آمريڪي ماهر ڊيمنشيا کي روڪڻ لاءِ فائديمند تجويزون پيش ڪري ڇڏيون
دنيا جو وڏو حصو ڊيمنشيا ۽ الزائيمر جي گرفت ۾ اچي چڪو آهي جنهن جي علاج ۽ تدارڪ لاءِ ڪوششون جاري آهن. جڏهن ته هاڻي آمريڪي ماهر ڪجهه آسان تجويزون ڏنيون آهن، جن تي عمل ڪري هن هولناڪ مرض کان بچي سگهجي ٿو. ميساچوسيٽس انسٽيٽيوٽ (ايم آئي تي) جي سائنسدانن ۽ پائيڪوور انسٽيٽيوٽ آف لرننگ سان وابسته ڊاڪٽر لائي هوائي سائي چيو آهي ته دماغ کي توانو ۽ مرضن کان پاڪ رکڻ هاڻ ڪا راز جي ڳالهه نه رهي آهي. ماڻهو پاڻ به هن راز کان واقف آهن پر عمل نٿا ڪن يا ان لاءِ وقت نٿا ڪڍي سگهن. پوري دنيا لاءِ هن پيغام ڏنو آهي ته ورزش جي عادت اپنايو، سماجي رابطا وڌايو ۽ پاڻ کي تنها نه رکو ۽ ڪا نه ڪا اهڙي سرگرمي ضرور ڪريو جنهن ۾ دماغ استعمال ٿيندو هجي. انهن سرگرمين ۾ ڪا نئين ٻولي سکڻ، رياضي جا سوال حل ڪرڻ ۽ معما (پزل) تي دماغ ڊوڙائڻ شامل آهي.

