بلاگنئون

ڌرتيءَ جا فاتح (قسط: ٽين)

فلوريس ٻيٽ جا انسان قد جا ڄامڙا ٿي پيا ۽ يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ انسانن جو ھڪ ٻيو قسم پکڙجڻ لڳو. انھن علائقن ۾ ٿڌ گھڻي ھئي، تنھنڪري اھي انسان ٿڌي آبھوا جا ھيراڪ ٿي پيا. سائنسدانن انھن انسانن کي نينڌر جي واديءَ جا انسان يا نينڌرٿالس سڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته ان جي پھرين شاھدي جرمنيءَ جي ھڪ ماٿري نينڌر مان ملي ھئي. نينڌرٿال قد ۾ اسان جيترا ئي ھئا، پر اھي مضبوط ۽ ڳورا ھئا. انھن کي اسان جي ڀيٽ ۾ وڏا مٿا ھئا. نينڌرٿال انسان پنھنجن انھن وڏن مٿن مان ڪھڙو لاڀ حاصل ڪندا ھئا؟ انھن جھاز ۽ ڪارون ايجاد نه ڪيون ۽ نه ئي انھن ڪتاب لکيا، پر انھن زيور، ٻيون شيون يا اوزار ضرور ٺاھيا. ممڪن آھي ته اھي پکين جي لاتين کي سڃاڻڻ يا جانورن جو پيڇو ڪرڻ يا رقص ۽ خواب لھڻ ۾ اسان کان اڳتي هجن. ان بابت اسان ڪجھه نٿا ڄاڻون. ماضيءَ بابت ڪيتريون ئي شيون آھن، جن بابت اسان کي پتو نه آھي ۽ جيڪڏهن اسان کي ڪنھن شيءِ بابت ڪا ڄاڻ نه آھي ته سائنس ۾ ”مون کي خبر نه آھي“ چوڻ ڏاڍو اھم آھي. اھو سکيا جو پھريون قدم آھي، ڇاڪاڻ جو اوھان مڃيو ٿا ته اوھان کي ڪنھن شيءِ بابت خبر نه آھي ته اتان کان ئي اوھان جواب ڳولڻ شروع ڪريو ٿا.
2008ع ۾ آثار قديمه جي ماھرن ھڪ ٻي حيرت واري دريافت ڪئي. سائبيريا جي ڊينيسووا جي ھڪ غار ۾ کوٽائي کانپوءِ انھن کي قديم انسان جي آڱر جا ٽڪرا مليا ھئا. اھا آڱر ڪنھن ننڍڙي ڇوڪريءَ جي ھئي، جا پنجاھه ھزار سال اڳ اتي رھندي ھئي. جڏھن قديم آثارن جي ماھرن ان ھڏيءَ کي ڏاڍي ڌيان سان جانچيو ته انھن کي خبر پئي ته اھا ڇوڪري انسانن جي قديم اڻڄاتل قسمن مان ھئي. ھوءَ نه نينڌرٿال ھئي ۽ نه ئي فلوريسين ھئي، ويندي اسان کان پڻ مختلف ھئي. قديم آثارن جي ماھرن ان ڇوڪريءَ ۽ ان جي رشتيدارن کي ڊينيسووان جو نالو ڏنو. توھان کي حيرت ضرور ٿيندي ته اھا آڱر نينڌرٿال بجاءِ ھڪ اڻڄاتل انسانن جي قسم سان تعلق رکي پئي. اسان جي جسم جو ھر حصو ڪيترن ئي ننڍڙن جيو گھرڙن جو ٺھيل آھي، جيڪي گڏجي ڪري نڪ، دل، آڱر ۽ ٻيا عضوا ٺاھين ٿا. انھن مان ھر ھڪ جيو گھرڙي ۾ ننڍڙين ھدايتن جو ڪتاب نامو موجود ھوندو آھي، جيڪو سيل کي ھدايتون ڏئي ٿو. ھدايتنامي وارو اھو ڪتاب ڪجھه جيو گھرڙن کي نڪ ٺاھڻ ۽ ڪجھه کي آڱر ٺاھڻ لاءِ ھدايت ڪري ٿو. ويندي توھان جي ٿُڪ، توھان