بلاگ

ڪهاڻي: ڪاري سٿڻ
سعادت حسن منٽو

دھليءَ ۾ اچڻ کان اڳي، ھوءَ انباله ڇانوڻيءَ ۾ ھئي، جتي ڪيترا ئي گورا سندس گراھڪ ھئا. انھن گورن سان ميل جول جي ڪري ئي ھوءَ انگريزيءَ جا ڏھ پندرنھن جملا سکي وئي ھئي. انھن کي عام ڳالھائڻ ۾ استعمال ڪا نه ڪندي ھئي. ليڪن جڏھن ھتي آئي ۽ سندس ڪاروبار نه ھليو ته ھڪ ڏينھن پنھنجي پاڙيسرڻ طمنچا جان کي چيائين؛ ”دس لَيف.. ويري بيڊ. يعني ھيءَ زندگي ڏاڍي خراب آھي، جڏھن ته کائڻ لاءِ به ڪجھ نه ٿو ملي.“

انباله ڇانوڻيءَ ۾ سندس ڌنڌو ڏاڍو متل ھو. ڇانوڻيءَ جا گورا شراب پي وٽس ايندا ھئا ۽ ٽن چئن ڪلاڪن ۾ اٺن ڏھن گورن کي اڪلائي، ويھ ٽيھ رپيا ڪمائي وٺندي ھئي. اھي گورا سندس ھم وطنين جي ڀيٽ ۾ ڀلا ھئا. ان ۾ ڪو به شڪ ناھي ته ھو اھڙي ٻولي ڳالھائيندا ھئا جنھن جو مطلب سلطانه کي سمجھ ۾ نه ايندو ھو. مگر سندن زبان کان اڻڄاڻائي، سندس حق ۾ ڏاڍي سٺي ثابت ٿيندي ھئي. جيڪڏھن ھو کانئس ڪجھ رعايت گھرندا ھئا ته ھيءَ چوندي ھين؛ ”صاحب! منھنجي سمجھ ۾ تنھنجي ڳالھ نه ٿي اچي.“ وري جيڪڏھن ھو ساڻس ضرورت کان وڌيڪ ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪندا ھئا ته ھيءَ پنھنجي ٻوليءَ ۾ گاريون ڏيڻ شروع ڪندي ھين. ھو حيرت مان سندس ٻوٿ ئي تڪيندا ھئا، ته مٿئون ھيءَ چوندي ھين؛ ”صاحب! تون پھرئين نمبر جو الوءَ جو پٺو آھين، حرامي آھين! سمجھئي!“ اھو چوڻ وقت ھوءَ لھجي ۾ سختي پيدا نه ڪندي ھئي، بلڪ ڏاڍي پاٻوھ مان ساڻن ڳالھائيندي ھئي. گورا کلي ڏيندا ھئا ۽ کلڻ وقت ھو سلطانه کي بلڪل الوءَ جا پٺا ئي نظر ايندا ھئا.

مگر ھتي دھليءَ ۾ ھوءَ جڏھن کان آئي ھئي، ھڪ به گورو وٽس نه آيو ھو. ٽي مھينا کيس ھندستان جي ھن شھر ۾ رھندي گذري ويا ھئا، جتي ھن ٻڌو ھو ته وڏا وڏا لاٽ صاحب رھندا آھن، مگر صرف ڇھ ماڻھو وٽس آيا ھئا. صرف ڇھ. يعني مھيني ۾ ٻه. وري انھن ڇھن گراھڪن کان، خدا ڪوڙ نه ڳالھرائيندو، ساڍا ارڙھن روپيا مليا ھئس. ٽن رپين کان مٿي ڪنھن به نه پئي مڃيو. سلطانه منجھانئن پنجن ماڻھن کي پنھنجو اگھ ڏھ رپيا ٻڌايو ھو، مگر تعجب جي ڳالھ آھي منجھانئن ھر ھڪ اھو ئي چيو؛ ڀائي اسان ٽن روپين کان مٿي ڪوڏي به نه ڏينداسون. الائي ڪھڙي ڳالھ ھئي جو منجھانئن ھر ھڪ کيس ٽن رپين لائق ئي سمجھيو. جيتوڻيڪ جڏھن ڇھون آيو ھن پاڻ کيس چيو؛ ”ڏس! مان ٽي رپيا ھڪ وقت جا وٺندس. ان کان ھڪ رتي به تون گھٽ چوندين ته مان نه وٺندس. ھاڻ تنھنجي دل چوي ته ويھ، دل نه چوئي ته وڃ!“ ڇھين ھمراھ، اھو ٻڌي لاھو گاھو ڪيو ئي ڪو نه ۽ وٽس ترسي پيو. جڏھن ٻئي ڪمري ۾ … دروازو بند ڪري پنھنجو ڪوٽ لاٿائين ته سلطانه چيس؛ ”ڪڍ رپيو کير جو.“ ان رپيو ته نه ڏنس ليڪن نئين بادشاھ جي چمڪندڙ پائلي، کيسي مان ڪڍي کيس ڏنائين ۽ سلطانه چپ چپات ۾ ورتس ته ٺيڪ آ، جيڪو آيو سو مال غنيمت آ.

ساڍا ارڙھن رپيا مھيني تي، ٽن مھينن ۾… ويھ رپيا مھينو ته سندس ڪوٺڙيءَ جو ڪرايو ھو، جنھن کي مالڪ انگريزيءَ ۾ فلئٽ سڏيندو ھو. انھيءَ فلئٽ ۾ ڪاڪوس خانو اھڙو ھو جنھن ۾ زنجير ڇڪڻ سان سڄي ڪرفٽي، پاڻيءَ جي زور تي ھڪدم موريءَ ۾ گم ٿي ويندي ھئي ۽ وڏو شرڙاٽ ٿيندو ھو. شروع شروع ۾ ته ان شرڙاٽ، کيس ڏاڍو ڊيڄاريو ھو. پھرئين ڏينھن جڏھن پيٽان ويھڻ لاءِ انھيءَ پُئيءَ ۾ وئي ته سندس چيلھ ۾ ڏاڍو سور ٿيو پئي. پيٽان ھلڪي ٿي، جڏھن اٿڻ لڳي ته لڙڪندڙ زنجير جي ٽيڪ جو سھارو ورتائين. ان زنجير کي ڏسي کيس اھو خيال ۾ آيو ته جيئن ته ھي گھر خاص طور تي اسان جھڙن ماڻھن جي رھائش جي لاءِ تيار ڪيا ويا آھن، تنھنڪري اھا زنجير ان لاءِ لڙڪايل آھي ته اٿڻ وقت تڪليف نه ٿئي ۽ سھارو ملي وڃي. مگر جيئن ئي زنجير کي ھٿ سان پڪڙي اٿڻ جي ڪيائين ته مٿي کڙ کڙ جو آواز ٿيو ۽ پوءِ ھڪدم پاڻي اھڙي شرڙاٽ سان ٻاھر نڪتو جو ڀؤ ۾ کانئس ڪيڪ نڪري وئي.

