خاص

قانوني دستاويز رکڻ وارن افغان شهرين کي پاڪستان ۾ عارضي طور رهڻ جي اجازت جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پي او آر يا اي سي سي ڪارڊ رکندڙ افغان مهاجر پاڪستان ۾ رهي سگهن ٿا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قانوني دستاويز رکندڙ افغان مهاجرن کي تحفظ حاصل آهي. وفاقي ڪابينا جي ايندڙ فيصلي تائين رجسٽرڊ افغان مهاجر عارضي طور قيام ڪري سگهن ٿا. نوٽيفڪيشن ۾ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي رجسٽرڊ افغان مهاجرن کي گرفتار نه ڪن.