نياز پنهور شخص ۽ فن
ليکڪ نياز پنهور جي پنهنجي ادبي ۽ صحافتي زندگيءَ جي سفر ۾ جيڪا هن جي تخليقيت آهي، جيڪو علم ۽ فن آهي، انهيءَ سفر کي، جو اصل ۾ سندس سموري زندگي جي مسافري آهي ۽ منزل آهي. تنهن کي هن ڄڻ پنهنجون سڀ توانايون ارپيون آهن: دل سان، دل جي درد سان.
سندس شخصيت ۽ فن متعلق هي ڪتاب ”زندگيءَ جي اڌوري ڪٿا“ محترم مدد علي سنڌيءَ جي سهيڙ آهي. ڪتاب جو سب ٽائٽل آهي: نياز پنهور جي شخصيت ۽ علمي، ادبي ۽ صحافتي ڪم. اهو سڀ ڄڻ هن ڪتاب جو تفصيلي تعارف آهي. ڪتاب جو پهريون حصو ليکڪ جي شخصيت متعلق آهي ۽ ٻئي حصي ۾ هن جي ڪتابن تي اهم مصنفين جون تحريرون آهن، جن مان به وڏو حصو سندس تازو شايع ٿيل ڪتاب ”هينئڙي سڄڻ ساريا“ متعلق آهي، مختلف شخصن تي لکيل خاڪن (Pen Pictures) جي انهيءَ ڪتاب جي ادبي حلقن ۾ ڌوم آهي، پر ”زندگيءَ جي اڌوري ڪٿا“ هڪ مختلف ڪتاب آهي. نياز پنهور جي شخصيت ۽ فن تي لکيل تحريرن جو انتخاب. اچو ڏسون ته ڪتاب ليکڪ جي شخصيت ۽ فن تي ڪهڙيون ڳالهيون کڻي آيو آهي.
مدد علي سنڌيءَ جي مضمون ”سهيڙيندڙ پاران“ کان شروع ڪريون ٿا. ڪتاب سهيڙيندڙ مدد علي سنڌي جو هڪ نظر نواز ليکڪ آهي. جڏهن نياز پنهور جي جنم جي شهر شادي پلي جو ذڪر ڪندي، سندس ڪم ۽ تخليق متعلق ڳالهه ڪندي تاريخ ۾ ٽٻي ڏئي ٿو ته ڳالهه ڄڻ گذريل صدي جي شروعات کان شروع ٿئي ٿي ۽ برصغير جي گذريل هڪ سئو سالن کان مٿي جي سياست ۽ سماج جي تصوير سامهون اچي بيهي ٿي.
مدد علي سنڌي لکي ٿو:
”جيتوڻيڪ عملي صحافت ۾ رهندي سنڌي ادب سان ساٿ نڀائڻ ڏکيو مرحلو آهي، پر اخباري مصروفيتن ۽ تدريسي ذميوارين کي نڀائيندي شاعر ۽ ليکڪ نياز پنهور پنهنجو ساٿ سنڌي ادب سان هر گز نه ڇنيو آهي. سندس تعلق ضلعي عمرڪوٽ جي ننڍڙي شهر شادي پليءَ سان آهي. انهي شهر شادي پلي جي ريلوي اسٽيشن واري واقعي سنڌ ۾ جديد قومي سياست جي باني آنريبل رئيس غلام محمد ڀرڳري (وفات سال 1923ع) جي زندگيءَ کي تبديل ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ ڀرڳڙي صاحب امپيريلزم جو ڪٽر دشمن ٿي ننڍي کنڊ جي سياسي ميدان جو اهم شهسوار بڻجي ويو. اهڙي انقلابي ڌرتيءَ سان نياز پنهور جو تعلق آهي.“
جيئن ته ”زندگيءَ جي اڌوري ڪٿا“ تحريرن جو اهڙو انتخاب آهي جي شاعر ۽ نثر نويس نياز پنهور متعلق آهن، نياز جو فن ۽ صحافت سان تعلق تخليقي به آهي ته ذميواري وارو پڻ آهي.
ڪتاب ۾ سندس تحرير ”زندگي ڇا آهي؟“ جي هيءَ سٽ ڏسو: ”صحافت جي دنيا ۾ به اچي چاليهه سال پورا ڪيا اٿم“ مسلسل ۽ مستقل مزاجيءَ سان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت هميشه نتيجو ڏيندڙ هجي ٿي. ساڳئي ليک ۾ سندس هڪ نئين ڪتاب جي پيش آگاهي جو پڙهي ڪتابن جي عاشقن کي يقينن خوشي ٿيندي. نياز لکي ٿو: باقي مڪمل داستان پنهنجي آتم ڪٿا ”اکين جي تاري کان اکين جي ڪنڊي تائين“ ۾ تحرير ڪريان پيو.
