مذهبي عقيدي جي اوسرَ (باب ٻيو)
ليکڪ: جي. اينڊرسن ٿامسن ۽ ڪليَئر اڪوفر
صورت ۽ هڪ جهڙائي: ارتقا جي الف-بي
”ڪنهن غلطيءَ ۾ سڌارو آڻڻ، نئين حقيقت کي ڳولي لهڻ برابر يا ان کان به ڀلو عمل آهي “. چارلس ڊاروِن
اسين هيٺ لٿل فرشتا نه آهيون، پر پنهنجن پيرن تي بيٺل ڀولڙا آهيون… ۽ هاڻي اسان کي ان شاهديءَ لاءِ ثابتيون موجود آهن. اسان جي انا، اسان کي اھو قبول ڪرڻ کان روڪي ٿي ۽ جيڪي ماڻھو، الھامي تخليق تي يقين رکن ٿا، اهي ان کي برو سمجهن ٿا. جڏهن کان ڊاروِن، انسان جي ”ادنا“ جانور هجڻ جو نظريو پيش ڪيو آهي، تڏهن کان ڪيترن کي ئي ارتقائي نظريي کي ڪلي رد ڪرڻ ڏانھن مائل ڪيو ويو آهي، پر اهڙيون اڻ ڳڻيون شاهديون موجود آهن، جيڪي پڌرو ٿيون ڪن ته اسان به ان قديمي جاءِ تان ساڳي مٽيءَ منجهان ارتقائي عمل ذريعي وجود پذير ٿيا آهيون، جتان زمين تي موجود سموري مخلوق جي حياتيءَ جي شروعات ٿي هئي.
آفريڪا کنڊ جي اوڀر پاسي ”عظيم رفٽ“ نالي وادي آهي جيڪا ايٿوپيا کان موزيمبيق تائين پکڙيل آهي. اها وادي انساني جيوت لاءِ ماءُ جي رحم جيترو درجو رکي ٿي. جنهن کي صحيح معنيٰ ۾ باغِ عدن چئي سگهجي ٿو. جتان انسان ذات پنهنجو ارتقائي سفر شروع ڪيو.
اسان جي ارتقا ڀولڙن کان شروع نه ٿي. خالص سائنسي خيال کان اسان ئي ڀولڙا آهيون. اسان جو ۽ ڀولڙن جو 98.6 في سيڪڙو ڊي اين اي هڪجهڙو آهي. اسان جا ۽ ڀولڙن جا وڏڙا به ساڳيا هيا، جيڪي 50 کان 70 لک ورهيه اڳ گذاري ويا آهن.
انهن گڏيل وڏڙن منجهان انساني نسل وڌيو ۽ ارتقا جي ڪيترن ئي نون رستن تي هلي پيو. ائين ئي جيئن ڪنهن ٻُوڙي جون شاخون، پاڙ مان ڦٽنديون آهن. نيٺ، هڪ کي ڇڏي، باقي سمورا انسان نما نسل اڻ لڀ ٿي ويا. تون ۽ مان ان بچيل نسل جو باقيات آهيون.
اسان مخصوص آفريڪي ڀولڙا يا هومينيڊ(hominid) جي نسل جو آخري نمونو بچيا آهيون. ارتقائي خيال کان ويجهي ماضيءَ ۾، يعني رڳو پنجاهه هزار سال پهريان دنيا ۾ چار هومينيڊ نسل آباد هئا، جن مان هاڻي رڳو اسين بچيا آهيون.
هاڻي اسان پنهنجي ڪيترن ئي وڏڙن سان ملي چڪا آهيون. اسان آرڊيپيٿيڪس (Ardipithecus) جا ڍانچا هٿ ڪيا آھن، جيڪي اسان ۽ ڀولڙن جي گڏيل ويجهن مائٽن مان هڪ هئا. آرڊيپيٿيڪس هڪ اهڙو نسل هو، جيڪو جوڙن جي صورت ۾ گڏ رهندو هو ۽ اڳرائي ڪرڻ کان آجين خاصيتن وارو نسل هو.