خدابخش، ٻئي ڪمري ۾ پنھنجي فوٽوگرافيءَ جو سامان ٺيڪ ٺاڪ ڪري رھيو ھو ۽ ھڪ صاف ٿيل شيشي ۾ ھائيڊرو ڪونين اوتي رھيو ھو جو سلطانه جي ڪِيڪ جو آواز ٻڌي ڊڪندو ٻاھر نڪتو ۽ سلطانه کان پڇڻ لڳو.. ”اھا ڪِيڪ تنھنجي ھئي؟!“

سلطانه جي دل دھڪي پئي. ”اھا موپياس پُئي آھي ڇا…. وچ ۾ ريل جي دٻن وانگر زنجير ڇا لاءِ لڙڪائي ڇڏي اٿن. منھنجي چيلھ ۾ سور ھو، پر انھيءَ مئيءَ زنجير کي چورڻ سان اھڙو ڌماڪو ٿيو جو مان تو کي ڇا ٻڌايان.“

انھيءَ تي خدابخش ڏاڍو کليو ھو. پوءِ سلطانه کي ته ان ڪاڪوس خاني بابت سڀ ڪجھ ٻڌايو ھيائين ته اھي نوان فيشن آھن. جن ۾ زنجير لوڏڻ سان سموري ڪرفٽي ھيٺ زمين ۾ ھلي ويندي آھي.

خدابخش ۽ سلطانه جو پاڻ ۾ سنٻنڌ ڪيئن ٿيو، اھا به ھڪڙي ڊگھي ڪھاڻي آھي. خدابخش راولپنڊيءَ جو ھو. انٽرنس/ميٽرڪ پاس ڪرڻ پڄاڻان، لاري ھلائڻ سکيو. جنھنڪري چئن سالن تائين راولپنڊيءَ ۽ ڪشمير جي وچ ۾ لاري ھلائڻ جو ڪم ڪندو رھيو. جنھن کانپوءِ ڪشمير ۾ سندس ھڪ عورت سان سنگت ٿي وئي. کيس ڀڄائي لاھور کڻي آيو. لاھور ۾ جيئن ته کيس ڪو ڪم ڪار نه مليو، ان ڪري ان ئي عورت کي پيشو ڪرڻ تي لڳائي ڇڏيائين. ٻه ٽي سال ته اھو سلسلو ھليو، نيٺ اھا عورت وجھ وٺي ڪنھن ٻئي سان ڀڄي وئي. خدابخش کي سڻس پئي ته اھا انباله ۾ آھي ته کيس انباله ۾ ڳولڻ لاءِ آيو. کيس سلطانه ملي وئي. سلطانه کي پسند اچي ويو. تنھنڪري ٻنھي جو سنٻنڌ ٿي ويو.

خدابخش جي اچڻ سان سلطانه جو ڪاروبار ھڪدم چمڪي پيو. عورت جيئن ته عقيدن جي ڪمزور ھوندي آھي، ان ڪري ان سمجھيو ته خدابخش وڏو ڀاڳ وارو آھي، جنھن جي اچڻ سان ايڏي ترقي ٿي آھي. ان خوش اعتقاديءَ، خدابخش جي وقعت، سندس نظرن ۾ اڃا به وڌائي ڇڏي.

خدابخش محنتي ھو. سڄو ڏينھن ھٿُ ھٿَ تي رکي ويھڻ کي پسند نه ڪندو ھو. جنھنڪري ھن ھڪڙي فوٽوگرافر سان دوستي وڃي رکي، جيڪو ريلوي اسٽيشن جي ٻاھران منٽ ڪئميرا سان فوٽو ڪڍندو ھو. کانئس ھن فوٽو ڪڍڻ سکي ورتو. پوءِ سلطانه کان سٺ رپيا وٺي، ڪئميرا به خريد ڪئي. آھستي آھستي ھڪڙو پردو به ٺهرايو. ٻه ڪرسيون ورتيون ۽ فوٽن صاف ڪرڻ جو سڄو سامان وٺي، ھن پنھنجو نويڪلو ڌنڌو شروع ڪيو.

ڌنڌو ھلي پيو ته ھن ٿوري عرصي پڄاڻان پنھنجو اڏو انباله ڇانوڻيءَ ۾ وڃي ٺاھيو. اتي ھو گورن جا فوٽو ڪڍندو ھو. ھڪڙي مھيني جي اندر ئي اندر، ڇانوڻيءَ جي ڳچ ماڻھن سان واقفيت ٿي ويس، جنھن ڪري ھو سلطانه کي اتي وٺي ويو. ھتي ڇانوڻيءَ ۾ خدابخش جي واسطي سان ڪيترا ئي گورا سلطانه جا گراھڪ ٿي پيا ۽ سندس ڪمائي اڳي کان ٻيڻي ٿي پئي.

سلطانه ڪنن جون واليون خريد ڪيون. ساڍن پنجن تولن جون اٺ چوڙيون به جوڙايائين. ڏھ پندرنھن ڀَلَ ڀليون ساڙھيون به ڪٺي ڪيائين. گھر ۾ فرنيچر وغيره به اچي ويو. قصو ڪوتاھ ته ھيءَ انباله ڇانوڻيءَ ۾ وڏي خوشحال ھئي. مگر اوچتو ئي اوچتو خدابخش جي دل ۾ الائجي ڇا اچي ويٺو جو دھليءَ وڃڻ تي ضد ٻڌي بيھي رھيو. سلطانه نھڪر ڪيئن پئي ڪري سگھي، جڏھن ته ھن خدابخش کي پنھنجي لاءِ ڀاڳ وارو پئي سمجھيو. ھن به خوش ٿي دھلي ھلڻ قبول ڪيس. بلڪه ھن اھو به سوچيو ته ايڏي وڏي شھر ۾ جتي لاٽ لاٽ ٿا رھن، تتي سندس ڌنڌو اڃا به نکري پوندو. پنھنجي ساھيڙين کان دھلي شھر جي تعريف ٻڌي چڪي ھئي. ٻيو ته اتي حضرت نظام الدين اولياءَ جي درگاھ ھئي، جنھن سان سندس وڏي عقيدت ھئي. جنھنڪري جلديءَ ۾ گھر جو ڳؤرو سامان سڙو وڪڻي سڪڻي خدابخش سان دھليءَ ھلي آئي. ھتي پھچي، خدابخش ويھن رپين ۾ مھيني تي ھڪڙو فليٽ ورتو، جنھن ۾ ٻئي رھڻ لڳا.

