پوليو جي موجودگي سبب ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ خاص مهم جو آغاز
ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي سبب ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ پوليو ختم ڪرڻ جي خاص مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نگران وزير صحت سعد خالد نياز پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اڄ کان 5 نومبر تائين پوليو مهم جو آغاز ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته مهم جي ٻيهر آغاز جو فيصلو ڪراچي ۾ تازا پوليو جا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيو ويو آهي. ايمرجنسي آپريشن سينٽر بلوچستان مطابق بلوچستان جي ماحولياتي نمونن مان پوليو وائرس جي موجودگي سبب خاص مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتي ڏهن ضلعن ۾ پوليو ختم ڪرڻ جي مهم جو خصوصي آغاز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آواران، ڊيره بگٽي، گوادر، اوسته محمد، حب، جعفرآباد، خضدار، لسٻيلا، نصيرآباد ۽ صحبت پور شامل آهن.