جيئن ته زير نظر ڪتاب ”زندگيءَ جي اڌوري ڪٿا“ هڪ مفصل ڪتاب آهي جنهن ۾ سنڌي ادب ۽ صحافت سان لاڳاپيل اهم ليکڪن جا ليک شامل آهن، نياز پنهنجي علم ۽ قلم جي سفر ۾ ايتري ته حاصلات ڪئي آهي جو سنڌيءَ جي اهم تخليقڪارن نياز جي شخصيت ۽ فن تي لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سندس شخصيت تي 46 مضمون شامل آهن، جن ۾ عبدالقادر جوڻيجو، نصير مرزا، شوڪت حسين شورو، اڪبر سومرو، سيد زوار نقوي، جامي چانڊيو، ناز سنائي، زيب سنڌي، عزيز گوپانگ کان وٺي اعجاز منگي تائين سڀ اهم ليکڪ آهن.
ڪتاب ۾ شامل لياقت عزيز جي مضمون ”نياز هڪ عمليت پسند انسان“ جو هي اقتباس ڏسو:
”ٻالڪپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين نياز سخت محنت واري زندگي گذاري آهي. هو هڪ Self-made انسان آهي، هو جيڪي ڪجهه آهي ۽ جنهن مقام تي آهي، اتي هو پنهنجي محنت سان پهتو آهي.“
پنهنجي زندگي سان گڏ علمي، ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ ڪاميابي لازمي آهي ته مسلسل محنت کانسواءِ ته هر گز ممڪن نه هئي، زندگي کي بهتر ڪري ڏيکارجي، بهتر ڪري گذارجي. اهڙي زندگي جنهن کي ڪا معنيٰ هجي ۽ ڪا يادگيري هجي: ڪتابن جي تخليق جهڙي معنيٰ ۽ يادگيري. ڪتاب جن ۾ ”هينئڙي سڄڻ ساريا“ جهڙو نثر هجي، ”ناوَ هلندي رهي“ جهڙي شاعري هجي. نياز پنهور جي شخصيت جو نقش ڪارگر آهي. نصير مرزا هن کي هڪ بختاور شخص ٿو چوي:
نصير مرزا جي تحرير جون ڪجهه شروعاتي سِٽون ڏسو:
”نياز تخلص وارن ٽن شاعرن سان مون کي دلي محبت، عقيدت ۽ واقفيت آهي. نياز جعفري صاحب، نياز همايوني ۽ پيارو نياز پنهور. ٻه نياز منهنجا پيش رو، پر نياز پنهور همعصر، همسفر، من وڻندڙ ۽ هجائتو دوست. هونئن منهنجي مشاهدي ۽ معلومات ۾ ٽن قسمن جا پنهور آيا. استاد محترم خان محمد پنهور، پوءِ سردار منظور پنهور ۽ هي منهنجو دوست، شاعر، صحافي ۽ سهڻو قلمڪار نياز پنهور. وڏو پنهور صاحب ته منهنجو استاد… پر هي جيڪي پنهنجي ذات ۾ سردار پنهور ۽ ٻئي پاسي هي قلمڪار نياز پنهور، ٻنهي کي ساهميءَ ۾ توريان، ته مون لاءِ اُتر لهڻي منهنجو يار نياز پنهور. قسم کڻي ٿو چوان هاڻي دنيا اندر ٻه چار جيڪي منهنجا دوست وڃي رهيا آهن، انهن منجهان هي هڪڙو نياز به آهي، ۽ اُهو ته جهڙوڪر، منهنجي سِر جو تاج دوست!