ھڪ ئي قسم جي نون گھرن جي لانڍ رستي جي ڪناري ڪناري سان ھلي وئي. ميونسپل ڪاميٽيءَ شھر جو اھو حصو مخصوص طور تي ڪاسبين جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو ھو ته جيئن ھو شھر ۾ ھنڌ ھنڌ تي پنھنجا اڏا نه اڏائين. هيٺان دڪان ھئا ۽ مٿان ٻه منزلا رھائشي فليٽ ھئا. جيئن ته سموريون عمارتون ساڳي ئي ڊزائين جون ھيون، تنھنڪري شروع شروع ۾ سلطانه کي پنھنجو فليٽ ڳولڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي محسوس ٿيندي ھئي، پر جڏھن ھيٺ ڌوٻيءَ پنھنجو بورڊ گھر جي مھاڙيءَ تي ھڻي ڇڏيو ته کيس ھڪڙي پڪي نشاني ملي وئي. ”ھتي ميرا ڪپڙا ڌوپندا آھن.“ اھو بورڊ پڙھندي ئي ھوءَ پنھنجو فليٽ ڳولي لھندي ھئي.

اھڙي نموني ھن ٻيون به ڪيتريون ئي نشانيون ٺاھي ڇڏيون ھيون. مثال طور وڏن وڏن اکرن ۾ جتي ”ڪوئلن جو دڪان“ لکيل ھو اتي سندس سنگتياڻي ھيرا بالي رھندي ھئي، جيڪا ڪڏھن ڪڏھن ريڊيو تي ڳائڻ ويندي ھئي. جتي ”شرفاءَ لاءِ کائڻ جو انتظام“ لکيل ھو، سندس ٻي سھيلي مختار اتي رھندي ھئي. نھور جي ڪارخاني جي مٿان انوري رھندي ھئي، جيڪا ان ئي ڪارخاني جي سيٺ وٽ نوڪرياڻي بيٺل ھئي. جيئن ته سيٺ صاحب کي رات جي وقت به ڪارخاني جي سارسنڀال لھڻي ھوندي ھئي، ان ڪري ھو رات جو انوريءَ وٽ ئي رھندو ھو.

دڪان کولڻ سان گراھڪ ٿورو ئي ايندا آھن. جنھنڪري، جڏھن مھيني تائين سلطانه بيڪار ويٺي ھئي ته ھن اھو ئي سوچي، پنھنجي دل کي آٿت ڏنو، پر جڏھن ٻه مھينا گذري ويا ۽ ٻيو ڪو به سندس ڪوٺي تي نه آيو ته کيس ڳڻتي ٿي پئي. خدابخش کي چيائين؛ ”ڇا ڳالھ آ خدابخش! ٻه مھينا اڄ پورا ٿي ويا آھن، اسان کي ھتي آئي. ڪنھن ھيڏانھن جو رخ ئي نه ڪيو آھي… مڃان ٿي ته اڄڪلھ بازار ڏاڍي مندي آھي، پر ايتري به ناھي جو مھيني سڄي ۾ ڪو شڪل ڏسڻ به نه اچي.“ خدابخش کي به اھا ڳالھ گھڻي عرصي کان کٽڪي پئي، پر چپ ھو. جڏھن سلطانه پاڻ ڳالھ چوري تنھن تي ھن چيس؛ ”مان پاڻ ان بابت ڪيترن ڏينھن کان سوچ ۾ آھيان. ھڪڙي ڳالھ منھنجي سمجھ ۾ آئي آھي سا اھا ته مال ميڙڻ ۾ پوڻ سبب ماڻھو ڀڄي وڃي ٻين ڌنڌن ۾ پيا آھن ۽ ھتان جو رستو وساري ڇڏيو اٿائون… يا پوءِ ٿي سگھي ٿو ته..“

ھو ان کان اڳتي ڪجھ چوڻ وارو ئي ھو جو ڏاڪڻين تي ڪنھن جي چڙھڻ جو کڙڪو ٿيو. خدابخش ۽ سلطانه ٻنھي ان کڙڪي ڏانھن ڌيان ڏنو. جھٽ کن کانپوءِ دروازو کڙڪيو. خدابخش ڀڙڪو ڏئي دروازو کوليو. ھڪڙو ھمراهه اندر داخل ٿيو. اھو پھريون گراھڪ ھو، جنھن سان ٽن رپين ۾ سودو طئي ٿيو ھو. ان کان پوءِ پنج ٻيا آيا يعني ٽن مھينن ۾ ڇھ، جن منجھان سلطانه صرف ساڍا ارڙھن رپيا وٽيا.

ويھ رپيا مھينو ته فليٽ جي ڪرائي ۾ ھليا ويندا ھئا. پاڻيءَ جو ٽيڪس ۽ بجليءَ جو بل تنھن کانسواءِ ھئا. ان کان علاوھ گھر جا ٻيا خرچ ھئا؛ کائڻ پيئڻ، ڪپڙا لٽا، دوا دارون ۽ آمدني ڪجھ به نه. ساڍا ارڙھن رپيا ٽن مھينن ۾ اچن، تن کي آمدني ته نه سڏبو. سلطانه پريشان ٿي وئي. ساڍن پنجن تولن جون اٺ چوڙيون جيڪي ھن انباله ۾ ٺھرايون ھيون، آھستي آھستي وڪامي ويون. آخري چوڙيءَ جو جڏھن وارو آيو ته ھن خدابخش کي چيو؛ ”تون منھنجي ڳالھ مڃ ۽ موٽي انباله ھل! ھتي ڇا رکيو آھي؟ ڀائي ھوندو! پر اسان کي ته ھيءُ شھر راس نه آيو. تنھنجو ڌنڌو اتي چڱڙو ھلندو ھو. ھل اتي ٿا ھلون. جيڪو نقصان پيو آھي سو پنھنجي سر جو صدقو سمجھ. ھيءَ آخري چوڙي وڪڻي اچ، تيستائين مان سامان سڙو ٻڌي تيار ٿي ڪيان. اڄ رات واري گاڏيءَ ۾ ھتان ھليا ھلنداسين.“

خدابخش چوڙي سلطانه جي ھٿ مان ورتي ۽ چيائينس؛ ”نه! منھنجي جان! انباله ھاڻي نه ھلنداسين. ھتي دھليءَ ۾ رھي ڪمائينداسين. ھي تنھنجون چوڙيون سموري جون سموريون ھتان ئي واپس اينديون. الله تي ڀروسو رک! اھو وڏو ڪارساز آھي. ھتي به ڪو نه ڪو سبب بڻائي ڏيندو.“

سلطانه کڻي ماٺ ڪئي. آخري چوڙي به ٻانھن مان ھلي ويس. ٻُسيون ٻانھون ڏسي، کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، پر ڇا ڪري، پيٽ کي به آخر ڪنھن حيلي سان ڀرڻو ھيس.