آسٽرالوپيٿيڪس (Australopithecus) جو مطلب آفريڪا جو ڏاکڻو ڀولڙو آهي. ان نسل جي شهرت جو سبب مشهور پنڊ پهڻ ”لوسي“ (Lucy) آهي، جيڪو چاليهه ورهيه اڳ ايٿوپيا مان هٿ آيو هو. هڪ ٻيو پنڊ پهڻ پيرنٿروپس (Paranthropus) (انسان جي ويجهو) جيڪو 1938ع کان 1948ع واري عرصي دوران ڏکڻ آفريڪا مان مليو هو، ان جو دماغ اسان جي دماغ جي 40 في سيڪڙو برابر هو. ائين پيو ڀاسجي ته اهي نسل خوراڪ ۽ ماحول جي تبديلين سان مقابلو نه ڪري سگهڻ ڪري، پنهنجو وجود وڃائي ويٺا.
آفريڪا ۾ ئي 2008ع ۾ قديم حياتيات جي ماهر جي نون ورهين جي پٽ، هڪ تمام گهڻي پراڻي امڪاني طور نون ورهين جي ڇوڪري جي ئي کوپڙي هٿ ڪئي. اها کوپڙي به هومينيڊ نسل جي هئي، جنهن جو نالو آسٽرالوپيٿيڪس سيڊيبا (Australopithecus sediba) رکيو ويو. امڪان اهو پيو پسجي ته اها کوپڙي اسان ۽ آسٽرالوپيٿيڪس نسل وچ ۾ لاڳاپن تي وڌيڪ روشني وجهندي.
اسان جي شروعاتي هومينيڊ کانسواءِ اها جيوت آفريڪا ۾ ويهه لک ورهين تائين زندهه رهي. اسان جي مقابلي ۾ ان جيوت جو زمانو، تمام گهڻو ڊگهو رهيو آهي.
اسان جي گروپ هومو جو پنڊ پهڻي رڪارڊ ڪي ويهه لک ورهيه اڳ ملڻ شروع ٿيو آهي. ان گروپ ۾ هومو هيبيلس (Homo Habilis) هومو اريڪٽس (Homo Erectus) ۽ هومو هيڊلبرجينسس (Homo heidelbergenesis) شامل آهن. هومو اريڪٽس ڪي ڏهه لک ورهيه پهريان آفريڪا کان ٻاهر نڪتو ۽ ڪوهه قاف، چين ۽ انڊونيشيا تائين پنهنجي رسائي ممڪن بڻائي. غالب امڪان اهو آهي ته ان جيوت وٽ ٻوليءَ جي صلاحيت ڪو نه هئي.
ائين پيو ڀاسجي ته يورپ پهچي هومو هيڊلبرجينسس جو نسل ڪجهه ارتقائي منزلون پار پئي، نيندرٿال (Neanderthal) جي شڪل اختيار ڪئي. ويجھڙائيءَ ۾ ٿيل ڊي اين اي اسڪيننگ مان پتو ٿو پوي ته اسان جي نسلي وڏڙن (Homo Sapiens) ۽ نيندرٿال ۾ ڪنهن قدر جنسي لاڳاپو رهيو آهي. هومو هيڊلبرجينسس وارو نسل آفريڪا تائين ئي محدود رهيو، جسماني طور جديد انسان ان مان وجود ۾ آيو آهي.
هومو سيپينس جا اوائلي پنڊ پهڻ تقريبن ٻه لک ورهيه پراڻا آهن. اهڙيون ڪيتريون ئي شاهديون موجود آهن جن مان علامتي صلاحيتن جي سڌ پوي ٿي. جيئن رنگ جيڪو رنڱڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، ڊگهي مفاصلي تائين مختلف گروهن ۾ ٿيندڙ ڏيتي ليتي، ۽ واپار وغيرهه. انهن ڪمن لاءِ پيچيده علامتي رابطي جي ضرورت هئي. اهو امڪان چٽو پيو نظر اچي ته اسان جي شروعاتي ابن ڏاڏن وٽ هڪ اهڙي صلاحيت موجود هئي، جيڪا سندن شعوري، سماجي ۽ نفسياتي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لائق هئي، يعني ٻوليءَ جي صلاحيت.
