ايڊيٽوريل

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ مطابق سنڌ جو تعليم کاتو ڪرپشن ۾ ٽئين نمبر تي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ تعليم کاتي سنڌ جي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته ٻن هفتن اندر سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ڇو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ شڪايتون آهن ته اتي چوديواري ڪونهي، واش روم ڪونهن ۽ فرنيچر نه هجڻ جي برابر آهي، جنهن جي ڪري ٻار پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ڇوڪرين کي اسڪولن ۾ واش روم نه هجڻ سبب تمام گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هاءِ ڪورٽ فرنيچر جي مد ۾ ڏنل ٺيڪن جي رپورٽ ۽ ٺيڪيدار ڪمپنين جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ لاءِ پڻ تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي پابند ڪيو ويو آهي. هن جديد دور ۾ جيڪڏهن اسانجي ٻارن کي جيڪي غربت سبب سرڪاري اسڪولن ۾ مجبور ٿي داخلا وٺن ٿا ۽ اتي تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. جتي سنڌ جي تعليم کاتي تي هر سال سوين ارب رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا. جتي استادن جي کوٽ نه هجي. سرڪاري اسڪولن جي ايراضي به وڌيڪ هجي. ايتري خرچ جي باوجود جيڪڏهن ٻارن کي ويهڻ لاءِ ڊيسڪ به نه ملي ته پوءِ ٽرانسپيرنسي جي انهيءَ رپورٽ تي سئو سيڪڙو يقين ڪرڻو ٿو پوي ته سنڌ جو تعليم کاتو ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن تي ٽئين نمبر تي آهي. ٻه سال پهرين فرنيچر جي باري ۾ هڪ رپورٽ آئي هئي، جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو هو ته اسڪولن ۾ مهيا ٿيندڙ هڪ ڊيسڪ جي قيمت 27 هزار رپيا سنڌ سرڪار جو تعليم کاتو ادا ڪري ٿو. اهو فرنيچر شهرن مان ٻهراڙين تائين پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽيشن جو خرچ ان کان علاوه آهي. ان وقت جي ميڊيا انهيءَ مسئلي کي تمام گهڻو کنيو، ان وقت جي تعليم جي وزير ۽ تعليم جي سيڪريٽري 27 هزار قيمت واري ڊيسڪ جي وڪالت ڪري عوام کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊيسڪ تي ايترو ئي خرچ ٿو اچي، جڏهن ته ان وقت ۾ مارڪيٽ ۾ انهيءَ قسم جي ڊيسڪ جو اگهه صرف 4 هزار رپيا هو، پر پوءِ ڪجهه به ڪونه ٿيو، ڪورٽ سڳوريءَ اُن وقت به نوٽيس ورتو هو، ڪورٽ سڳوري هِن وقت به نوٽيس ورتو آهي، وريو اُن وقت به ڪجهه ڪونه هو، ورڻو هِن وقت به ڪجهه نه آهي، بس پوري سنڌ مان رپورٽ جي نالي تي پنن جا فائل ڀرجي ايندا، جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويندو ته سڀني اسڪولن کي فرنيچر مهيا ٿيل آهي، پر اهو فرنيچر ڀڄي ڀُري ختم ٿي ويو آهي ۽ ڊيڊ اسٽاڪ ۾ جمع آهي، جنهن کي پڻ سُرو کائي ويو آهي. اردو جو پهاڪو آهي. “نه هوگا بانس نه بجي گي بانسري”. هاڻي ڪورٽ سڳوري وتي ٿي سُري کاڌل فرنيچر جي فرانزڪ جانچ ڪرائيندي. جيڪڏهن ڪورٽ سڳوري چاهي ٿي ته اسڪولن جي حالت بهتر ٿئي ته پوءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر جي ڪورٽن مان نڪري سيڪريٽري تعليم، وزير تعليم، ڊي اوز ۽ ايس ڊي اوز سان گڏجي هڪ هفتي جي وزٽ ڪن. انهن کي جيڪا ڄاڻ ڪورٽ جي اندر ويهي ملي رهي آهي. اها اسڪولن ۾ ان کان وڌيڪ نظر ايندي. پوءِ ٿيڻ ته ائين کپي ته ان ۾ ملوث آفيسرن کي في الفور پنهنجن عهدن تان هٽائي انهن جون نوڪريون ختم ڪيون وڃن. تڏهن وڃي ڪو آفيسرن کي خوف ايندو، باقي صرف رپورٽ، شنوائي، سسپينشن اهڙي قسم جي ڪارروائين سان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي تباهه ٿيل حالت ڪونه سڌرندي ۽ غريب جو ٻار پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪندو رهندو. هن وقت پرائويٽ اسڪولن ۽ سرڪاري اسڪولن جي بجيٽ جي ڀيٽ ڪجي ته سرڪاري اسڪولن جي بجيٽ پرائويٽ اسڪولن جي مقابلي ۾ تمام گهڻي وڌيڪ آهي، پر ڪرپشن، غير ذميواري، سرڪاري اسڪولن جي تعليم تي ڌيان نه ڏيڻ جي ڪري سرڪاري اسڪولن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي. ڪورٽ سڳوري اهو به قانون پاس ڪري ته تعليم کاتي جي آفيسرن جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندا. پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه اسڪولن جي حالت سڌري ٿي.