جڏھن پنج مھينا ڀريا لنگھي ويا ۽ آمدني خرچ جي ڀيٽ ۾ چوٿائيءَ کان به گھٽ رھي ته سلطانه جي پريشاني اڃا وڌي وئي. خدابخش به سڄو ڏينھن ھاڻي گھر کان غائب رھڻ لڳو. سلطانه کي ان جو به ڏک ھو. ان ۾ ڪو شڪ ناھي جو پاڙي ۾ ساڻس ٻه ٽي ملڻ واريون موجود ھيون، جن سان پنھنجو وقت ڪٽي ويندي ھئي، پر ڏھاڙي وٽن وڃڻ ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھڻ کيس چڱو نه لڳندو ھو. جنھنڪري آھستي آھستي ھن انھن ساھيڙين سان ملڻ جلڻ بلڪل ئي ڇني ڇڏيو. سڄو ڏھاڙو ھوءَ پنھنجي سنسان گھر ۾ ويٺي ھوندي ھئي. ڪڏھن سوپاريون ڪُرٽيندي رھندي ھئي، ڪڏھن پنھنجن پراڻن ۽ ڦاٽل ڪپڙن کي ٽوپو ٽنگو ڪندي رھندي ھئي ۽ ڪڏھن بالڪونيءَ ۾ اچي جھنگلي جي ويجھو بيھي رھندي ھئي ۽ سامھون ريلوي شيڊ ۾ بند يا اسٽارٽ انجڻن ڏانھن بي مطلب ڏسندي رھندي ھئي.

رستي جي ٻئي پاسي کان مال گدام ھو، جيڪو ھِنَ ڪناري کان ھُنَ ڪناري تائين ڦھليل ھو. ساڄي ھٿ تي لوھي ڇت ھيٺان وڏيون وڏيون ڳٺڙيون پيون ھونديون ھيون ۽ ڀانت ڀانت جي مال متاع جا ڍير لڳا پيا ھوندا ھئا. کاٻي ھٿ تي کليل ميدان ھو، جنھن ۾ بي انداز ريل جون پٽڙيون وڇايل ھيون. اُسَّ ۾ اھي لوھي پٽڙيون چمڪنديون ھيون ته سلطانه پنھنجي ھٿن ڏانھن ڏسندي ھئي، جن تي نيريون نيريون رڳون ھوبھو پٽڙين وانگر اڀريل ھونديون ھيون. ان ڊگھي ۽ کلئي ميدان ۾ ھر وقت انجڻيون ۽ گاڏيون ھلنديون رھنديون. ڪڏھن ھيڏانھن، ڪڏھن ھوڏانھن. انھن انجڻين ۽ گاڏين جي ڇڪ ڇڪ ۽ ڦڪ ڦڪ جا آواز ايندا رھندا ھئا. صبح مردان جو جڏھن ھوءَ اٿي بالڪونيءَ ۾ اچي بيھندي ھئي ته کيس نرالو رنگ نظر ايندو ھو. ڌُنڌاڙ ۾ انجڻين جي وات مان گھاٽو ڪارو دُود نڪري ۽ ڪاري آسمان ڏانھن ٿلھن ۽ ڳؤرن ماڻھن وانگر اٿندو نظر ايندو ھو. ٻاڦ جا وڏا وڏا گولا به ھڪڙي عجيب سوسٽ سان پٽڙين تان اٿندا ھئا ۽ ھوريا ھوريان ھوا منجھ وکري ويندا ھئا. وري ڪڏھن ڪڏھن جڏھن ھوءَ گاڏيءَ جي ڪنھن دٻي جنھن کي انجڻ ڌڪو ڏئي اڳتي اماڻيو ھجي ۽ اڪيلو پٽڙين تي ھلندو ڏسندي ھئي ته کيس پنھنجو خيال ايندو ھو. سوچيندي ھئي ته کيس به ڪنھن پٽڙين تي ڌڪو ڏئي ڇڏي ڏنو آھي ۽ پاڻمرادو ھلندي پئي وڃي. ٻيا ماڻھو ڪانٽو پيا مٽائين ۽ ھوءَ ھلندي پئي وڃي… خبر ناھي ڪيڏانھن! وري ھڪڙو ڏينھن اھڙو ايندو جو جڏھن ان ڌڪي جو زور ھوريان ھوريان ڍرو ٿي ختم ٿي ويندو ۽ ھوءَ ڪٿي بيھجي ويندي. ڪنھن اھڙي ھنڌ تي جيڪو اڳي سندس ڏٺل وائٺل نه ھوندو.

ائين ته اجايو سجايو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ريل جي انھن آڏين ترڇين پٽڙين مٿان بيٺل ۽ ھلندڙ انجڻين ڏانھن ڏسندي رھندي ھئي، پر ڀانت ڀانت جا خيال سندس دماغ اندر پيا ڦيراٽيون کائيندا ھئا. انباله ڇانوڻيءَ ۾ جڏھن ھوءَ رھندي ھئي ته ٽيشڻ جي ويجھو ئي سندس گھر ھو. مگر اتي ڪڏھن انھن شين کي اھڙين نظرن سان نه ڏٺو ھيائين. ھاڻ ته رکي رکي سندس دماغ اندر اھو به خيال ايندو ھو ته جيڪو سامھون ريل جي پٽڙين جو ڄار وڇيل آھي ۽ ھنڌان ھنڌان ٻاڦ ۽ دونھون اٿي رھيو آھي، ھڪڙو وڏو چڪلو آھي. ڪيتريون ئي گاڏيون آھن، جن کي چند ٿلھيون موٽيون انجڻيون ھيڏي ھوڏي ڌڪي رھيون آھن. سلطانه کي ڪڏھن ته اھي انجڻيون سيٺيون لڳندا ھئا، جيڪي ڪڏھن ڪڏھن انباله ۾ وٽس ايندا ھئا. وري ڪڏھن ڪڏھن جڏھن ھوءَ ڪنھن انجڻ کي آھستي آھستي گاڏن جي قطار وٽان گذرندو ڏسندي ھئي ته ائين محسوس ڪندي ھئي ته ڄڻ ڪو ماڻھو چڪلي جي ڪنھن بازار منجھان مٿي ڪوٺن ڏانھن واجھائيندو پيو وڃي.

سلطانه سمجھندي ھئي ته اھڙيون ڳالھيون سوچڻ، دماغ جي خرابيءَ سبب آھي. تنھنڪري جڏھن اھڙي قسم جا خيال کيس اچڻ لڳا ته ھن بالڪونيءَ ۾ بيھڻ ئي ڇڏي ڏنو. خدابخش کي ڪيترا ئي گھمرا چيائين؛ ”ڏس! منھنجي حال تي ترس کاءُ! ھتي گھر ۾ ئي رھ! مان سڄو ڏينھن ھتي، بيمارن وانگر پئي ھوندي آھيان.“ مگر ھن ھر گھمري سان سلطانه کي اھو دلاسو ڏئي دلبو ڏنو ته؛ ”منھنجي جان!.. مان ٻاھر ڪمائڻ جي ڳڻتيءَ ۾ پيو ڳران. الله گھريو ته چند ڏينھن ۾ ٻيڙا پار ٿي ويندا.“

ڀريا پنج مھينا لنگھي ويا ھئا، مگر اڃا تائين نه سلطانه جا ٻيڙا پار ٿيا ھئا ۽ نه خدابخش جا.

