بلاگ

اچو ته البانيا گهمون (قسط-16)

ڪورچہ جون ڪامڻيون

هاڻي تقريبن هڪ ٿيو آهي، سوچيم ته اُن کان اڳ جو ڪورچه جو نيشنل ميوزم آف ميڊيول آرٽ (Medieval Art)، مراهوري مسجد، آرڪيالاجيڪل ميوزم، البانين جو سندن پنھنجي ٻولي جو پھريون اسڪول وغيرہ ڏسجي، اڄ اتي ئي سينٽ جارج بوليوارڊ جي ننڍڙين ديوارن لڳل ريسٽورنٽس مان ئي ڪنهن هڪ ريسٽورنٽ (Hut) جي کليل ماحول ۾ ماني کائي پيٽ جو اونو لاهجي. سو پاڻ اچي ويٺا آهيون اهڙي ئي هڪري هٽ نما ريسٽورنٽ ۾ جنهن ۾ ڪرسي تي ويهي، اندر توڙي چئني طرف ٻاهر جي چهل پهل کي به پسي سگهجي ٿو. ويٽر کي ماني جو آرڊر ڏئي پاڻ ڏسي رهيا آهيون، ريسٽورنٽ جي اندرئين ۽ ريسٽورنٽ کان ٻاهر جي جهان کي. پريان آرٿوڊاڪس ڪئٿيڊرل به نظر اچي پئي، جنهن الاهجي ڪيترا سج لهندي ۽ اُڀرندي ڏٺا هوندا! هتي بہ ڪئين عقيدتمند پالڻهار جي پوڄا ۾ سر به سجود ٿيا هوندا ته ڪئين مت جا موڙها، پروهتن ۽ پيشوائن جي ور چڙهي وهمن وسوسن جو شڪار به ٿيا هوندا؟ اُن جي اڳيان کڙو ٿيل جنگجو سپاهي جو مجسمو ياد ڏياري ٿو، انهن گمنام سپاهين جيِ، جيڪي وطن جي ويڙهاند ۾ سر ڏيئي سوڀارا ٿيا، جن جي ٻليدان جي طفيل اڄ البانيا آزاد هوا ۾ ساهه کڻي رهيو آهي. چئني طرف کليل هٽ ريسٽورنٽ کان ٻاهر هٿ ڪڍڻ سان برف جي ڦڙن (قطرن) جو ڇهاءُ ائين من کي وڻندڙ ۽ راحت پھچائيندڙ محسوس ٿئي ٿو جيئن سندر سپنن جي سار. هر طرف زندگي پنهنجي ڊگر تي روان دوان آهي.

هلڪي برفباري جي ڪري ڪي ماڻھو پنهنجين ڇٽين جي سائي ۾ هلي رهيا آهن ته ڪي وري برف ۾ ڀڄندي. روڊن تي مختلف رنگن ۽ ڊزائنن جا روايتي، ڪلچرل ۽ جديد لباس پھريل مردن توڙي عورتن جي چڱي خاصي چھل پھل جاري آھي. پينٽ، شارٽس (چڊا)، شرٽ، ڪوٽ يا اوورڪوٽ مردن کي ته ٺهي ٿو، پر يار عورتن کي جسم تي اڃان به وڌيڪ جچي ٿو. ممڪن آهي ته هڪ مرد هئڻ ناتي عورت ڏانهن فطري طور ڇڪجڻ به منهنجي ان راءِ جو هڪ سبب (ڪارڻ) هجي. پر يار حقيقت اها آهي ته البانيا جون عورتون آهن ڏاڍيون سهڻيون. چوندا آهن ته، ”خدا جب حسن ديتا هئي تو نزاڪت آ هيِ جاتي هئي،“ سو هڪ ته ڏاڍيون حسين آهن ۽ ٻيو وري خوش مزاج به، جنهن سان به ڳالهايو يا ڄاڻ وٺڻ چاهيو ته مُرڪي ڳالهائنديون ۽ گائيڊ ڪنديون. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزي مشڪل سان ئي سمجهن ٿيون، بس حسينائن جي مڌر آواز جو سرور ضرور محسوس ٿئي ٿو، باقي اُنھن کان پڇڻ مان ڪو فائدو ڪونه ٿو ٿئي. پاڻ جي هونئن پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن کان ڏس پتو پڇون ۽ وري جي اُن (اڳلي) جي ڳالهه نه سمجهون ته نه صرف اجايو وقت وڃائڻ جو احساس ٿيندو آهي، پر دل چوندي آهي ته اُن کي ڪا ٺاهوڪڙي گار بہ رکي ڏجي. پر هنن حسينائن تي ڪنهن بدذوق کي ئي ڪاوڙ ايندي! حسن وارن جي بيوقوفي ۾ به ماکي جهڙي مٺاس ڀريل ھوندي آهي. هڪڙو ريسٽورنٽ جي اندر سوم رس جو چشڪو ۽ ٻيو ٻاهر سوم رس سان ڌوتل سندرين جي چهل پهل ۽ ٽيون جهڙالي موسم ۽ هلڪي برفباري، ته پوءِ ڪيئن ٿا ڀانيو، ”دهل وڄي ۽ دوسو نه نچي؟“ برف جا قطرا (ڦڙا) جڏهن نازينن جي وارن، چپن ۽ ڳلن کي ڇهي کيڏڻ لڳن ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته اُڀ جي اپسرائن جون ته رڳو ڳالهيون آهن، اصل سرڳ ته هتي آهي. ان ماحول ۾ مون کي سنڌ جي سرموڙ شاعر سرويچ سجاولي جو ڀلوڙ فنڪار الهڏني خاصخيلي جي آواز ۾ ڳايل گيت ياد پوي ٿو:

