نئون

سفيد رنگ جو روبوٽ چمڙو

جرمني جي سائنسدانن پاران اصل جهڙو نظر ايندڙ روبوٽ چمڙو تيار ڪري ورتو آهي. هن چمڙي جو رنگ اڇو رکيو ويو آهي ته جيئن هن کي پسند ڪيو وڃي. هي چمڙو بلڪل اصل چمڙو نظر اچي ٿو بس فرق اهو آهي ته اهو هڪ روبوٽ آهي. سائنسدانن ڪڏهن ڪڏهن تحقيقي ليبارٽرين ۾ ريسرچ کان ٻاهر نڪري فطرت جي تخليقي ڪم جي نقل ڪرڻ به چاهيندو آهي. جنهن ڪارڻ ئي ڪڏهن پکين وانگر جهاز ٿي ويندو آهي ته ڪڏهن انسان جا نقلي عضوا ٺهندا آهن ۽ هاڻي هڪ اڏامندڙ روبوٽ ٺاهيو ويو آهي هونئن ته روبوٽ وڏي عرصي کان دنيا ۾ موجود آهن پر هڪ انسان جي شڪل جو روبوٽ جنهن جي جسم ۾ سَنڌ (Joints) هجن ۽ اهو توازن رکي به هلي سگهي اهڙو روبوٽ ته اڃان تائين نه ٺهي سگهيو آهي پر هن وقت چمڙي جهڙو روبوٽ ٺاهڻ جو مطلب آهي ته انساني شڪل نما روبوٽ ٺاهڻ طرف هڪ اهم قدم کڄي ويو آهي، هن روبوٽ جو نالو فلائنگ فاڪس رکيو ويو آهي. هن جي اڏام بلڪل هڪ چمڙي جهڙي آهي جيڪو جرمن ڪمپني فيسٽو تيار ڪيو آهي جنهن جو وزن 580 گرام آهي ڊيگهه 87 سينٽي ميٽر ۽ پرن جي ڊيگهه 228 سينٽي ميٽر آهي. هن ۾ ٻن طرحن جي حرڪتن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. پرائمري ۽ سيڪنڊري ڪائنا ميٽڪس انهن کي سمجهڻ تمام مشڪل آهي پر سائنسدانن ان جي طبيعات کي سمجهندي هي روبوٽ تيار ڪيو آهي. ماهرن پاران خاص مٽيريل سان هن چمڙي جا پر ٺاهيا آهن جيڪي تمام هلڪا ۽ لچڪدار آهن، جنهن ڪارڻ چمڙي کي نقصان پهچائڻ باوجود به اهو اڏامي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته روبوٽ چمڙي کي ڪيترن ئي اهم ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ سان مختلف پکين جي حرڪتن ۽ اڏام کي سمجهي سگهڻ ۾ مدد ملي سگهندي.