محرم جو مھينو مٿان ھو، مگر سلطانه وٽ ڪارا ڪپڙا وٺڻ لاءِ ڪجھ به نه ھو. مختيار، ليڊي ھيملٽن جي نئين فيشن جو چولو سبرايو ھو، جنھن جون ٻانھون ڪاري جارجٽ جون ھيون. ساڻس ميچ ڪرڻ لاءِ وٽس ڪاري ساٽن جي سٿڻ ھئي، جيڪا سرمي وانگر چمڪي پئي. انوريءَ ريشمي جارجٽ جي ھڪڙي وڏي ملائم ساڙھي ورتي ھئي. ان سلطانه کي ٻڌايو ھو ته ھوءَ ان ساڙھيءَ جي ھيٺان اڇي بوسڪيءَ جو پيٽي ڪوٽ پائيندي، ڇو جو اھو نئون فيشن آھي. انھيءَ ساڙھيءَ سان گڏ پائڻ لاءِ انوري ڪاري بخمل جو بوٽ وٺي آئي ھئي، جيڪو صفا نازڪ ھو. سلطانه جڏھن اھي سموريون شيون ڏٺيون ته کيس انھيءَ احساس ڏاڍا ڏک ڏنا ته کيس محرم ملھائڻ لاءِ اھڙو لباس وٺڻ جي وسعت ئي ڪانھي.

انوريءَ ۽ مختيار وٽ اھڙيون پوشاڪون ڏسي، جڏھن ھوءَ گھر پھتي ته سندس ھيانءُ ڏکارو ھو. کيس ائين پئي لڳو ڄڻ سندس ھيانءَ ۾ ڳوڙھو نسريو آھي. گھر، صفا خالي ھو. خدابخش به عادت سارو ٻاھر ويل ھو. گھڻي دير تائين ھوءَ فراسَ تي ٽيڪ-وھاڻي مٿان مٿو رکيو، ليٽي پيل ھئي. جڏھن سندس ڪنڌ، اُوچائيءَ سبب وٺجي ويو ته اٿي بالڪونيءَ ۾ ھلي وئي ته جيئن غم اٿاريندڙ خيالن کان ذھن خالي ڪري ڇڏي.

اڳيان پٽڙين تي ريل گاڏين جا دٻا بيٺا ھئا، پر انجڻ ڪا به نه ھئي. شام جو وقت ھو. ڇڻڪار ٿي چڪو ھو، جنھن ڪري مٽي ۽ دز ويٺل ھئي. بازار ۾ اھڙا ماڻھو ھلڻ شروع ٿي ويا ھئا، جيڪي ناسون ھڻڻ کانپوءِ، چپ چاپ گھرن جو رخ رکندا آھن. اھڙي ئي ھڪ ھمراھ ڳاٽو ورائي سلطانه کي ڏٺو.

سلطانه مرڪيو ۽ کيس وساري ڇڏيائين. ڇو جو سامھون پٽڙين تي ھڪڙي انجڻ ظاھر ٿي وئي ھئي. سلطانه، ڌيان سان ان کي ڏسڻ لڳي ۽ ھوريان ھوريان اھي خيال مغز مان ڪڍڻ خاطر جڏھن وري رستي ڏانھن ڏٺائين ته ساڳيو ھمراھ ڏاند گاڏين وٽ بيٺل نظر آيس. ساڳيو جنھن کيس لالچي نظرن سان تڪيو ھو. سلطانه ھٿ سان اشارو ڪيس. ھن ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي، ھٿ جي اشاري سان پڇيس؛ ’ڪٿان اچان؟‘ سلطانه رستو ٻڌايس. اھو ھمراھ ٿوري جھٽ بيٺو رھيو، مگر پوءِ وڏي ڦڙتائيءَ سان مٿي ھليو آيو.

سلطانه کيس گلم تي ويھاريو. جڏھن ھو ويٺو ته ھن ڳالھ جو مُنڍ ڪڍڻ لاءِ چيس؛ ”مٿي ايندي ڊِنيئن پئي ڇا؟“ ھمراھ اھو ٻڌي، مرڪيو. ”تو ڪيئن ڄاتو؟ ڊڄڻ جي ڪھڙي ڳالھ ھئي؟“ تنھن تي سلطانه چيس؛ ”مون ان لاءِ پڇيو جو تون گھڻي جھٽ تائين اتي بيٺو ھئين ۽ پوءِ ٿورو سوچي ھيڏانھن آئين.“ اھو ٻڌي مرڪيائين؛ ”تو کي غلط فھمي ٿي آھي. مان تو کان مٿي واري فليٽ کي تڪي رھيو ھيس. اتي ڪا عورت بيٺي ھئي ۽ ڪنھن مرد کي آڱوٺا ڏيکاري رھي ھئي. مون کي اھو منظر وڻيو. وري بالڪونيءَ ۾ سائو بلب ٻريو ته مان ٿوري جھٽ لاءِ وري ترسي بيٺس. سائي روشني مون کي وڻندي آھي. اکين کي ڀلي لڳندي آھي.“ اھو چئي ھن ڪمري جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. پوءِ ھو اٿي بيٺو. سلطانه پڇيس؛ ”توھان وڃو ٿا؟“ ھمراھ چيس؛ ”نه! مان تنھنجي ھن گھر کي پيو ڏسان… چڱو مون کي سمورا ڪمرا ڏيکار!“

سلطانه کيس ٽئي ڪمرا، ھڪ ھڪ ڪري ڏيکاريا. ان ھمراھ بلڪل خاموشيءَ وچان مڙني ڪمرن جو جائزو ورتو. جڏھن ٻئي ڦري ساڳئي ڪمري ۾ آيا، جتي پھرين ويٺا ھئا ته ان ھمراھ چيس؛ ”منھنجو نالو شنڪر آھي.“

سلطانه پهرين شنڪر کي غور سان ڏٺو. ھو وچولي قد ڪاٺ جو معمولي شڪل صورت جو ماڻھو ھو. مگر سندس اکيون غير معمولي طور تي صاف ۽ شفاف ھيون. رکي رکي منجھن ھڪ عجيب قسم جي چمڪ پيدا پئي ٿي. ڳتيل ۽ ڪسرتي بت ھئس. لوندڙين وٽان وار اڇا ھئس. گرم ڪپڙي جي پينٽ پاتل ھئس. اڇي شرٽ ھئس، جنھن جو ڪالر ڳاٽي کان مٿي ڦاٽل ھئو.

شنڪر، فراسَ تي ائين ويٺو ھو جو لڳو پئي ڄڻ شنڪر جي بجاءِ سلطانه گراھڪ ھجي. ان احساس سلطانه کي ٿورو گھڻو پريشان ڪري ڇڏيو. تنھن تي ھن شنڪر کي چيو؛ ”چئو…“

شنڪر، ويٺو ھو. اھو ٻڌي، آھلي پيو. ”مان ڇا چوان! ڪجھ تون به ڪُڇُ. سڏايو، تو مون کي آھي.“ جڏھن سلطانه ڪجھ نه ڳالھايو ته اٿي ويٺو. ”مون سمجھيو! ھاڻي منھنجي ٻڌ! جيڪو ڪجھ تو سمجھيو آھي سو غلط آھي. مان انھن ماڻھن مان ناھيان، جيڪي ڪجھ ڏئي ويندا آھن. ڊاڪٽرن وانگر منھنجي به في آھي. مون کي جڏھن گھرائبو ته في ڏيڻي پوندي.“

سلطانه اھو ٻڌي وائڙي ٿي وئي. مگر تنھن جي باوجود به کانئس بي اختيار کل نڪري وئي.