جنت الفردوس آهن،

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

سرما وجهي ڏيئي ڦڻيون،

پاڻي ڀرڻ لئه پدمڻيون،

هيڏن ڪنڌن سان ڪامڻيون،

ڪن کي نٿون، ڪن وينجهڙا،

سر تي سمورين سينهڙا،

گجرين ڀريا پاڻي گهڙا،

ڪن ڪڇ تي، ڪن ٻيلڙا،

هُو لاڏ مان لڏنديون اچن،

ڏس لاڏيون مهراڻ جون.

جنت الفردوس آهن،

ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

سرويچ سجاولي ته هو هڪ شاعر ۽ هن جو پنهنجي وطن ۽ ان جي هر شئي سان پيار هئڻ فطري هو. ممڪن آهي ته هُن پنهنجي ديس سان محبت جي فطري جذبي جي پسمنظر ۾ اها شاعري رچي هجي، يا هُن مهراڻ جي ٻنهي ڪنڌين تي ڪڏھن اهڙو منظر ۽ ماحول پسيو هجي ۽ اهو مشاهدو هُن جي اهڙي خوبصورت شاعري جي سرجڻ جو ڪارڻ بڻيو هجي!؟ پر مون جنهن مهراڻ کي ڏٺو آهي، اهو ته ويران ۽ برباد آهي. سجاول ۾ پنهنجي نوڪري جي ڊگهي عرصي ۾ مون سنڌو درياهه جا تقريبن سڀ پاسا ۽ علائقا گهمي ڏٺا آهن، مون کي ته اتي رڳو واري اڏامندي نظر آئي آهي. هِتي جي سانگياڻين جي سينڌ به سنڌو درياهه جيئن اجڙيل آهي. مھراڻ جون ٻئي سڪل ڪنڌيون آلين اکين، ڏٻرن ڏيلن، جهريل جهوپن ۽ اُجهاڻل چُلھن جو اُگھاڙو داستان ٻڌائيندي جيءُ جھوري وجھن ٿيون. جتي بک ۽ سڃ پئي واڪا ڪري اتي ڪهڙيون پدمڻيون سرما وجهي چاڳ مان ڪڏنديون هونديون؟ منهنجي خيال ۾ اها شاعر جي آشا آهي ته منهنجي ڌرتي به اهڙي هجي جنهن ۾ اهڙو ماحول هجي ۽ هر چهري تي سرهائي هجي. اسين غلامي سبب تباهه ۽ برباد ته ضرور ڪيا ويا آهيون، پر اسان کي ۽ خصوصن هڪ شاعر کي سونهن ۽ سرهاڻ سان ڀريل اهڙا سندر خواب ڏسڻ کان ڪو جابر، آمر يا رهزن ڪڏھن بہ روڪي ناھي سگهيو. بھرحال ھِن وقت حقيقت اھا اِهي ته پنهنجي وطن ۾ اھڙا سونهن ڀرين سندرين جا منظر خير ڪا آھن ۽ فقط شاعرن جي خوابن ۾ ئي جلوا پذير آهن، باقي هِتي ته يار سونهن جا مٽ ڀريا پيا آهن. گهٽ ٻوسٽ کان پاڪ کلئي ۽ آزاد ماحول ۾ سونهن ۾ به نکار اچي وڃي ٿو. لڳي ٿو ته اُڀ جو سمورو سرڳ هتي لهي آيو هجي. مون پنهنجي حياتي ۾ دنيا جا چوڏنهن پندرنهن ملڪ ڏٺا آهن، انهن ۾ مونکي آذربائيجان جي سونهن ڏاڍو متاثر ڪيو. پر يار البانيا ملهه ماري ويو. في الحال ته اهو ئي سونهن جو جهان پسيو آهي، اڳتي ڪهڙا عجب اسرار پسڻ لاءِ ملندا ۽ من کي موهيندا ان تي هينئر ڳالهائڻ قبل از وقت ٿيندو.