توهان ۽ مان، هومو سيپينس جي جديد نسل ٻوليءَ جي صلاحيت سان گڏ، آفريڪا کي 60 هزار ورهيه اڳ اک ڇنڀ وانگر ڇڏيو.
پنهنجا نسلي، قبيلائي، ثقافتي، قومي ۽ مذهبي اختلاف پاسي تي رکو. پنهنجي کل جي اندر اسين سڀ آفريڪي آهيون. اسين انهن ننڍين ننڍين ٽولين وارن انهن شڪارين جا پٽ ۽ ڌيئر آهيون، جيڪي آفريڪا ۾ وڌيا ۽ ويجهيا، بقا جي ڊوڙ ۾ ٻي هڪجهڙائي رکندڙ جيوت کي پٺ تي ڇڏي اڳتي وڌيا، ۽ پوري دنيا ۾ پکڙجي ويا.
اڃا ته حيراني تڏهن پئي ٿي ته 70 هزار ورهيه ۽ هڪ لک ورهيه جي وچ واري عرصي ۾ هڪ دور اهڙو به آيو جو اسان جي آبادي رڳو 600 فردن تائين محدود رهجي وئي. اسان کي جديد جينيٽڪ جي علم مان اهو ئي معلوم ٿئي ٿو. جنهن جو مطلب اهو نڪتو ته پوري ڌرتيءَ تي موجود ست ارب انسان انهن ننڍڙين ننڍڙين ٽولين ۾ ورهايل انهن جهنگلي شڪارين جو اولاد آهن، جيڪي خطرناڪ موسمي تبديلين مان بچي نڪتا هئا.
رڳو اسين ڇو؟ اسين ڇو ۽ ڪيئن بچياسين؟ آسٽرالوپيٿيڪس، هومو اريڪٽس ۽ جديد انسان جي کوپڙين جو تقابلي جائزو وٺڻ سان پڌرو ٿو ٿئي ته انهن ۾ اکين کان مٿاهين حصي تي تبديليون ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون. جديد انسان جي پيشاني، هيٺاهينءَ پاسي وڌڻ سان گڏ گولائين ٿيڻ لڳي. دماغ جو مقدار جيڪو آسٽرالوپيٿيڪس ۾ 400 کان 500 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر هو، اهو هومو اريڪٽس ۾ ٻيڻ ۽ جديد هومو سيپنس ۾ ٽيڻ تي وڌي ويو. اها تبديلي اڳياڙيءَ واري حصي کان ڪن جي اندرين حصي تائين چٽي پٽي آهي. دماغ جي اندر اهي جايون، اهڙيون جايون آهن، جتي دماغ جي پيچيده مشين موجود آهي. يعني اهي ارتقا ٿيل اهي موافقتون آهن، جيڪي اسان کي سماجي دنيا سان لاڳاپي ۾ آڻين ٿيون.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اهو ڪهڙو محرڪ هو، جن جي ڪري اسان جي دماغ جو مقدار ايترو وڌي ويو ؟ اهو محرڪ اسين پاڻ آهيون. ڇاڪاڻ ته بقا لاءِ اسان کي هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ جي ضرورت آهي. جسماني بقا لاءِ سماجي بقا لازمي هئي. نتيجي طور اسان گروهه بندي اختيار ڪئي.
