ايڊيٽوريل

يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ نئون امن فارمولو

روسي صدر ولاديمير پيوٽن يوڪرين جي جنگ جي حل لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ امن فارمولو ڏيندي روسي صدر چيو آهي ته يوڪرين تنازعو روس سان مخلصانه ڳالهه ٻولهه کانسواءِ ڪڏهن به حل ڪونه ٿيندو. سموري دنيا ڄاڻي ٿي ته روس پنهنجي پاڙيسري رياستن سان پنهنجي من مرضيءَ جون پاليسيون اختيار ڪندو رهيو آهي. ان جو ثبوت اهو آهي ته 24 فيبروري 2022 تي روس پاڙيسري ملڪ يوڪرين تي زميني سامونڊي هوائي رستن جي ذريعي حملو ڪيو ۽ اها جنگ اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.
لڳي ائين ٿو ته هن دفعي روس کي پنهنجي جارحيت ايئن ڪونه ڦٻي آهي جيئن ماضيءَ ۾ ڦٻندي رهي آهي. روس يوڪرين جنگ جيئن ته ڊگهي ٿي وئي آهي ۽ روس کي اهڙو جاني ۽ مالي نقصان پهتو آهي. جنهن جي توقع شايد انهيءَ عالمي طاقت کي نه هئي. يوڪرين تي حملي جي نتيجي ۾ عالمي طاقت آمريڪا کان وٺي ٻين يورپي ملڪن روس تي اقتصادي پابنديون هنيون آهن، انهيءَ ڪري لڳي ٿو ته موجوده حالتن ۾ روس شايد جنگ جو خاتمو چاهي ٿو. 24 فيبروري تي روس جڏهن يوڪرين تي حملو ڪيو ته ولاديمير پيوٽن پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته يوڪرين کان روس کي خطرو محسوس ٿي رهيو آهي ۽ روس پاڻ کي محفوظ تصور نٿو ڪري. جنگ جي نتيجي ۾ روس جي صدر تي عالمي برادري لڳاتار اهو الزام هڻندي رهي آهي ته انهيءَ يورپ جي امن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ يوڪرين ۾ جاري جنگ يورپ جي حفاظتي ڍانچي کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. يوڪرين هڪ اهم ملڪ آهي اهو دنيا کي ملندڙ تيل ۽ گئس کي پيدا به ڪري ٿو ۽ ان کي يورپي ملڪن تائين پهچڻ ۾ رستو به ڏئي ٿو. يوڪرين بلا شڪ دنيا جو اناج گهر آهي. يوڪرين ڪڻڪ ۽ جَوَن جي پيداوار جو اهم ملڪ آهي. جڏهن روس ۽ يوڪرين تنازعو ٿيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل، ڪڻڪ ۽ جَوَن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. روس جي حملي جي ڪري دنيا مهانگائي کي ڀوڳيو آهي ۽ يوڪرين جي عوام بيگناهه پنهنجون جانيون ڏنيون آهن. روس ۽ يوڪرين تنازعو پراڻو آهي. هن کان اڳ روس 2014ع تي يوڪرين تي حملو ڪيو هو. انهيءَ وقت کان وٺي روس ۽ يوڪرين تنازعو پنهنجي جاءِ تي جاري آهي ۽ فيبروري 2024ع کان ئي اهو هڪ مڪمل جنگ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. روس کي اها اميد هئي ته يوڪرين تي حملي کانپوءِ روس کي يقين هو ته اتي جي حڪومت ڪمزور ٿي ويندي ۽ هو پنهنجي ڪٺ پتيلن جي ذريعي يوڪرين تي حڪومت ڪندو، پر ايئن ڪونه ٿيو يوڪريني صدر زيلينڪسي پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺو ۽ هن روس جي جارحيت کي منهن ڏنو ۽ روس کي پهريون دفعو پنهنجي پاڙيسري ملڪ کان اهڙي مزاحمت ملي آهي. يوڪريني آبادي غير ملڪي حملي جي خلاف سخت مزاحمت ڪئي آهي. تڏهن ائين ٿيو آهي جو روس جو فولادي مرد ولاديمير پيوٽن امن جو فارمولو کڻي آيو آهي. يوڪرين سان تنازعو حل ڪرڻ لاءِ نئون امن فارمولو ڏيندي روسي صدر چيو ته يوڪريني فوجون روس سان الحاق ٿيل يوڪريني علائقن دونيتسڪ، لوهانسڪ، خرسون ۽ زاپورزيا جي علائقن مان مڪمل طرح نڪري وڃن ۽ يوڪرين نيٽو ۾ شموليت کان انڪار ڪري ته ان کانپوءِ ماسڪو جنگ بندي ڪري ڇڏيندو ۽ امن ڳالهه ٻولهه جو آغاز ٿي ويندو. اسين صدر پيوٽن جي امن جي ان ڳالهه کانپوءِ اها اميد ڪري سگهون ٿا ته روس ۽ يوڪرين ٻن پرامن ملڪن جي حيثيت ۾ عالمي برادريءَ ۾ ترقي ڪندا رهندا.
هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته ويجهي ماضيءَ ۾ اهو پهريون دفعو آهي جو روس جي پاڙيسري رياستن مان يوڪرين ئي واحد رياست آهي جيڪا روس سان جنگ جي حالت ۾ بيٺي رهي آهي، جنگ جيڪا ان تي 24 فيبروري 2022 واري تاريخ کان مڙهي وئي آهي. ان سڀ جي باوجود جيڪڏهن روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ديرپا امن قائم ٿئي ٿو ته انهيءَ ڳالهه جي ڀليڪار ڪبي.