”اوھان ڪم ڪھڙو ڪندا آھيو؟“

شنڪر چيس؛ ”ساڳيو، جيڪو توھان ماڻھو ڪندا آھيو.“

”ڇا؟…. مان…. مان ڪجھ به نه ڪندي آھيان.“

”مان به ڪجھ نه ڪندو آھيان.“

سلطانه چڙي چيس؛ ”اھا ته ڪا ڳالھ ئي نه ٿي… اوھان ڪجھ نه ڪجھ ته ضرور ڪندا ھوندئو.“

شنڪر وڏي اطمينان سان موٽ ڏنس؛ ”تون به ڪجھ نه ڪجھ ڪندي ھوندينءَ!“

”ڌوڙ پائيندي آھيان.“

”پوءِ اچ ته ٻئي ڌوڙ پايون. مان حاضر آھيان، پر مان ڌوڙ پائڻ جا ڏوڪڙ ڪڏھن ڪو نه ڏيندو آھيان.“

”ھوش جي دوا ڪر! ھي لنگر خانو ڪونھي.“

”مان به والنٽيئر ناھيان ٿيو.“

سلطانه اتي سُنُ ٿي وئي. رکي پڇيائينس؛ ”اھي والنٽيئر ڇا ھوندا آھن؟“

شنڪر جواب ڏنس؛ ”الوءَ جا پٺا!“

”مان به الوءَ جي پٺي ناھيان!“

”پر اھو ھمراھ، جيڪو تو سان گڏ رھندو آھي، سو پڪ سان الوءَ جو پٺو آھي!“

”ڇو؟“

”ان ڪري جو ھو ڪيترن ئي ڏينھن کان اھڙي خدا واري فقير وٽ پنھنجي قسمت کولرائڻ لاءِ ٿو وڃي، جنھن جي پنھنجي قسمت زنگيل تالي وانگر بند آھي.“ اھو چئي، شنڪر کِليو.

تنھن تي سلطانه چيس؛ ”تون ھندو آھين، ان ڪري ٿو اسان جي بزرگن تي ٺٺوليون ڪرين!“

شنڪر مرڪيو؛ ”اھڙين جاين تي ھندو مسلم وارو سوال پيدا ئي نه ٿيندو آھي. وڏا وڏا پنڊت ۽ مولوي اگر اتي اچن ته بزرگ ٿي وڃن.“

”خبر ناھي ته ڪھڙيون وائي توائي ڳالھيون پيو بڪين!!…“

”ٻڌاءِ! بيھندينءَ انھيءَ شرط تي، جيڪو مان منڍ ۾ ٻڌائي چڪو آھيانءِ!“

سلطانه اٿي بيھي رھي؛ ”ته وڃ! رستو وٺ!“

شنڪر آرام سان اٿيو. پينٽ جي ٻنھي کيسن ۾ پنھنجا ھٿ وڌائين ۽ ويندي ويندي چيائينس؛ ”مان ڪڏھن ڪڏھن، ھن بازار منجھان لنگھندو آھيان. جڏھن به تو کي منھنجي ضرورت پوي، سڏائي وٺجانءِ… مان وڏو ڪم جو ماڻھو آھيانءِ!“

شنڪر ھليو ويو ۽ سلطانه ڪاري وڳي کي وساري، گھڻي دير تائين، سندس متعلق ئي سوچيندي رھي. ان ماڻھوءَ جي ڳالھين، سندس ڏک سور کي گھڻو ھلڪو ڪري ڇڏيو ھو. جيڪڏھن اھو انباله ۾ اچي ھان، جتي ھيءَ خوش حال ھئي، ته ھن ڪنھن ٻئي ئي رنگ ۾ کيس ڏٺو ھجي ھا. اھو به گھڻو امڪان آھي ته کيس ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ھجي ھا. جيئن ته پاڻ اداس رھندي ھئي، جنھن ڪري شنڪر جون ڳالھيون کيس وڻيون.

شام ڌاري جڏھن خدابخش موٽيو ته سلطانه کانئس پڇيو: ”تون اڄ سڄو ڏينھن ڪٿي گم ھئين؟“

خدابخش ٿڪجي، چُور چُور پئي ٿيو. چيائينس؛ ”پراڻي قلعي کان ٿو اچان. اتي ھڪڙو بزرگ ڪجھ ڏينھن کان ترسيل آھي. وٽس ڏھاڙي ويندو آھيان ته جيئن اسان جا ڏينھن ڦيرو کائين.“

”ڪجھ ان تو کي چيو.“

”نه! اڃا ھو مھربان نه ٿيو آھي… پر سلطانه! مان جيڪا سندس خدمت پيو ڪيان سا اجائي نه ويندي. الله جو فضل ساڻ رھيو ته پڪ وارا نيارا ٿي ويندا.“

سلطانه جي مغز ۾، محرم ملھائڻ وارو، ڀوت سوار ھو. خدابخش کي روئڻھارڪي لھجي ۾ چوڻ لڳي؛ ”سڄو سڄو ڏينھن ٻاھر گم ھوندو آھين. مان ھتي پڃري ۾ قيد لڳي ويٺي آھيان. نه ڪاڏي وڃي ٿي سگھان. محرم مٿان آھي. ڪا تو به اھا ڳڻ ڳوت ڪئي آهي ته مون کي ڪارو وڳو گھرجي. گھر ۾ ڪوڏي ڪانھي. چوڙيون ھيون، سي به ھڪ ھڪ ٿي وڪامي ويون. ھاڻ تون ئي ٻڌاءِ ڇا ٿيندو؟.. ائين فقير جي پويان ڪيستائين نوس نوس پيو ڪندين. مون کي ته ائين ٿو نظر اچي ته ھتي دھليءَ ۾ خدا به اسان کي وساري ڇڏيو آھي. منھنجي ڳالھ مڃين ته پنھنجو ڌنڌو شروع ڪر، ٿورو گھڻو آجھارو ٿي پوندو.“

خدابخش، فراسَ تي آھلي پيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”پر اھو ڌنڌو شروع ڪرڻ لاءِ به ٿوري گھڻي موڙي گھرجي… خدا جي واسطي ھاڻ، اھڙيون ڏک ڀريون ڳالھيون نه ڪر. مون کان سَٺيون نه ٿيون ٿين. مون سچ پچ ته انباله مان لڏڻ ۾ وڏي غلطي ئي ڪئي ھئي، پر جيڪو ڪندو آھي، سو الله ئي ڪندو آھي ۽ اسان جي ڀلائيءَ لاءِ ئي ڪندو آھي. ڪھڙي خبر آهي ته ٿوري جھٽ اڃا تڪليف برداشت ڪرڻ کان پوءِ اسان…“