جيڪڏهن اوهان راند جي ڪمري ۾ موجود ماڻهن کي من ماني ڪندي ٻن ٽولين ۾ ورهايو ته اهي پنهنجو پاڻ پنهنجي سڃاڻپ ان ٽوليءَ منجهان ڪرائيندا، جنهن ٽوليءَ ۾ اوهان کين شامل ڪيو آهي. پاڻ کي ان ٽولي جي ”اندر“ ۽ ٻين کي ”ٻاهر“ سمجهندا. ٻنهين ٽولين جي وچ ۾ سخت مقابلو ٿيندو، توڙي جو راند شروع ٿيڻ کان اڳ ٻنهين گروپن ۾ موجود ماڻهو هڪ ٻئي لاءِ پهريائين اوپرا ئي ڇو نه هجن، پر هاڻي اهي اوپرا ان ٽيم جا رڪن بڻجي ويا آهن. ڇا توهان کي اهو سڀ ڪجهه عجيب نه ٿو لڳي؟ شايد نه، ڇاڪاڻ ته حقيقي معنيٰ ۾ اهو سڀ فطري عمل آهي. چٽو امڪان اهو ئي آهي ته توهان به ائين ئي ڪندا. اها ”گروپ بندي“ اسان جي اندر ۾ پهريان ئي موجود هوندي آهي ۽ ان جي ئي مدد سان اسان جي وڏڙن ڀرپور زندگي گذاري.
ويجهن مائٽن تي ٻڌل ننڍن ننڍن ڌڙن ۾ رهي زندگي گذارڻ سان اهڙو انساني معاشرو جنميو، جنهن ۾ اسان اڄ زنده آهيون. اها ڪا ايڏي وڏي پراڻي تاريخ به ناهي. رڳو پنج سئو سال پهريائين دنيا جي آباديءَ جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو ننڍن شڪارين (Hunter Gatherers) جي ننڍن ننڍن قبيلن تي ٻڌل هو. اهڙي قسم جي سماجي ڍانچي هاڻوڪي معاشري کي جوڙيو. اسان پنهنجي نفسيات ۾ اڄ به چڱا ڀلا قبائلي آهيون، پر اسان اڃا جوانڙا آهيون.
توهان پڇندا ته ان جو مذهب سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ گهڻو ڪجهه!
مذهب روزاني زندگيءَ جي سماجي معاملن کي پنهنجي مقصد لاءِ ڪتب آڻيندو آهي. اهو مطابقتي نفسيات (Adaptive Psychology) جو اهو طريقيڪار آهي، جيڪو ٻين ماڻهن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ، انهن جي نيت ۽ ارادا پرکڻ ۽ تحفظ جو احساس پيدا ڪرڻ ۾ مددي آهي. اهو طريقيڪار ويجهي ماضيءَ ۾ اسان جي اباڻي وطن آفريڪا ۾ اڀريو هو. جنهن جي ڪري اسان اڄ هتي موجود آهيون.
جيتوڻيڪ مذهب خود مطابقت نه آهن، پر مذهبي سوچ ان نفسياتي طريقيڪار جي ذيلي پيداوار آهي، جيڪا اسان کي ٻين ماڻهن جي سماجي دنيا جي باري ۾ تصور ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. اهي صلاحيتون انساني بقا لاءِ تمام گهڻيون ضروري آهن. ڇاڪاڻ ته مذهب انهن مطابقتن ۾ معمولي تبديلي آڻيندو آهي، پر اها به طاقتور هوندي آهي.
اچو ته مطابقتن جي ان ذيلي پيداوار کي هڪ ٻي رخ سان ڏسون: ڇا اوهان کي فاسٽ فوڊ پسند آهي؟ هڪ فل سائيز لذيذ برگر، چهري چپس، ٿڌي ڪولا يا شيڪ؟ ماڻهن جي گهڻائي اهڙي قسم جو کاڌو پسند ڪندي آهي ۽ گهڻن موقعن تي انهن کي اهڙي کاڌي جي شديد طلب به ٿيندي آهي. جيڪڏھن اوھان کي فاسٽ فوڊ جي طلب ناهي ٿيندي ته امڪان اهو آهي ته اوهان کي ڀُڳل گوشت کائڻ جي طلب ٿيندي هوندي؟ يا آئس ڪريم کائڻ جي؟ ائين به ٿي سگهي ٿو ته اوھان پنھنجي صحت جو خاص خيال رکڻ واسطي انهن شين کان پرهيز ڪندا هجو، پر چٽو امڪان اهو ٿو رهي ته ڪڏهن ڪڏهن اوهان هرکجي پنهنجي مرضيءَ جي ابتڙ اھڙي قسم جا کاڌا کائي ويهندا هجو؟ ان سان ڪهڙو فرق پوي ٿو ته جيڪڏهن اوهان فاسٽ فوڊ، ڀُڳل گوشت يا بروسٽ ۽ چاڪليٽي آئس ڪريم جي طلب جي نفسيات سمجهو ٿا ته پوءِ اوهان مذهب جي نفسيات به سولائيءَ سان سمجهي سگهو ٿا.
