خاص

ننڊ پوري نه ڪرڻ سان دل جي دوري پوڻ جو خطرو وڌيڪ

آمريڪي تحقيق ۾ حيران ڪندڙ تفصيل سامهون آيا آهن جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄو ڏينهن ڪم ڪندڙ مرد ۽ عورتون جيڪڏهن ننڊ پوري نٿا ڪن ته انهن کي دل جو دورو پوڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. ڪلينيڪل ڪارڊيالاجي ۾ پيش ڪيل انگن اکرن موجب سڄو ڏينهن ڪم ڪار سبب ننڊ پوري نه ٿيڻ جي ڪري مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ دل جو دورو پوڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.