بلاگنئون

گلوبل ڪلچر جو انڪار

زاهده ابڙو

جنهن انساني معاشري ۾ يڪسانيت هجي، رنگن ۽ جذبن جي کوٽ هجي اتي يقينن هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي جڏهن انساني ذهن ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي پوندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ انهن ۾ ڪاوڙ، حسد ۽ ڪروڌ پيدا ٿي پوندو آهي. اهي منفي جذبا اڳتي هلي اڃان وڌيڪ نفرتن جو اظهار گهرندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردي عام ٿي ويندي آهي. هن وقت اسان جو سماج به ڪجهه اهڙي صورت اختيار ڪري چڪو آهي جتي آرٽ، ڪلچر ۽ ٻين اهڙين شين لاءِ ڪا گهڻي مڃتا نظر نٿي اچي. آرٽ ۽ ڪلچر لاءِ جيترو ڪم ٿي رهيو آهي اها فردن جي انفرادي ڪوششن جو نتيجو آهي. نوجوانن کي ڪابه راهه نٿي ملي انهن کي اسڪول ۾ ويهڻ شرط هڪ مخصوص مائينڊ سيٽ جي حوالي ڪيو ٿو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو هر طرف انتها پسندي ۽ دهشتگردي عام ٿيندي پئي وڃي. هتي محبت ونڊڻ ۽ ان جي ڳالهه ڪرڻ کي به ڏوهه تصور ڪيو ٿو وڃي. افسوس ته ان لاءِ فردن کي يا ادارن کي پنهنجي لاءِ پاڻ پاليسي جوڙڻ يا ازخود ضابطي رکڻ بدران ڪورٽن مان فيصلا اچڻ شروع ٿين ٿا ته ويلنٽائن ڊي جي سرگرمين ۽ جشن ملهائڻ تي پابندي هوندي. هڪ اهڙو ڏينهن جنهن جي اچڻ تي ڪيترن ئي چهرن تي مسڪراهٽون اچيو وڃن. اسان جا نوجوان جن کي پنهنجن جذبن جي اظهار لاءِ به جيڪڏهن ڪورٽن جي فيصلن جو پابند ٿيڻو پوي ته پوءِ اسان کي سوچڻو پوندو ته هيءَ رياست ڪهڙي طرف وڃي رهي آهي. توهان قوم جي سوچن تي ڪيتري پابندي لڳائي سگهندا. اڄڪلهه ميڊيا سڄي دنيا کي ڳنڍي ڇڏيو آهي. اسان جو حال اهو آهي ته گلوبل ڪلچر جو حصو بڻجڻ بدران اڪيلائي جو شڪار ٿيڻ ٿا چاهيون، ذهنن تي تالا لڳائڻ ٿا چاهيون، مرڪن جو موت ٿا چاهيون. مان هڪ آزاد سوچ رکندڙ انسان طور اهو ٿي چاهيان ته گهٽ ۽ ٻوسٽ کي ختم ٿيڻ گهرجي. نوجوانن کي سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ آزادي ڏني وڃي. والدين کي موقعو ڏنو وڃي ته هو اهڙن ڏڻن تي پنهنجي اولاد کي ڪا بهتر رهنمائي ڏئي سگهن نه ڪي عدالتن طرفان پابنديون لڳڻ گهرجن اهي به اهڙي ڏينهن تي جيڪو محبتن جي پيغام ونڊڻ جو هجي. پابندي لڳائڻي آهي ته ان ذهن تي لڳائي وڃي جيڪو انتها پسند آهي، انسان دشمن آهي، ڪلچر دشمن آهي ۽ جنهن ۾ برداشت جي سگهه نه آهي جيڪو ڪنهن به دليل کي نٿو مڃي ۽ خود ساخته قانون جو غلام آهي.