جا ھڏا ۽ توھان جي وارن جي پاڙن ۾ پڻ ان ھدايتنامي واري ڪتاب جون ڪاپيون پيل آھن، جي ائين نه ھجي ھا ته توھان جي جسم کي ڪيئن خبر پئي ھا ته وڌيڪ ٿُڪ ٺاھڻي آھي، وڌيڪ ھڏا ۽ وار ٺاھڻا آھن. ان ڪتاب کي ڊي اين اي(DNA) چئبو آھي. توھان ان کي پنھنجي کليل اک سان نٿا ڏسي سگھو، پر جيڪڏهن توھان ٿُڪ جي قطري، ھڏي جي ٽڪري يا وار کي کڻي سگھاري مائڪرواسڪوپ جي ذريعي ڏسندا ته اوھان کي گھرڙي جي اندر پيچيدہ ڊي اين اي نظر ايندو. جيڪڏھن توھان ھر قسم جا خاص اوزار استعمال ڪندو ته ممڪن آھي ته توھان ڊي اين اي ۾ موجود ھدايتن کي پڙھي سگھو. جيڪڏھن اوھان ڪاري چمڙيءَ جي ماڻھن جو ڊي اين اي پڙھندو ته اوھان کي ڪاري چمڙيءَ جي بناوت بابت ھدايتون ملنديون. ائين ئي ڀوري چمڙيءَ وارن ماڻھن بابت به اھڙيون ئي ھدايتون ملنديون. اوھان جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ جي ڊي اين اي جو ھڪ ٽڪرو به ھٿ ڪري سگھو ٿا ته اوھان ان بابت گھڻو ڪجھه ڄاڻي سگھو ٿا. چاھي اھو ماڻھو گھڻو وقت اڳ ھتان ھليو ڇو نه ويو ھجي، پر ان جو ڊي اين اي – خاص ڪري ٿڌن يا خشڪ علائقن ۾ – حيات رھي سگھي ٿو. سائبيريا ۾ موجود ڊينيسووا غار تمام ٿڌو ۽ خشڪ آھي. جڏھن قديم آثارن جي ماھرن کي اتان آڱر جو ھڏو مليو ھو ته انھن ان کي چڱي نموني چڪاسي، ان مان ڊي اين اي حاصل ڪيو ھو ۽ ان جو ڪوڊ پڙھڻ ۾ پڻ ڪامياب ويا ھئا. اھو ڊي اين اي انسانن جي ڄاتل قسمن کان مختلف ھو. ان طرح ئي سائنسدانن کي خبر پئي ته پنجاھه ھزار سال اڳ ڊينيسووا غار ۾ جيڪي انسان رھندا ھئا، اھي انسانن جي ھڪ اڻڄاتل قسم سان تعلق رکندڙ ھئا. اھي اسان کان، نينڌرٿال ۽ فلوريس ٻيٽ جي ڄامڙن انسانن کان بلڪل مختلف ھئا. تصور ڪريو ته مستقبل ۾ ڌرتيءَ تان سڀ انسان گُم ٿي وڃن ۽ دنيا تي سگھارن ۽ چست ڪئن جي حڪمراني ھجي، ھڪ ڏينھن آثار قديمه جي ماھر ڪئن طرفان ھڪ غار جي کوٽائي ڪئي وڃي ۽ انھن کي توھان جي آڱر ملي پوي ۽ توھان جي ان واحد آڱر جو شڪريو به ادا ڪن ۽ انھن ڪئن کي خبر پوي ته ھن ڌرتيءَ تي ڪو وقت ھو، جو ڪي انسان به رھندا ھئا. تنھنڪري پنھنجين آڱرين جي حفاظت ڪريو. ڄامڙن فلوريسين، نينڌرٿال ۽ ڊينيسووان کان علاوه انسانن جا ٻيا ڪيترائي قسم ڌرتيءَ جي ھن گولي تي رھندا ھئا. اسان کي انھن بابت ايتري ڄاڻ نه آھي، ڇاڪاڻ جو انھن ڪي به ھڏا يا اوزار اھڙا نه ڇڏيا آھن ۽ اسان انھن جا ڊي اين اي پڙھي نٿا سگھون.
