ايڊيٽوريل

لاهور ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير پي پي جو رنگ ئي تبديل ڪري ڇڏيو

چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تازو لاهور ۾ 8 فيبروري 2024 جي اليڪشن مهم جي هڪ ڪامياب جلسي ۾ جيڪا تقرير ڪئي آهي لڳي ائين ٿو ته اها هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند جمهوري اڳواڻ جي نه هئي، ان خطاب ملڪ جي ساڃاهه وند، روشن خيال ماڻهن کي ڪجهه حيران ۽ مايوس ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته پيپلز پارٽي جيڪا هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ رکڻ واري وفاقي پارٽي آهي، جنهن جو قيام 30 نومبر، 1967 تي لاهور ۾ ئي عمل ۾ آيو. پيپلز پارٽي جنهن جي بنياد ۾ روشن خيالي ۽ ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ شامل آهي. پيپلز پارٽي جمهوريت لاءِ جدوجهد جي هڪ ڊگهي جنگ وڙهي آهي. ملڪ گير پارٽين ۾ اها واحد پارٽي آهي، جنهن ۾ برداشت رهي آهي، ۽ پنهنجي مخالف کي هميشه سياسي حڪمت عملين سان زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇاڪاڻ جو هر دور ۾ پارٽي کي عوام جي حمايت حاصل پئي رهي آهي. سال 2024 ۾ اهو ڇا ٿيو آهي جو پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجي خطاب ۾ پنهنجي پارٽي پاليسين جي ابتڙ ڳالهين ڪرڻ جي ضرورت پئي آهي. قيادت ڪجهه ووٽن لاءِ تقرير ۾ لفظن جي چونڊ ائين ڪئي آهي جو ساڃاهه وند عوام ڪجهه حيران آهي ۽ ڪجهه تڪليف ۾ اچي ويو آهي. اها پارٽي جنهن جي قيادت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي هٿن ۾ رهي آهي، هاڻي ان جي اڳواڻي بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي، جنهن تمام سٺيون تقريرون ڪندي ڪندي 21 جنوري 2024 واري تقرير جنهن ۾ اعتزاز احسن سان گڏ چوڌري سرور ۽ خرم نواز گنڊاپور جهڙا ماڻهو موجود هئا، ۽ بلاول ڀٽو انهن جي موجودگي تي فخر ڪري رهيو هو. صرف انهيءَ ڪري ته کيس لاهور جي اين اي 127 تي ڪاميابي ملي. بجاءِ ان جي ته چيئرمين بلاول ڀٽو اهو سبب ڳولهي ته جيڪو لاهور پيپلز پارٽي جو ڳڙهه رهيو آهي، انهيءَ جي هڪ حلقي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جي کيس حمايت حاصل ڪرڻي پوي ٿي ۽ پيپلز پارٽي لاهور يا پنجاب ۾ پنهنجو بنياد ڇو وڃايو آهي. پاڪستان جو ساڃاهه وند عوام بلاول ڀٽو کان اهو پڇڻ تي حق بجانب آهي ته ڪالهه تائين جنهن حڪومت جا اوهان وزير خارجه هئا ۽ جنهن ماڻهو کي اڄ اوهان شوباز ۽ نالائق ڪوٺي رهيا آهيو، ان جي ته ڪالهه اوهان وزيراعظم جي حيثيت سان تعريف ڪندي نه ٿي ٿڪيا، پر اڄ اوهان انهن تي الزام هڻي رهيا آهيو ته نواز ليگ پي ٽي آئي جي ڪارڪنن کان انتقام وٺي رهي آهي. ڇا بلاول ڀٽو کي اها خبر نه آهي ته هن وقت پنجاب ۾ وزيراعليٰ نون ليگ جو نه، پر نگران حڪومت جو آهي، جنهن کي اوهان جو والد پنهنجو پٽ سمجهي ٿو. اها به هڪ حقيقت آهي ته هن وقت سياسي پارٽين کي پنهنجي انتخابي مهم هلائڻ لاءِ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڪرڻيون پون ٿيون، جنهن سان اهي مخالف ڌرين جي ووٽرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهن، پر ان ۾ به ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ڪٿي پي ٽي آئي واري ڪلچر کي ته هٿي نه ملي رهي آهي. ملڪ جو باشعور عوام چيئرمين پيپلز پارٽي کان مطالبو ٿو ڪري ته هو پنهنجي ٻڌايل منشور جو پرچار ضرور ڪري. شهيد بينظير ڀٽو صاحبه پاڪستان جي سياسي پارٽين سان ميثاقِ جمهوريت ڪيو، پر ڪالهه بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند عوام کي تمام گهڻو مايوس ڪيو، جڏهن هن مولانا طاهر القادري کي پاڪستان جي سياست جي ضرورت قرار ڏنو ۽ هن مولانا طاهر القادري کي ملڪ جي سياست ۾ حصو وٺڻ جي دعوت ڏني. جيئن لاهور واري خطاب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته چوڌري سرور کان وٺي علامه طاهر القادري تائين سڀ ملڪ جي ضرورت آهن، تڏهن پاڪستان جي عوام ڏانهن اهو پيغام وڃي ٿو ته سنڌ کانسواءِ پيپلز پارٽي وٽ ٻين صوبن ۾ ۽ وفاق ۾ اليڪشن کٽڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي، تڏهن هو هر هڪ ماڻهو جنهن جي ڪابه اهميت ڪونهي انهن جا نالا ڳڻائي ٿو ته محسوس ٿو ٿئي ته پيپلز پارٽي جي سياسي حيثيت سواءِ سنڌ جي باقي ٽن صوبن ۾ تمام ڪمزور آهي. 8 فيبروري 2024 جي اليڪشن جي مهم دوران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي غير ترقي پسندانه خطاب سندس ڪارڪنن کي ۽ خيرخواهن کي تمام گهڻو مايوس ڪيو آهي، جيڪي پيپلز پارٽي سان صرف ان ڪري گڏ بيٺل آهن، جو اها هڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال پارٽي آهي. پيپلز پارٽي کي چونڊن ۾ کٽڻ لاءِ پنهنجا اصول ۽ منشور آهن، انهن کي هڪ پاسي رکي اڳتي نه وڌڻ گهرجي، جيڪا پارٽي پنهنجي بنيادي اصولن کان هٽي ويندي آهي ته پوءِ شايد ان کي بيهڻ جي لاءِ ڪٿي به ڪا جاءِ نه ملندي آهي ۽ ان کي مختلف طريقن سان پنهنجي غلطين کي درست ثابت ڪرڻ لاءِ سبب ڏيڻا پوندا آهن. اميد آهي ته پارٽي جي ليڊرشپ ۽ ان جا خيرخواهه ان ڳالهه تي غور ڪندا ته پارٽي کي هڪ روشن خيال پارٽي ٺاهي رکڻو آهي، يا ان کي وقت ۽ ضرورت جي مطابق مختلف رنگن ۾ رنگي صرف ووٽ حاصل ڪرڻا آهن، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ته ڪيتريون ئي پارٽيون ملڪ ۾ موجود آهن، جيڪي اليڪشن وڙهي ووٽ حاصل ڪري حڪومت ٺاهي سگهن ٿيون.