ڇا سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس عدالتي خون جو انصاف ڏيندي؟
ملڪ جي عدالتي نظام جي تاريخ تمام گهڻي متنازعه رهي آهي، سندس ڪيل ڪيترائي فيصلا عدالتي انصاف جي مٿان ڪارا داغ آهن، انهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي موت جي سزا وارو فيصلو سڀ کان وڏو بدنما داغ آهي. 44 سال اڳ ٿيل هن فيصلي جي نظرثاني لاءِ 12 سال پهرين اپريل 2011 ۾ ان وقت جي پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ کي ريفرنس موڪليو، جنهن جي پهرين ٻڌڻي هڪ سال کانپوءِ ٿي، ان کانپوءِ ڪجهه شنوايون ٿيون ۽ نومبر 2012 کان اهو ريفرنس سپريم ڪورٽ جي سرد خاني جي حوالي ٿي ويو. جسٽس افتخار چوڌري کان وٺي جسٽس عمر عطا بنديال تائين ڪنهن به جج جرئت نه ڪئي ته انهيءَ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي وڃي. اهو تاريخي ڪم جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حصي ۾ آيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو هڪ بين الاقوامي شخصيت هئي. هن جنهن نموني ٽٽل، ڪمزور ٿيل ۽ جنگ هارايل باقي بچيل پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو تاريخ جي ورقن ۾ سونهري لفظن سان لکيل آهي. پاڪستان کي هڪ متفقه آئين ڏيڻ کان وٺي، ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ وارو منصوبو هجي يا معاشي طور ملڪ ۾ استحڪام آڻڻ واريون پاليسيون، لکن جي تعداد ۾ نوڪريون ۽ لکين ماڻهن کي وچ اوڀر ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن ڏانهن اماڻي، کين روزگار سان لڳائڻ ۽ انهن جي ۽ ملڪ جي معاشي حالت بهتر بنائڻ هجي ۽ اهڙيون ٻيون ڪيتريون انيڪ ڳالهيون جنهن جي ڪري پاڪستان بين الاقوامي طور سڃاڻپ حاصل ڪئي. 1974 واري اسلامي سربراهي ڪانفرنس آمريڪا جهڙي ملڪ کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪا جي سازش ئي اهو رنگ لاتو جو ذوالفقار علي ڀٽو کي آمر جي دور ۾ مارشل لا هڻي عدالتي قتل ڪرايو ويو. سڀ کان پهرين لاهور هاءِ ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو کي سزاءِ موت ڏني، جنهن جو چيف جسٽس مولوي مشتاق هو. فطرت جنهن نموني مولوي مشتاق جي جنازي سان ماکيءَ جي مکين جي ذريعي حالت ڪئي، اهو پڻ تاريخ جو حصو آهي. جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ اپيل وئي ته 9 ميمبرن جي بينچ ٺاهي وئي، جنهن جي سربراهي جسٽس انوارالحق ڪري رهيو هو، جڏهن ڪيس هليو ته واضح نظر اچي رهيو هو ته 5 جج سزا ڏيڻ جي حق ۾ نه آهن، پوءِ انهن منجهان هڪڙي جج جي رٽائرمينٽ اچي وئي ۽ ٻئي کي بيمار بڻائي موڪل تي موڪليو ويو. باقي رهيل 7 ججن ۾ چئن جو تعلق پنجاب سان هو ۽ ٻين صوبن مان هڪ هڪ جج شامل هئا. پنجاب جي چئني ججن ذوالفقار علي ڀٽو جي موت جي سزا برقرار رکي. جڏهن ته باقي ٽن ججن هن کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو. اهو سڌو سنئون عدالتي قتل هو، انهيءَ ڪيس جو حوالو سپريم ڪورٽ ڪڏهن به نه وٺندي آهي ۽ جڏهن به انهيءَ ڪيس جو حوالو ايندو آهي ته ججن جا ڪنڌ جُهڪي ويندا آهن ۽ هو چوندا آهن ته انهيءَ ڪيس جو حوالو نه ڏيو، پر پوءِ به هنن جرئت نه ڪئي آهي ته انهيءَ ڪيس کي ٻيهر هلائي عدالت جي انصاف جي تاريخ جي درستگي ڪئي وڃي. اهو وزن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 9 رڪني بينچ ٺاهي سپريم ڪورٽ جي مٿان رکيو آهي، جنهن جي پهرين ٻڌڻي 12 ڊسمبر تي ٿي رهي آهي، يقينن انهيءَ نظرثاني فيصلي سان ذوالفقار علي ڀٽو جسماني طور زنده نه ٿيندو. جيتوڻيڪ هو ماڻهن جي دلين ۾ اڄ به زنده آهي، پر ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿيل عدالتي ناانصافي دور ڪري سندس سان انصاف ضرور ٿيندو. سپريم ڪورٽ جي مٿان لڳل داغ ڪنهن حد تائين ڌوپجي ويندو. ايندڙ وقت ۾ شايد سپريم ڪورٽ پنهنجن فيصلن ۾ ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ايتري وڏي ناانصافي نه ڪندي جو کيس پنهنجي هٿن سان پنهنجا داغ ڌوئڻا پون. سپريم ڪورٽ آمرن جي هٿن ۾ نه کيڏندي، اسٽيبلشمينٽ جيڪا ڪڏهن سڌي طور مارشلائون هڻي ۽ ڪڏهن ججن کان غلط فيصلا ڪرائي سياسي اڳواڻن کي سزائون ڏياريندي رهي آهي، اهي ڪنهن حد تائين رڪجي ويندا. ڪوبه سياسي اڳواڻ بينگاهه ڦاسيءَ تي نه چڙهندو ۽ نه ئي جڙتو ڪيسن ۾ جنهن ۾ پٽ کان پگهار نه وٺڻ جو بهانو بڻائي وزيراعظم کي سزا ڏئي ڌيءَ سميت جيل موڪليو ويندو. اهڙي قسم جي تاريخي درستگي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان ٿيڻ جي اميد آهي.