ساڻس ساٿ وارن پنهنجن گذريل 35 ورهين ۽ سندس ڪامياب ڪريئر تي مُڙي نظر ٿو وجهان ته هن جي ڪمال ۽ عروج جي پويان اندازو ئي نٿو لڳائي سگهان، ته اِها ڪاميابي نياز جي محنتن جو ثمر؟ يا وري هٿ تريءَ ۾ هن جي ڀاڳ لڪيرن جو ڪو ڪرشمو!“
”نياز پنهور جو ٻاراڻين تنظيمن ۾ ڪردار“ جي عنوان واري مضمون ۾ ناز سنائي، ليکڪ جي شخصيت جي هڪ الڳ پاسي کي بيان ڪيو آهي. گڏوگڏ انهيءَ ۾ هڪ طرح سان سنڌ ۾ ٻارڙن جي تنظيمن جي تاريخ، انهن جي بنيادي مقصد، ڪم، سنڌي ادب جي تخليق، واڌ ويجهه ۾ انهن تنظيمن جو ڪردار ۽ انهن سان لاڳاپيل شخصيتن کي بحث هيٺ آندو آهي. لڳي به ائين ٿو ته نياز جي شخصيت جي تعمير ۾ اهو پڙاءُ به اهم آهي. ناز سنائي جي هن مضمون جو پڇاڙڪو حصو پڙهبو ته ڳالهه چٽي ٿي پوندي:
”ان زماني ۾ مجموعي طور ٻارڙن جي تنظيمن ڪافي ڪم ڪيو. سنڌ جي ٻارڙن ۾ هڪ شعور جو سلسلو پيدا ڪيو ۽ ڪيترائي ان زماني ۾ ٻاراڻين تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ دوست؛ ادل سومرو، اياز گل، مختيار ملڪ، قربان منگي، اڪبر جسڪاڻي، نذير شورو، خدا بخش ابڙو، اسحاق، اشتياق ۽ اخلاق انصاري ڀائر، نياز پنهور ۽ ٻيا سوين اديب ۽ شاعر شامل آهن.
منهنجي ننڍپڻ جي ان يار نياز پنهور قلمي ۽ علمي حوالي سان ايڏي ترقي ڪئي آهي، جو ان تي لکيل مضمونن جو وڏو ڪتاب اچي رهيو آهي. مون کي جڏهن چيو ويو ته مون سوچيو ته نياز گهڻ پاسائون شخص آهي، ان جي ڪيترن ئي پهلوئن تي ڪيترن ئي سندس يارن لکيو هوندو، مان ان جي ٻارڙن جي تنظيمن ۾ ڪيل ڪم جو اکين ڏٺو گواهه آهيان ۽ هو اڄ جيڪو ڪجهه آهي، اهو انهن مرحلن جي آوين مان پچي راس ٿي، ان منزل تي پهتو آهي، تنهنڪري مون رڳو ان جي ان پاسي تي هي رنڍا روڙيا آهن.“
زندگي ۾ هڪ وقت اهڙو اچي ٿو جو ماڻهو پنهنجو جائزو پاڻ ٿو وٺي، اهو هڪ طرح وقت جي آرسيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ آهي، هڪ پڙهندڙ طور منهنجي لاءِ ضروري ٿي پيو ته نياز پنهور جي ڪتاب ۾ ڇپيل سندس تحرير ”زندگي ڇا آهي؟“ جي هن حصي کي هڪ کان وڌيڪ دفعا پڙهان:
”سو، منهنجي ڪجهه زندگي اِها آهي، جيڪا هِن ڪتاب ۾ دوستن لکي آهي. اها ڪيتري ڪارائتي گذري آهي، ڪيتري ڪارائتي ناهي گذري، ان بابت مان پاڻ ڪجهه به نٿو چئي سگهان، پر ايترو ضرور چوندس ته، مون ڪوشش ڪئي آهي ته منهنجي زندگي هڪ اجتماعي ڀلي واري مقصد تحت گذري ۽ اهڙي ڪوشش ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي اٿم. هر ڪم ايمانداريءَ ۽ ذميواريءَ سان ڪيو اٿم، ۽ اڳتي به مون لاءِ اها ئي واٽ آهي، جنهن تي هلندس.“
انهيءَ تسلسل ۾ ڪتاب جي بنهه شروعات ۾ اداري پاران واري ليک ۾ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو چيئرمين پيڪاڪ پبلشرس لکي ٿو:
”هڪ ڀيري ڪيس جي حوالي سان حيدرآباد حاضري تي وڃي رهيو هئس ته سائين نياز پنهور نهايت پنهنجائپ مان فون ڪري چيو ته ”آفتاب دل نه لاهجان، پاڻ کي اڪيلو نه سمجهه، ڪو ڪم ڪار هجي ته مان حاضر آهيان.“ يقين ڄاڻو مان حيران ٿي ويس ته ان شخص سان ته منهنجي ڪابه ويجهڙائي نه آهي پوءِ هو ڪهڙي حوالي سان ڏڍ پيو ڏئي. اڄ سوچيان ٿو ته ڪاش ڪورٽ جي بجاءِ سڌو پنهوارن وٽ وڃان ها ته هوند اڄ پوزيشن ٻي هجي ها!