•توھان ڪھڙي قسم جا انسان آھيو؟
قديم انسانن جو ھڪ اھڙو به قسم ھو، جنھن بابت اسان کي گھڻي ڄاڻ آھي. اھي ھزارين سالن کان اسان جا وڏڙا ھئا. جنھن وقت ڄامڙا انسان فلوريس جي ٻيٽ تي، نينڌرٿال يورپ ۾ ۽ ڊينيسووا سائبيريا جي غارن ۾ رھندا ھئا، تڏھن اسان جا وڏڙا گھڻي ڀاڱي آفريڪا ۾ رھندا ھئا. سائنسدانن اسان جي وڏڙن کي ھومو سيپينس)Homo sapiens( يا سيپين چون ٿا. ڇا اھو ان ڪري جو، اھي سيپين جي ٻيٽ، سيپين وادي يا سيپين غار ۾ رھندا ھئا، جو انھن تي اھو نالو پيو؟ پر ائين نه آھي. ھومو )Homo( ۽ سيپينس)Sapiens( لفظ لاطيني ٻوليءَ جا آھن. لاطيني قديم ٻولي آھي، جا، اڄ تمام ٿورڙا ماڻھو ڳالھائين ٿا. ڇاڪاڻ جو اھا آڳاٽي ۽ پيچيده آھي. لاطيني ٻولي جادوءَ جھڙي لڳي ٿي. تنھنڪري سائنسدان جڏھن به ڪنھن اھم شيءِ کي ٺاھڻ چاھيندا آھن ته اھي ان کي لاطيني ٻوليءَ جي ڪنھن لفظ جو نالو ڏيندا آھن. اھي بيمارين، دوائن، ٻوٽن ۽ جانورن تي لاطيني ٻوليءَ جا لفظ رکندا آھن. مثال جيڪڏهن ڪو سائنسدان ٻلين بابت ڳالھائي ٿو ۽ ان بابت ڪا سنجيده ڳالھه ڪرڻ چاھي ٿو ته اھو ٻليءَ کي عام نالي سڏڻ بجاءِ Felis Catus جي نالي سان پڪاريندو، جنھن جي لاطيني زبان ۾ معنيٰ ٿيندي ”ڪنجوس ٻلي“. اھڙيءَ طرح انسانن جي مختلف قسمن کي عمدہ لاطيني نالن سان سڏيو ويو. جڏھن سائنسدان نينڌرٿالس بابت ڳالھائڻ چاھيندا يا ڪا سنجيده ۽ اھم ڳالھه ڪرڻ چاھيندا ٿا ته اھي بجاءِ نينڌرٿالس پڪارڻ جي انھن کي ھومو نينڌرٿالينسس )Homo Neanderthalensis( سڏين ٿا. لاطيني ٻوليءَ ۾ ھومو معنيٰ انسان ۽ نينڌرٿالينسس معنيٰ نينڌرٿال ماٿريءَ کان. اھڙيءَ طرح فلوريس ٻيٽ جي انسانن کي سائنسدان ھومو فلوريسينس سڏين ٿا يعني فلوريس ٻيٽ جا رھواسي. جڏھن سائنسدانن اسان انسانن جي قسم کي نالو ڏيڻ جو سوچيو ته انھن کي ڀلوڙ لاطيني نالو ڏنو ويو يعني ھومو سيپينس، پر ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ لاطيني ۾ لفظ سيپينس جي معنيٰ آھي سياڻو. سو ھومو سيپينس جي معنيٰ ٿيندي سياڻو انسان)Wise Humans(. اسان خود کي ”سياڻو انسان“ سڏڻ شروع ڪيو. ھاڻ اھا ڳالھه چٽي نه آھي ته اسان واقعي به ٻين انساني قسمن کان وڌيڪ سياڻا آھيون، پر جيئن به آھي، اسان جو نالو ھاڻ سيپينس آھي. توھان اسان سيپينس آھيون. توھان اسان جا مائٽ ۽ دوست سيپينس آھن. دنيا ۾ موجود سڀ انسان سيپينس آھن.
