن جن مان پتو ٿو پوي ته هن جاءِ تي ان وقت ۾ محمد ڌوٻي انهن مٽن کي ڪپڙن ڌوئڻ خاطر صاف پاڻي يا رڱڻ لاءِ ڪتب آڻيندو هو، چون ٿا هتي رڱائي جو وڏو ڪارخانو هو، جنهن لاءِ پاڻي انهيءَ ڍنڍ منجهان حاصل ڪيو ويندو هو، رستي جي سڄي طرف تي ڪجھ ڦٽل گهرن جا نشان نظر ايندا، جتي ان وقت ڌوٻي رهائش پذير ها. هتي هر گس تي ڀنڀور انتظاميا طرفان عوام جي سهوليت خاطر نالي وارا بورڊ لڳل آهن ته جيئن سياحن کي باآساني معلومات ملي سگهي.
ها بلڪل اهو سامهون وارو نظر ايندڙ پٿريلو دڙو ڀنڀور جوئي آهي ۽ اها مٿي چڙهڻ خاطر ڏاڪڻ آهيس ۽ کٻي سڄي طرف قلعن ۽ ڪوٽن تي ٺهيل گول گنبذ نما ديوار اٿس، جيڪا ان دور ۾ حملن کان بچاءَ خاطر تعمير ڪرائي وئي هئي، سو ڏاڪڻ تي چڙهڻ بعد اوهان کي کٻي پاسي تي هڪ کوهه نظر ايندو ۽ ڪافي تعداد ۾ تباهه ٿيل گهر نظر ايندا ۽ اتان ئي قدرتي ڍنڍ جو نظارو به آساني سان ڪري ٿو سگهجي، ايئن سڄي پاسي طرف به ان وقت جون رهائشي ڪالونيون ۽ وچ تي هڪ مسجد پڻ نظر ايندي، جيڪا ڪافي وسيع آهي ۽ گهرن جا رستا ويڪرا ۽ ديوارون پڪي ڳاڙهي پٿر سان تعمير ٿيل آهن، ڇو ته انهيءَ اوائلي دور ۾ پٿر جو استعمال وڌيڪ ٿيندو هو، جيڪي به ڪافي ٿلهيون ۽ ويڪريون آهن مسجد کان اڳتي هڪ چورسو چبوترو اڏيل آهي، جيڪو هاڻوڪي دور جو لڳي ٿو (انهيءَ چبوتري جي اوڀر ۾ هڪ ڄار جو وڻ جنهن کي کٻڙ جو وڻ به چئبو آهي بيٺل آهي ۽ هتي برسات ۾ مختلف قسمن جو گاهه پيدا ٿيندو آهي، جنهن ڪري سڄو ڀنڀور ساوڪ سان سائو نظر ايندو آهي) ان کان اڳتي ويندا ته اوهان کي سنڌي سمنڊ ۽ ٻيڙيون نظر اينديون، جن خاطر به اتي هڪ رستو ايئن ٺهيل آهي، جيئن اوهين ڪنهن ڪوٽ يا قلعي ۾ داخل ٿيڻ وقت مک دروازي تي ڏسندا آهيو ۽ اتي گهارو ڪريڪ جو بورڊ آويزان ٿيل آهي شايد اهو ڪريڪ يا رستو. ان وقت ٻيڙين ذريعي ڏيساور ٿيندڙ وڻج واپار ۽ ڪاروبار لاءِ استعمال ٿيندو هو. (سسئيءَ جي سونهن جي هاڪ جو ٻڌي پنهون به ته ڪيچ کان وڻج واپار سانگي ڪهي آيو هو، جيئن شاهه لطيف فرمايو آهي ته:
ڪـيـچان آيو قـافلـو عـطـر آندائون،
کٿوري خوشبو سين، وڻ ٽڻ واسيائون،
خيمان کوڙيائون، وريو بخت ڀنڀور جو
ڇو ته هاڻي به جڏهن سمنڊ ۾ چاڙه ايندو آهي ته پاڻي انهيءَ ڪريڪ سان ٽڪرائبو آهي.
هتي اوهان پڙهندڙن جي معلومات، دلچسپيءَ ۽ آساني سان سمجهڻ خاطر ڀنڀور ۾ رهائش ۽ شهر جي جوڙجڪ جي مناسبت سان ڪجھ هن طرح جا بورڊ لڳل آهن ۽ خاص ڳالھ ته هتي جيڪي به بورڊ لڳل آهن سي انگريزي ۽ سنڌي ٻولي ۾ لکيل آهن ۽ سڀ ڪاٺ جا ٺهيل آهن، پر بهتر ايئن هو ته مٿان سنڌي ۽ هيٺان انگريزي هجي ها، پر هتي مٿان انگلش ۽ هيٺان سنڌي لکيل آهي.
قلعي واري ديوار
مرڪزي داخلي دروازو
شهر جو ٻاهريون حصو
اڌ گول نما محلاتي گهر ۽ کوهه
اتر اوڀر ڪنڊ وارو در/رستو
واپاري ايراضي جي گهٽي
قدرتي ڍنڍ
مڪتب/اسڪول
ڏکڻ ايشيا جي پهرين جامع مسجد
هيءَ مسجد ڪافي قديم ۽ ايراضي جي لحاظ کان وڏي آهي ان جو مطلب ته هتي اسلام بن قاسم کان اڳ به هو، پر بن قاسم سنڌ کي ڦرڻ لٽڻ ۽ تباهه ڪرڻ لاءِ راجا ڏاهر کي مسئلو بڻائي سنڌ تي ڪاهه ڪري حملو ڪيو.
ڀنڀور جيئن ته ڪراچيءَ کان ويجهو آهي، انهيءَ ڪري هيل تائين مان پنهنجي گهر واريءَ ۽ نمره ڌيءَ سان موٽر بائيڪ تي الڳ الڳ نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا وڃي چڪو آهيان، الڳ الڳ انڪري چيم ته موٽر سائيڪل تي 03 ڄڻا ڏکيا ٿيندا آهن ۽ نمره به چوندي آهي ته بائيڪ ٻن جي لاءِ آهي، ٽن جي لاءِ ناهي، سو اتي اڪثر ڪري ڏٺو اٿم ته ڀنڀور گهمڻ ايندڙ ماڻهو انهن عظيم ۽ قديم ديوارين تي چڙهي کين نقصان رسائيندا آهن، ها سچ ته اهڙو ئي حشر نشر موهن جي دڙي تي به ڏٺو اٿم، جتي رستن هوندي به ماڻهو ڀتين تي چڙهي گهمندا آهن جڏهن ته اتي بيٺل ملازم اهڙن نقصان خورن کي پيار سان سمجهائيندي منع ڪندا آهن، پر پوءِ به ڪافي خاص ڪري نوجوان انهن سان اجايو بحث ڪري جهالت جو ثبوت ڏيندا آهن، جيڪو هڪ قومي گناهه ۽ نقصان آهي، خبر ناهي ته اسان جي قوم کي ڪڏهن شعور ايندو شعور ايندو به الائي جي نه.
اهو سير سفر اوهان سڄڻن کي ڪيئن لڳو ان بابت پنهنجي قيمتي راءِ کان آگاهه ڪرڻ سان گڏ ڪا رهنمائي به ضرور ڪندا مهربانيون.
***