هاڻي ويٽر ٽيبل تي اچي ماني لڳائي آهي، اڃا ٽيبل تي لڳل ماني مان هڪ گراهه به مس کاڌو آهي ته ٻاهر تيز بارش وسڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ روڊن تي مينھن کان بچڻ لاءِ ڊوڙ ڊڪ شروع ٿي وئي آھي. ڏسندي ڏسندي، هي سارو جهان گم ٿيڻ لڳو آهي ۽ باقي پويان بچيا آهن، خالي رستا ۽ انهن تي تيزي سان وهندڙ بارش جو پاڻي. هاڻي ماني کائڻ ۾ ڪا تڪڙ نه هئي، ڇاڪاڻ جو جيستائين مينهن بند نه ٿئي، ٻاهر نڪرڻ ممڪن ئي نه هو. سو سڪون سان ويهي ماني کاڌي ۽ پوءِ مٿان ڪافي ۽ سگريٽن جا ڪش مٿي ڪش. منهنجي سامهون ويٺل ليڊي به سگريٽ جون ڄڻ دونهيون دکايو ويٺو هو. سگريٽن مان اٿندڙ دونهان فضا ۾ هڪ ٻئي جي پويان تجريدي آرٽ ٺاهيندا ۽ ڊاهيندا پي ويا. ريسٽورنٽ اندر به جوانن توڙي جوانڙين جو کاڌي پيتي دوران ڪچهري جو ماحول برپا هو. ڪنهن ٻوڙ مان گراهه ڀري ته ڪنهن وري سوم رس جي چسڪي مان مزو ٿي ورتو ته ڪنهن وري شيشي (پاڻ واري پراڻي حقي اسٽائل) مان وڏا ڪش ڀري سرور پي حاصل ڪيو. اڀ ۾ ڪارن ڪڪرن (ڪاروڪارونڀار) سبب هيٺ ڌرتي تي به اوندهه پنهنجا پر ڦهلائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.

ڪورچه جي آس پاس پزاري (Pazari)، ووسڪوچ (Voskopje) ۽ دارد (Dardha) وغيره جهڙا ننڍا وڏا ڪافي ڳوٺ آهن، جيڪي پنهنجي فطري سونهن، تاريخ ۽ آرڪيالاجيڪل سائنس جي حوالي کان ڏسڻ جهڙا آهن. پر انهن کي ڏسڻ لاءِ ضروري هو ته رات ڪورچه ۾ گذارجي. جيئن ته پنهنجي البانيا کان ٻئي ڏينهن (سڀاڻي) واپسي طئه هئي، انهي ڪري انهن کي ڏسڻ ممڪن نه هو. پر حيرت جي ڳالهه اها ٿي ته جيڪي جڳهيون ڪورچه ۾ ڏسڻيون هيون، اهي به ڪونه ڏسي سگهياسين، ڀلا بارش بيهڻ جي ڪري ته ڪيڏانهن نڪرجي. هتي پنجين بجي شام جو ميوزم بند ٿيو وڃن، بارش ڪافي دير سان بند ٿي انهي ڪري نه ته البانيا جو پراڻو ۽ پهريون الباني ٻولي جو اسڪول، ڪورچه جو پراڻو شهر، مراهوري مسجد (Mirahori Mosque) ۽ نه ئي ٻيون آرڪيالاجيڪل سائٽس ڏسي سگهياسين. اڄ بي رحم موسم به پاڻ سان اها حالت ڇڏائي جيڪا وڏيرا پاڻ سان اليڪشن ۾ واعدا ڪري پوءِ ناياب (گم) ٿي ويندا آهن. آئون توهان کي پهرين ئي ٻڌائي آيو آهيان ته ڪورچه سازن ۽ سرن جو شهر آهي. هتي رات جي وقت ۾ آرٽ ۽ ڪلا سان لاڳاپيل پروگرام ٿين ٿا. پر موسم ۽ اڳتي جي سفر کي ذهن ۾ رکندي جيئن ئي ٽن چئن ڪلاڪن کان پوندڙ بارش بند ٿي ته هلڻ جي ڪئيسين.