تقريبن ھڪ لک سال اڳ اسان جا سيپينس وڏڙا گھڻي ڀاڱي آفريڪا ۾ رھندا ھئا. جيڪڏھن اوھان انھن کي جانورن جي کلن بجاءِ کين جينز ۽ شرٽ ۽ سٺن وارن جي ڪٽائيءَ ۾ ڏسو ھا ته توھان کي اھي ھُوبھو اڄ جي انسانن جھڙا نظر اچن ھا، پر اھي قديم لوڪ اسان کان ڪجھه مختلف ھئا. ٻين انسانن جيان سيپينس وٽ باھه ۽ پٿر وارا اوزار ھئا. تنھنڪري اھي شينھن کي خوفزده ڪري سگھندا ھئا ۽ وڏن جانورن جو شڪار ڪري سگھندا ھئا، پر انھن کي ڪڻڪ جي لاباري ۽ گھوڙي سواري جي خبر نه ھئي، اھي ويگن ۽ جھاز نه ٺاھي سگھندا ھئا ۽ انھن وٽ نه ڳوٺ ۽ نه ئي شھر ھئا. اھي تمام ٿورڙا ھئا. سڄي آفريڪا ۾ گھڻو ڪري ھڪ لک کان به گھٽ سيپينس ھئا. توھان انھن سڀنيءَ کي فوٽ بال جي ھڪ وڏي اسٽيڊيم ۾ گڏ ڪري پئي سگھيا. ان کان اڳ ھن ڌرتيءَ تي سيپينس تمام اھم جانور نه ھئا، ٿي سگھي ته وھيل يا ماڪوڙا اھم ھجن ۽ پوءِ پنجاھ ھزار سال اڳ ھر شيءِ تبديل ٿي وئي، ڌرتيءَ تي ھڪ وڏو سانحو ٿيو ۽ نتيجي ۾ سواءِ سيپينس جي، انسانن جا سڀ قسم؛ ڄامڙا فلوريسينس، نينڌرٿالس ۽ ڊينيسووانس مارجي ويا. اھو سانحو ڪھڙو ھو؟ اھو ڪو خلا مان ايسٽرائڊ پٿر نه ھو، نه ئي ڪو جبل مان لاوو ڦاٽو. نه ئي ڪو زلزلو آيو، پر ان جا ذميدار خود اسان جا وڏڙا ھئا. ان وقت اسان جي وڏڙن سان ڪجھه عجيب ٿيو، جنھن سبب اھي سگھارا بڻجي ويا. توھان حيران ٿي رھيا ھوندا ته آخر اھڙو ڇا ٿيو ھو؟ سيپينس جيئن جيئن سڄي دنيا تائين پکڙجندا ويا، جنھن به واديءَ يا ٻيٽ تي پھچندا ويا، اتان انسانن جا ٻيا سڀئي قسم گُم ٿيندا ويا. مثال جي طور جڏھن نوان سگھارا سيپينس يورپ ۾ پھتا ته انھن سڀني ناسپتين کي چونڊيو، سڀ ٻير کاڌا ۽ سڀني ھرڻين جو شڪار ڪيو. ان جو اھو مقصد ٿيو ته مقامي نينڌرٿالس جي کائڻ لاءِ ڪجھه به نه بچيو، سو اھي بک سبب مري ويا ۽ جي ڪنھن نينڌرٿالس سيپين کي سڄو کاڌو کڻي وڃڻ کان روڪيو به ٿي ته انھن ان کي ماري ٿي ڇڏيو. ان کانپوءِ اسان جا وڏڙا سائبيريا ويا ۽ ڊينيسووانس کان سڄو کاڌو ڦري ورتو ۽ ان کانپوءِ اھي فلوريس ويا ۽ ان کانپوءِ اتي ھڪ به انسان نه رھيو ۽ نه ئي ڪو ھاٿي بچيو. جڏھن سڀ انسان ويا ھليا، تڏھن به اسان جا وڏڙا مطمئن نه ٿيا ھئا. جيتوڻيڪ اھي ھاڻ ڏاڍا سگھارا بڻجي چڪا ھئا، تنھن باوجود به انھن کي وڌيڪ سگھه ۽ جھجھي کاڌي حاصل ڪرڻ جي اون ھئي ۽ ڪڏھن ڪڏھن اھي ھڪٻئي سان به وڙھي پوندا ھئا. اسان سيپينس ڪي ڀلا جانور نه