ڀاءُ نياز! تنهنجو اهو وڙ وسارڻ جهڙو نه آهي. دل ۽ دماغ تي نقش ٿيل آهي. جيسين حياتي آهي، اهي ڳڻ پيا ڳائبا: رُتيءَ جي رهاڻ، نينهن اڙايم نياز سان.“
هڪ عملي انسان ۽ هڪ تخليقڪار طور نياز جي زندگي هڪ ڊگهو پنڌ آهي جيئن پاڻ سندس تحرير ”زندگي ڇا آهي“ ۾ لکيو اٿائين ته اهو پنڌ عمر جي چاليهن سالن تي مشتمل آهي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته: زندگيءَ جي رستي تي جيڪو سفر آهي، اهو ئي دراصل انهيءَ جي منزل هجي ٿي. نياز جو زندگي جي ماڳن ۽ تخليق جي منزلن ڏانهن سفر جاري آهي.
اسان پڙهندڙن کي انهيءَ سفر جو ثمر هڪ نئين ڪتاب جي صورت ۾ جنهن کي پاڻ مڪمل داستان ٿو چوي سندس آتم ڪٿا ”اکين جي تاري کان اکين جي ڪنڊي تائين“ جو انتظار آهي. علم، فن ۽ صحافت سان لاڳاپيل شخص جو پنهنجي حياتي متعلق ڪتاب يقينن اهم هوندو. ڏسون ٿا ڪٿاڪار اسان کي ڪيترو اوسيئڙو ٿو ڪرائي.
نياز پنهور شاعر آهي. صحافت ۾ هن جو قابل قدر ڪريئر آهي پر هو سٺو نثر نويس پڻ آهي. تز نثر سان گڏ، هُو جڏهن انهيءَ ۾ مزاح کي گڏي ٿو ته هڪ نثر نويس طور هن جي الڳ سڃاڻپ ٺهي ٿي. هڪ ليکڪ جو پنهنجي تحرير جو جُدا ڍنگ ۽ اسلوب انهيءَ جي ملڪيت هجي ٿي.
جامي چانڊيو جون اسان جي ليکڪ بابت هي سٽون ڏسو: ٿورين سٽن ۾ شخص ۽ ليکڪ متعلق راءِ ۾ هن ڄڻ نياز پنهور کي مطلق بيان ڪري ڇڏيو آهي:
”نياز پنهور سنڌ جو هڪ ناميارو شاعر، بيحد تجربيڪار ۽ معتبر صحافي ۽ سڄاڻ اديب آهي. هڪ ئي وقت اهي ٽي منفرد سڃاڻپون، معيار سان قائم رکڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي، پر اسان جي پياري دوست نياز پنهور اهي ٽيئي سڃاڻپون نه رڳو قائم رکيون آهن، پر انهن جي انفراديت ۽ معيار کي پڻ قائم رکيو آهي. وڏي ڳالهه ته انهن ٽنهي سڃاڻپن سان گڏ هو هڪ پيشه ور ۽ ڪميٽيڊ استاد به آهي. ايترن گهڻن شعبن جو توازن نياز پنهور جهڙو هڪ منظم ۽ جاکوڙي انسان ئي قائم رکي سگهي ٿو. منهنجي نظر ۾ ان جو سبب هن جو سخت جاکوڙي مزاج آهي.“
ڪتاب جي سرورق جي فليپ تي ڊاڪٽر رخسانه ”پريت“ جون هي سٽون پڙهجن ٿيون ته ليکڪ متعلق هڪ راءِ جڙي ٿي ته هن زندگي ۽ فن جي رنگ منچ تي موجود رهڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪئي آهي:
”نياز پنهور صاحب جي حياتي ۽ قلمي سفر بابت لکيل هن ڪتاب ”زندگيءَ جي اڌوري ڪٿا“ ۾ مختلف ليکڪن جي يادگيرين، لاڳاپن، محبتن، ميارن، ڏکن ۽ سرهاين سان گڏ زندگي گذارڻ واري جدوجهد ۽ خوابن ۽ حسرتن جا سوين چِٽا توڙي مبهم اولڙا موجود آهن، سنڌ جي ناميارن اديبن/شاعرن، دانشورن ۽ صحافين نياز پنهور صاحب کي هنڌان هنڌان ميڙي مُٺ ڪري، سندس زندگيءَ جي مختلف پهلوئن ۽ لکڻين تي لکي، کيس ٽريبيوٽ پيش ڪيو آهي.
نياز پنهور جي شخصيت ۽ علمي، ادبي ۽ صحافتي ڪم تي مشتمل هي اهم ڪتاب ”زندگي جي اڌوري ڪٿا“ پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي ڇپايو آهي.
***

