Brain Usb SImulatorدماغ ۾ معلومات کي ڪاپي ڪرڻ جي مشين تيار
ڪافي سال اڳ آيل فلم ميٽرڪس ۾ هيرو ڪمپيوٽر ذريعي ڪنگفو تعليم جي ڊيٽا کي دماغ ۾ ٽرانسفر ڪري محفوظ ڪندو آهي. هن ئي طريقي هيٺ هاڻي سائنسدانن هڪ مشين تيار ڪئي آهي، جنهن جي مدد سان ڪمپيوٽر ذريعي دماغ ۾ معلومات کي ذخيرو ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو. هن ذريعي انسان نه صرف اها معلومات ياد رکي سگهندو پر نوان علم به حاصل ڪري سگهندو. هن سميوليٽر جو تجربو ڪجهه رضاڪارن تي ڪيو ويو جن جي دماغن ۾ ڪمپيوٽر ذريعي جهاز اڏائڻ جي معلومات منتقل ڪئي وئي. بعد ۾ تجربي دوران انهن رضا ڪارن ٻين پائيلٽن کان وڌيڪ بهتر پرفارمنس ڏني.