سلطانه ڳالھ وچ ۾ ڪٽي چيس؛ ”تون خدا واسطي ڪجھ ڪر! چوري ڪر يا ڌاڙو ھڻ، پر مون کي سٿڻ جو ڪپڙو آڻي ڏي. مون وٽ اڇي بوسڪيءَ جو ھڪڙو چولو پيو آھي. ان کي ڪارو رڱرائيندس. اڇي شيفون جو ھڪڙو رئو به مون وٽ آھي. اھو جيڪو ڏياريءَ تي تو مون کي آڻي ڏنو ھو، سو به چولي سان گڏ رڱائي وٺبو. ھڪڙي سٿڻ کٽي ٿي، سا تون ڪيئن به ڪري آڻي ڏي… ڏس! تو کي منھنجي سر جو قسم! ڪيئن به ڪري، ضرور آڻي ڏي… جي نه آندئي ته مئي کان پوءِ منھنجو منھن به نه ڏسجانءِ!“

خدابخش، اٿي ويٺو؛ ”ھاڻي تون اجايو ويٺي زور لائين… مان ڪٿان آڻيندس!!.. مون وٽ آفيم کائڻ لاءِ به پئسا ڪونھن.“

”ڇا به ڪر! مگر ساڍا چار وال، ڪاري سٿڻ جو ڪپڙو آڻي ڏي.“

”دعا ڪر ته اڄ رات ئي الله سائين ٻه ٽي ھمراھ موڪلي ڏئي.“

”ليڪن تون ڪجھ نه ڪندين!!… تون اگر چاھين ته ايترا پئسا ته پيدا ڪري سگھين ٿو. جنگ کان اڳي ساٽن ٻارھين آني چوڏھين آني وال ملي ويندي ھئي. ھاڻ سوا روپئي جي حساب سان ٿي ملي. ساڍن چئن والن تي ڪيترا پئسا لڳندا؟“

”تون زور ٿي ڀرين ته حيلو وسيلو ڪيان ٿو.“ اھو چئي خدابخش اٿيو؛ ”چڱو ھاڻ انھن ڳالھين کي وسار! مان ھوٽل تان ماني وٺي ٿو اچان.“

ھوٽل تان ماني آئي. ٻنھي گڏجي ڳيتون ڏئي کاڌي ۽ سمھي پيا. صبح ٿيو. خدابخش، پراڻي قلعي واري فقير ڏانھن ھليو ويو. سلطانه، اڪيلي ٿي پئي. جھٽ گھڙي آھلي. جھٽ گھڙي ننڊ ڪيائين. هيڏانهن هوڏانهن ڪمرن ۾ ھلي ڦري. ڏپھرو ڪرڻ پڄاڻان، پنھنجي شيفون جو رئو ۽ اڇي بوسڪيءَ جو چولو ڪڍيائين ۽ ھيٺ کٽيءَ کي رڱڻ لاءِ ڏئي آئي. اتي ڪپڙن ڌوئڻ کان علاوه رڱاوت جو ڪم پڻ ٿيندو ھو.

اھو ڪم ڪرڻ کان پوءِ ھن موٽي اچي فلمن جا ڪتاب پڙھيا، جن ۾ سندس ڏٺل فلمن جون ڪھاڻيون ۽ گانا ڇپيل ھئا. اھي ڪتاب پڙھندي پڙھندي ننڊ وٺي ويس. جڏھن اٿي ته چار پنج ٿي چڪا ھئا. ڇو جو اڱڻ ۾ اس، ڪسيءَ تائين پڄي چڪي ھئي. وھنجي سھنجي واندي ٿي ته اوني چادر اوڍي بالڪونيءَ ۾ اچي بيٺي. لڳ ڀڳ ڪلاڪ کن سلطانه بالڪونيءَ ۾ بيٺي رھي. ھاڻ شام ٿي چڪي ھئي. بتيون ٻري چڪيون ھيون. ھيٺ، رستي تي رونق جا آثار نظر آيا پئي. سيءَ ۾ ٿوري سختي اچي وئي ھئي، پر اھو سلطانه کي اڻ وڻندڙ نه پئي لڳو. ھوءَ رستي تي ايندڙ ويندڙ بگين ۽ موٽرن کي ڪا گھڙي ڏسندي رھي. اوچتو کيس شنڪر نظر چڙھي ويو. گھر جي ھيٺان پڄي، ھن نرو ڏنو ۽ سلطانه کي ڏسي مرڪيو. سلطانه غير ارادي طور ھٿ جو اشارو ڪيو ۽ کيس مٿي سڏائي ورتائين. جڏھن شنڪر مٿي آيو ته سلطانه ڏاڍي ککي وکي ٿي ته ھاڻي ڇا چويس. دراصل ھن ائين ئي ري سوچئي ري سمجھئي کيس اشارو ڪيو ھو. شنڪر ڏاڍو مطمئن ھو، ڄڻ سندس پنھنجو گھر ھجي. جنھن ڪري بنا ڪنھن ججھڪ جي، پھرئين ڏينھن وانگر، ٽيڪ وھاڻو مٿي ھيٺان ڏئي آھلي پيو. جڏھن سلطانه گھڻي دير تائين ساڻس ڪا به ڳالھ ٻولھ نه چوري ته ھن چيس؛ ”تون سؤ گھمرا مون کي سڏائي سگھين ٿي ۽ سؤ گھمرا ئي چئي سگھين ٿي ته ھليو وڃ… مان اھڙين ڳالھين تي ڪڏھن به ڪاوڙبو ناھيان.“

سلطانه شش پنج ۾ اچي چوڻ لڳي؛ ”نه نه! ويھ! تو کي وڃڻ لاءِ ڪير ٿو چوي!“

شنڪر ان تي مرڪي ڏنو؛ ”ته پوءِ تو کي منھنجا شرط منظور آھن؟!“

”ڪھڙا شرط؟“ سلطانه کلي چيس؛ ”نڪاح ٿو ڪرين ڇا، مون سان؟“

”نڪاح ۽ شادي وري ڇا جي؟…. نه تون سڄي عمر ڪنھن سان نڪاح ڪندينءَ ۽ نه مان… اھي رسمون اسان ماڻھن لاءِ ناھن… ڇڏ انھن اجاين ڳالھين کي. ڪا ڪم جي ڳالھ ڪر.!“

”ٻڌاءِ! ڇا ڪيان؟“

”تون عورت آھين… ڪا اھڙي ڳالھ ڪر، جنھن سان ٻه گھڙيون دل وندري پوي… ان دل ۾ رڳو دڪانداري ئي دڪانداري ناھي، ٻيو به ڪجھ آھي.“

سلطانه ذھني طور تي، ھاڻي شنڪر کي قبول ڪري چڪي ھئي؛ ”چٽو چٽو چئو، تون مون کان ڇا ٿو چاھين؟“

”جيڪي ٻيا ٿا چاھين.“ شنڪر، اٿي ويھي رھيو.