اسان جي ارتقا سخت ۽ خطرناڪ ماحول ۾ ٿي آهي. ان دوران اسان کي اهڙن کاڌن جي طلب پيدا ٿي آهي، جيڪي اسان لاءِ جسماني طور لازمي هئا. ڪنهن کي به کيرا کائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي. مختلف قسمن جون سبزيون به پراڻي زماني ۾ موجود هيون، پر اسان کي سڻڀي غذا ۽ مٺاڻ جي طلب ٿيندي هئي.
پراڻي زماني ۾ سڻڀي غذا شڪار ٿيندڙ جانورن جي چرٻي هوندي هئي، جيڪا جسم کي گهربل پروٽين ۽ ڪيلوريز جو ناياب ذريعو هوندي هئي ۽ مٺاڻ پڪل ميوي مان حاصل ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ صحتمند ڪيلوريز ۽ وٽامن سي موجود هوندي هئي. ان زماني ۾ جهجهو کاڌو موجود رهڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو، هي خطرو هر وقت کين سڪون سان ويهڻ نه ڏيندو هو ته شايد سڀاڻي بک تي نه گذارڻو پوي.
طلب، هڪ مطابقت آهي. اها اهم حياتي بخش کاڌن جي ڳولا جو مسئلو حل ڪندي آهي. جڏهن اسان جي وڏڙن کي انهن کاڌن جي طلب جي خواهش پيدا ٿيندي هئي ته هو انهن کاڌن جي ڳولا لاءِ نڪري پوندا هئا. تنهنڪري اهڙن کاڌن جي طلب پيدا نه ٿيندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ طلب پيدا ٿيندڙ ماڻهن جي زندهه رهڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو هو ۽ هو جتان به، جهڙو به، اهڙي قسم جو کاڌو هٿ ڪري وٺندا هئا ته هو ضرورت کان وڌيڪ کائيندا هئا. جنهن دنيا ۾ اسان جي ارتقا ٿي آهي، اتي ڪا به خبر نه هوندي هئي ته ايندڙ ڏينهن کاڌو ملندو، الائي نه ملندو. ضرورت کان وڌيڪ کائڻ جي خواهش ۽ خوراڪ جي فراهميءَ واري غير يقيني صورتحال، ان مطابقت کي هٿي ڏني.
پر اڄوڪي دنيا جي گهڻن تڻن ترقي يافته ملڪن ۾ جهجهي خوراڪ موجود آهي. ان ڪري انساني سڀيتا ان طلب جي خواهش لاءِ نوان رستا ڳولي لڌا آهن. هاڻي اسان وٽ فاسٽ فوڊ آهي، جنهن ۾ صحت کي نقصان پهچائيندڙ سڻڀ موجود آهي، جيڪو اسان جي رڳن کي سوڙهو ڪري ٿو ۽ اسان جو وزن وڌائي ٿو. ڪٿي اها اڄوڪي خوراڪ ۽ ڪٿي اسان جي وڏڙن جو شڪار ڪيل جانورن جو گوشت ۽ جهنگ جو رسيل ميوو. رسيلي ميوي جي جاءِ سوڍا ۽ کٽمٺڙن والاري آهي.
اهو ڄاڻندي به ته سڻڀ، لوڻ ۽ مٺاڻ اسان سان ڪهڙو حشر ڪن ٿا، اسان کي انهن غذائن جي طلب ٿئي ٿي ۽ جيستائين اسان ۾ کاڌو کائڻ جو ڍنگ پيدا نه ٿئي، اسان انهن کي گوشت ۽ ميوي تي اوليت ڏيندا رهندا سين. ڇو؟!