اسانجي گاڏي هاڻي ڪورچه جي رستن تي ڊوڙي رهي هئي. جيتوڻيڪ بارش تمام گهڻي پئي  هئي ۽ اھو ھِتي جو عام معمول آھي، پر روڊن تي نه گپ چڪ ۽ نه ئي ڪٿي پاڻي جمع ٿيل (بيٺل) نظر آيو. اهو هتي جي اهل حڪمرانن جي منصوبه بندي ۽ ترقياتي ڪمن جي ڪارگذاري جو ڪمال هو. پاڻ وٽ جي خدانخواسته اهڙي بارش پئي ها ته ٻه ٽي ڏينهن گهرن ۽ شھرن مان نڪرڻ ئي محال ٿي پوي ها، انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو هجي ها ۽ حڪمران پرڏيهي امداد (خيرات) لاءِ اپيل ڪندي دير ئي نه ڪن ها ۽ پوءِ ڪرپشن جو هڪ نئون منافعي بخش ڪاروبار کلي پوي ها. حڪمرانن جا ڀڀ ڀرجي وڃن ها، باقي رهيا ماروئڙا ۽ جهانگيئڙا اُهي اڳي کان ڪجهه سوايو عذاب ڀوڳين ها. پاڻ وٽ سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”مينهن وسي ٻه ڏينهن ته ڇنا ٽمن ڇهه ڏينهن.“ هتي جي ماڻهن کي جي اِها چوڻي ٻڌائجي ته کلي کلي کيرا ٿي پون، ڇو جو بهتر انفرا اسٽرڪچر هئڻ سبب هتي بارش جي اهڙي ويڌن هنن ويچارن ڏٺي ئي ناهي.

ٿوري دير ۾ پاڻ واري گاڏي شهر مان گذري ترانا ڏانهن ويندڙ مکيه شاهراهه تي چڙهي چڪي ھئي. هاڻي اسانجي ٻنهي پاسي ۽ سامهون جبل ۽ واديون هيون، جيڪي هونئن ته اونداهه سبب نظرن کان اوجهل هيون، پر گاڏي جي پوندڙ روشني تي نظر آيون ٿي. ڪيڏي ڪيڏي مهل گاڏي جي جبلن سان لڳ هلڻ جي ڪري پڙاڏي جيان پيدا ٿيندڙ آواز ڪنن تائين پهتو ٿي نه ته ٻيو مڙئي ٿيو خير. باقي گاڏي جي اندر وڄندڙ موسيقي پنهنجي مستي ڏيکاري رهي هئي. پاڻ جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ٻارن جي لاءِ هڪ پروگرام  ايندو هو، شايد پروگرام جو نالو هو ”ٻارڙن جي ٻاري؟“ ان ۾ ماما ملوڪ جي آمد ڪجهه هيئن ٻڌبي هئي، ”هلندي هلندي گهمندي ڦرندي، ماما ملوڪ اچي ويو،“ ۽ پوءِ ٻارڙا ان کي ڏسي گد گد (خوش) ٿيندا هئا. سو پاڻ به الباني ۽ انگريزي گانا ٻڌندا ٽي ڪلاڪ جو ڪورچه کان سفر ڪري نيٺ ترانا پهچي ئي وياسين.