”تو ۾ ۽ ٻين ۾، پوءِ فرق باقي ڪھڙو بچيو؟“

”تو ۾ ۽ مون ۾ ڪو به فرق ناھي. انھن ۾ ۽ مون ۾، زمين آسمان وارو فرق آھي. اھڙيون کوڙ ساريون ڳالھيون ھونديون آھن، جيڪي پڇڻ نه گھرجن، پاڻمرادو سمجھڻ گھرجن.“

سلطانه ٿوري گھڙيءَ لاءِ شنڪر جي ان ڳالھ کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ چيائين؛ ”مان سمجھي وئي آھيان.“

”پوءِ چئو، ڇا ارادو اٿئي؟“

”تو کٽيو، مون ھارايو. پر مان چوان ٿي؛ اڄ تائين ڪنھن اھڙي ڳالھ قبول نه ڪئي ھوندءِ!“

”تون غلط ٿي چوين… ھن ئي محلي ۾ تو کي اھڙيون سادڙيءَ دل واريون عورتون به ملي وينديون جيڪي يقين ئي نه ڪنديون ته ڪا عورت اھڙي ذلت قبول ڪري سگھي ٿي جيڪا تون بنا ڪنھن احساس جي قبول ڪندي پئي اچين. ليڪن انھن جي يقين ڪرڻ جي باوجود، تون ھزارن ۾ موجود آھين… تنھنجو نالو سلطانه آھي نه!؟“

”سلطانه ئي آھي.“

شنڪر، اٿي بيٺو ۽ کلڻ لڳو… ”اھي نالا به عجيب اُڊاڙ بڊاڙ ھوندا آھن. ھل اندر ھلئون.“

شنڪر ۽ سلطانه فراسَ واري ڪمري ۾ آيا ته ٻئي کلي رھيا ھئا. خبر ناھي ڪھڙي ڳالھ تي. جڏھن شنڪر وڃڻ لڳو ته سلطانه چيس؛ ”شنڪر! تون منھنجي ھڪ ڳالھ مڃيندين؟“

شنڪر موٽ ۾ چيس؛ ”پھرين ڳالھ ته ٻڌاءِ!“

سلطانه ٿورو ھٻڪندي چيس؛ ”تون چوندين مان معاوضو وٺڻ ٿي گھران، مگر..“

”چئو چئو! چپ ڇو ٿي وئينءَ؟!“

سلطانه ھمت کان ڪم وٺندي چيس؛ ”ڳالھ اھا آھي ته محرم مٿان آهي ۽ مون وٽ ايترا پئسا ناھن جو مان ڪاري سٿڻ جوڙايان. ھتي جا سارا ڏک سور، تون ته ٻڌي چڪو آھين. چولو ۽ رئو مون وٽ رکيل ھئا، جيڪي مون اڄ رڱرائڻ لاءِ ڏنا آھن.“

شنڪر، اھو ٻڌي چيس؛ ”تون چاھين ٿي ته مان توکي پئسا ڏيان ته تون ڪاري سٿڻ جوڙائي سگھين.“

سلطانه تڙي کڙي چيس؛ ”نه! منھنجو مطلب ھيءُ آھي ته جيڪڏھن ٿي سگھئي ته مون کي ھڪڙي ڪاري سٿڻ ٺھرائي ڏي.“

شنڪر مرڪيو؛ ”منھنجي کيسي ۾ ته اتفاق سان به ڪڏھن ڪجھ ھوندو ئي ناھي. بھرحال، مان ڪوشش ڪندس. محرم جي پھرين تاريخ تي تو کي اھا ڪاري سٿڻ ملي ويندي. بس! ھاڻي ته خوش ٿينءَ!“ پوءِ سلطانه جي والين ڏانھن ڏسندي شنڪر پڇيس؛ ”ڇا، اھي واليون مون کي ڏئي سگھين ٿي؟“

سلطانه کلي چيس؛ ”تون اھي ڪاڏي ڪندين؟ چانديءَ جون معمولي والڙيون آھن. وڌ ۾ وڌ، پنجن رپين جون ٿينديون.“

ان تي شنڪر کلندي چيس؛ ”مون تو کان واليون گھريون آھن، انھن جو اگھ نه پڇيو آھي. ٻڌاءِ! ڏين ٿي؟“

”ھان وٺ!“ ائين چئي سلطانه واليون لاھي شنڪر کي ڏئي ڇڏيون. کيس پوءِ ڏک ٿيو، پر تيستائين شنڪر وڃي چڪو ھو.

سلطانه کي ٺُپ يقين نه ھو ته ڪو شنڪر پنھنجو واعدو نڀائيندو. مگر اٺن ڏينھن کان پوءِ محرم جي پھرين تاريخ تي صبح جو نائين بجي، دروازو کڙڪيو. سلطانه دروازو کوليو ته شنڪر بيٺو ھو. اخبار ۾ ويڙھيل ڪا شيءِ سلطانه کي ڏنائين ۽ چيائينس؛ ”ساٽن جي ڪاري سٿڻ آهي. ڏسجانءِ متان ڊگھي ھجي… ھاڻ مان ھلان ٿو.“

شنڪر، سٿڻ ڏئي، ھليو ويو ۽ ٻي ڪا ڳالھ سلطانه سان نه ڪيائين. سندس پينٽ ۾ گھنج پيل ھئا، وار وکريل ھيس. ائين پئي لڳو ڄڻ ھاڻي ھاڻي ننڊ مان اٿي، سڌو ھيڏي آيو ھجي.

سلطانه، ڪاڳر کوليو. ساٽن جي ڪاري سٿڻ ھئي. ھوبھو اھڙي جھڙي مختيار وٽ ڏسي آئي ھئي. سلطانه ڏاڍي گد گد ٿي. والين ۽ ھن سودي جو جيڪو کيس افسوس ٿيو ھو، سو ھن سٿڻ ۽ شنڪر جي واعدي وفائيءَ ختم ڪري ڇڏيو.

ٻپھريءَ ڌاري ھيٺان کٽيءَ وٽان پنھنجا رڱرايل چولو ۽ رئو کڻي آئي. ٽئي ڪارا ڪپڙا جڏھن ھن پاتا ته دروازي تي کڙڪو ٿيو. سلطانه دروازو کوليو ته مختيار اندر گھڙي آئي. ان سلطانه جي ٽنھي ڪپڙن کي ڏٺو ۽ چيائينس؛ ”چولو ۽ رئو ته رڱيل ٿا لڳن، پر ھيءَ سٿڻ نئين آھي. ڪڏھن ٺھرايئي؟“

سلطانه موٽ ۾ چيس؛ ”اڄ ئي درزي کڻي آيو آھي.“ اھو چوندي، سندس نظرون مختيار جي والين تي کُپي ويون؛ ”ھي واليون تو ڪاٿان وتيون؟“

مختيار ورندي ڏنس؛ ”اڄ ئي گھرايون آھن.“

ان کان پوءِ ٻئي، جھٽ سوا لاءِ، سڪتي ۾ پئجي ويون.

***