ڇاڪاڻ ته ان کاڌي ۾ اهي غير معمولي محرڪ موجود آهن، جن کي اسان جو دماغ پنهنجي گهربل ڪيلوريز لاءِ بھتر سمجهي ٿو، اهڙي ئي نموني جيئن اهي اسان جي وڏن جي ضرورت هيون. اسان جو دماغ اسان کي انهن جو نتيجو به ڏي ٿو. ڪڏهن اسان پنهنجو وڻندڙ کاڌو کائون ٿا ته دماغ جو لطف ۽ لذت وارو حصو، خوشيءَ مان جهومي ٿو. اسان جيڪو محسوس ڪريون ٿا، اها رڳو معمولي خواهش ناهي هوندي، پر بک جو هڪ اهڙو سخت احساس هوندو آهي، جيڪو دماغ جي ڪيميائي مادن جي خارج ٿيڻ سان پيدا ٿيندو آهي. انهن مان هڪ اهم ڪيميائي مادو ڊوپامين (Dopamine) هوندو آهي، جيڪو دماغ جي ”ٻيهر ڪريو“ مرڪز وٽ هوندو آهي. اسان کي نه رڳو اهي کاڌا مزو مهيا ڪندا آهن، پر اسان کي ساڳيو عمل ٻيهر ورجائڻ تي مجبور به ڪندا آهن.
لطف اندوز ٿيڻ جو اهو احساس به هڪ مطابقت آهي. شروعات ۾ اها کاڌي جي طلب پيدا ڪري، کاڌي جي ڳولا ڪرڻ ۽ کاڌو هٿ ڪرڻ کانپوءِ مطمئن ٿيڻ واري ڪيفيت تحت اهم خوراڪ جي فراهميءَ ۾ مدد ڏيندو هو.
جديد دور جي کاڌن لاءِ اسان جي غير منطقي طلب انهن مطابقتن جو نتيجو آهي، جن اسان جي بقا ۾ مدد ڪئي آهي، پر جديد کاڌي ۾ اسان جي وڏڙن واري کاڌي جي ڀيٽ ۾ گهڻا ڀيرا وڌيڪ سڻڀ ۽ مٺاڻ موجود آهي، جيڪو اسان جي طلب کي پورو ڪري پراڻي زماني واري گوشت ۽ پڪل ميوي جي مقابلي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ سخت ۽ جذباتي تسڪين مهيا ڪري ٿو.
تنهنڪري ائين چوڻ ڪو لطيفو ٻڌائڻ ناهي ته جيڪڏهن اوهان فاسٽ فوڊ جي نفسيات سمجهي ورتي ته مذهب جي نفسيات به سمجهي ويندا. فاسٽ فوڊ، تخليق ڪرڻ وقت اسان لاشعوري طور خوراڪ جي طلب جي قديم مطابقتن کي هاءِ جيڪ ڪري ورتو هو.
فاسٽ فوڊ جي تخليق، ارتقائي عمل ناهي، پر اسان جو دماغ سمجهي ٿو ته اها به هڪ مطابقت آهي. فاسٽ فوڊ جي اها طلب، ذيلي پيداوار آهي، پر هاڻي اها طلب خطرناڪ بڻجي وئي آهي، جيڪڏهن اها ضابطي کان ٻاهر نڪري وڃي ته صحت جا اهڙا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، جن سان اسان جي وڏڙن کي منهن نه ڏيڻو پيو هو.
هي سارو بحث اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر مذهب ڏانهن وٺي اچي ٿو يا ائين کڻي چئون ته انهن مطابقتن تي عقيدي جو نظام وجود ۾ اچي ٿو.
ڇا اسان کي جنهن جي طلب پيدا ٿيندي آهي، اهو اسان لاءِ بهتر هوندو آهي؟.
(هلندڙ)