آھيون. اسان ٻين سيپينس لاءِ ظالم به ٿي سگھون ٿا، ڇاڪاڻ جو انھن جي چمڙيءَ جو رنگ مختلف آھي يا اھي مختلف ٻولي ڳالھائين ٿا يا مختلف مذھبن جي پيروي ڪن ٿا. سو اھا ڳالھه اسان لاءِ ڪا گھڻي حيرت واري نه آھي ته جڏھن اسان جا وڏڙا انسانن جي ھڪ مختلف نسل مثال جي طور نينڌرٿال سان مليا ھوندا ته گھڻو ڪري انھن سان سٺو ورتاءُ نه رکيو ھوندائون، پر ڪجھه سال اڳ سائنسدانن اھو دريافت ڪيو ته گھٽ ۾ گھٽ اسان جي ڪجھه سيپينس وڏڙن ٻين انسانن کي ماريو يا ڪو نقصان نه پھچايو ھو. ڇا توھان کي اسان جي جسم جو ھدايتنامو يعني ڊي اين اي ياد آھي؟ ڊي اين اي نه صرف اسان جي وارن جي رنگن ۽ آڱرين جي نقش بابت ٻڌائي سگھي ٿو، پر اِھو اُھو به ٻڌائي ٿو ته توھان جا والدين ڪھڙا آھن ۽ انھن جا والدين ۽ انھن جي والدين جا والدين ڪھڙا آھن. اھو ان ڪري آھي جو توھان کي ويندي ھزارين سال پٺتي پنھنجي والدين کان ڊي اين اي ملي ٿو ۽ انھن کي پنھنجي والدين کان ملي ٿو ۽ انھن جي والدين کي وري سندن اڳوڻن والدين کان منتقل ٿئي ٿو. اھو سلسلو ائين ھلندو رھي ٿو. جڏھن سائنسدانن نينڌرٿالس جا ڊي اين اي پڙھڻ شروع ڪيا ته انھن کي ڪجھه عجيب شيون سکڻ لاءِ مليون ته اڄ جي انسانن جي ڊي اين اي ۾ موجود ڪجھه ھدايتون نينڌرٿالس کان ورتل آھن. ان جو مطلب ٿيو ته اڄ جيڪا به حيات سيپينس آھن، انھن مان ڪجھه جا نينڌرٿالس وڏڙا ھئا. توھان جا وڏڙا نينڌرٿالس ھئا يا نه اھو چڪاسڻ اڄ تمام آسان آھي. توھان کي ٽيسٽ ٽيوب ۾ ٿُڪ جو قطرو ڏيڻو پوندو ۽ ان کي ليبارٽري موڪلڻو پوندو. ويندي توھان جي ٿُڪ جي ھڪ قطري ۾ توھان جي ڊي اين اي جون لکين ڪروڙين ڪاپيون موجود ھونديون آھن. ليب جي ذريعي اوھان کي پتو پوندو ته اوھان جي جسم جا ڪجھه ذرڙا نينڌرٿالس وٽان آھن، جو انھن جا ٻارڙا پنجاھه ھزار سال اڳ توھان جي وڏڙن سان گڏ ھئا، پر سوال اھو ٿو ٿئي ته آخرڪار توھان جي وڏڙي کي نينڌرٿالس مان ٻار حاصل ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت پئي؟ اسان کي ان بابت پڪ نه آھي، پر ٿي سگھي ٿو ته اھو پيار جي پيچ ۾ اڙجي ويو ھجي. ٿي سگھي ته ان تي سڀئي دوست ان وقت کليا به ھوندا ۽ انھن کيس منع به ڪيو ھوندو ته نينڌرٿال سان ڊيٽ نه ھڻي، پر پيار انھن سڀني رڪاوٽن کي ٽوڙي پار پئجي ويو ھوندو يا شايد ٿي سگھي ٿو ته سيپينس جي ھڪ گروھه نينڌرٿال جي ھڪ ٻار کي سندس سڀني رشتيدارن جي وفات کانپوءِ نپايو ھجي. ٿي