ذهن جي اندر موجود سوچن کي پڙهندڙ مشين تيار
اهو ته صرف فلمن ۾ ئي ڏٺو ويو آهي ته انسان پنهنجي دماغ ۾ جيڪي ڳالهيون سوچي ٿو اهي ٻئي تائين پهچي وڃن. ۽ هاڻي ميساچوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف سائنس پاران ان کي حقيقي روپ ڏنو ويو آهي. ايم آئي ٽي پاران اهڙي مشين تيار ڪئي وئي آهي جيڪا منهن تي پاتي ويندي ۽ اهااعصابي سگنلز جي جانچ ڪري انهن کي اسپيڪر مان لفظن جي صورت ۾ ٻاهر ڪڍندي.ڏسڻ ۾ ته اها ڪا ميڊيڪل جي ڊيوائيس لڳي ٿي پر سائنسدانن جي خيال ۾ اها مستقبل ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيندي. ايم آئي ٽي جي ڊيوائيس جو سسٽم ذهن ۾ اڀرندڙ لفظن جا سگنل پڪڙيندو ۽ هيڊ فونز ذريعي ان جون لهرون ڪن جي اندروني هڏين تائين پهچائيندو آهي .اهي سگنل بعد ۾ هڪ ڪمپيوٽر ۾ موڪليا ويندا آهن جنهن جو نيورل نيٽ ورڪ لفظن جي شناخت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي .في الحال هن سسٽم کي تفريحي ڪمن لاءِ ڪم آندو پيو وڃي. ايم آئي ٽي ۾ گريجوئيشن جي شاگرد ۽ هن تحقيق جي مرڪزي مصنف ارنو ڪپور مطابق هو انسان ۽ مشين کي اهڙي طرح ٿو ڳنڍڻ چاهي جو اها انسان جي شعور جو حصو بڻجي وڃي. هن مشين کي آفٽيفيلشل انٽيليجنس آگمينٽيشن ڊوايس جو نالو ڏنو ويو آهي. اسان جو خيال آهي ته اهڙو سسٽم جوڙيو وڃي جيڪو دماغ جي پوري سوچ کي ڪمپيوٽر تي ظاهر ڪري . هي سسٽم ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ انقلاب آڻيندو جيڪو جانچ جي ڪم ۾ پڻ مدد ڪندو.