سگھي ته سيپينس نينڌرٿال ڇوڪريءَ کي اغوا ڪيو ھجي ۽ ان کي زوري پنھنجي ٽولي ۾ شامل ڪيو ھجي. ٿي سگھي ٿو ته ان سان ڪنھن سيپين پارٽنر تعلقات قائم ڪيا ھجن ۽ کين ٻار پيدا ٿيا ھجن، پر اھي واقعا تمام گھٽ ٿيا ھوندا. گھڻن معاملن ۾ اسان جا وڏڙا جن به نينڌرٿالس سان مليا، انھن کي ختم ڪري ڇڏيائون. اھو تصور ڪيڏو نه دلڪش آھي، جيڪڏهن اسان جا وڏڙا نينڌرٿالس ۽ فلوريسينس کي رھڻ ۽ واڌ ويجھه ڪرڻ ڏين ھا. جيڪڏھن اھي ٻيا انسان اڄ اسان سان گڏ زندگي گذاري رھيا ھجن ته ڪيئن لڳي ھا؟ ٿي سگھي ٿو ته نينڌرٿال ٻارڙا اسڪول جي ٽيم ۾ اڳڀرا ھجن ھا. ٿي سگھي ٿو ته توھان جي پاڙي ۾ فلوريس جا ڄامڙا پناهگير ھجن ھا ۽ سياست ۽ مذھب جو منظرنامو ڇا ھجي ھا؟ ڇا ڊينيسووانس کي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جي اجازت ھجي ھا؟ ڇا پادري نينڌرٿال ۽ سيپينس جي وچ ۾ شاديءَ بابت رضامندي ڏيکارين ھا؟ ڇا نينڌرٿال پادري، ربي يا امام ٿي سگھي ھا؟ ڇا توھان چاھيو ھا ته نينڌرٿال اوھان جو دوست بڻجي سگھي ھا؟ جيڪڏهن اسان سان گڏ ٻيا انسان زنده رھي سگھن ھا ته ٿي سگھي ٿو ته اسان جيئن اڄ پاڻ کي ڏسون ٿا، ائين اسان جي ڏسڻ جو زاويو تبديل ھجي ھا. اڄ انسان جي گھڻائي سمجھي ٿي ته اسان ڪا تمام خاص مخلوق آھيون. توھان جيڪڏهن انھن کي اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آھيو ته انسان جانور آھن ته اھي اڪثر ڪري گھڻو اداس ٿي ويندا آھن، ڇاڪاڻ جو اھي سوچين ٿا ته اسان ٻين جانورن کان مڪمل طور مختلف آھيون. انسان ائين سوچين ٿا، ڇاڪاڻ جو جڏھن انسانن جا ٻيا سڀ قسم ھن ڌرتيءَ تان ميسارجي چڪا ھئا، تڏھن صرف اسان ئي بچيا ھئاسين. تنھنڪري اھو تصور ڪرڻ نھايت ئي آسان ھو ته اسان سيپينس ٻين جانورن جھڙا نه ھئاسين، پر جيڪڏهن نينڌرٿالس يا فلوريسينس زندہ ھجن ھا ته اسان لاءِ اڄ اھو ڏاڍو ڏکيو ھجي ھا ته اسان خود کي بي مثال ۽ مختلف مخلوق سمجھون ھا. شايد اھو ئي سبب ھو، جو اسان جي وڏڙن ٻين سڀني انسانن مان جند ڇڏائي ڇڏي، پر اسان جا وڏڙا ٻين انسانن تي ڪيئن حاوي بڻجي ويا؟ نينڌرٿالس ته انھن کان ڏاڍا مضبوط ۽ جانٺا مڙس ھئا، ڊينيسووانس انھن جي ڀيٽ ۾ ٿڌين جاين تي سٺي نموني ھريل ھئا ۽ فلوريس جي ڄامڙن انسانن کي نھايت ئي گھٽ کاڌي جي ضرورت پوندي ھئي، پر تنھن ھوندي به اسان جا وڏڙا ڌرتيءَ جي ھن گولي جا فاتح بڻجي ويا. انھن جي اعليٰ سگھه ڇا ۾ سمايل ھئي؟
***