هن وقت منهنجي سامهون جيڪو ڪتاب آهي، اُهو اُنهيءَ شخص جو آهي. جنهن وٽ احساسن جو خزانو آهي. بي حس سماج ۾ حساس هجڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. سو، هي شخص به اِهي عذاب ڀوڳيندو رهي ٿو. اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون سائين آصف جمالي صاحب جو ۽ سندس تازو شايع ٿيل ڪتاب “شهر ڪٿا” جو، جنهن ۾ تلهار شهر جي تاريخ غير روايتي انداز ۾ لکيل آهي.
آصف لکندو به مختصر آهي ۽ ڳالهائيندو به مختصر آهي، انهيءَ ڪري مونکي پنهنجي ويجهو لڳندو آهي، پر سندس اُهو ڳالهائڻ ۽ لکڻ معنيٰ خيز هوندو آهي. هِن کان اڳ به آصف جمالي جا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب به شامل آهي. آصف جي هر ڳالهه ۾ ڪا نه ڪا ڪهاڻي سمايل هوندي آهي. انهيءَ مان ئي سندس مشاهداتي سگهه جو اندازو ٿئي ٿو. تلهار تي روايتي انداز ۾ واقعا تاريخن سان مختلف ليکڪن لکيو آهي، پر تلهار جي شاندار ماضي ۽ بيحال حال تي، ڪنهن به ناهي لکيو. اُهو لکي آصف، پاڻ کي ٻين کان منفرد بڻايو آهي. شهر ڪٿا ۾ دردن ۽ احساسن جو ذڪر آهي. انهن ماڻهن جو ذڪر آهي، جن جو ذڪر ڪير به نٿو ڪري يا وري سماج لاءِ اُهي وڏا ماڻهو ناهن. آصف انهن تي لکي نه رڳو کين تاريخ جو حصو بڻايو آهي، پر ٻين کي به اِهو احساس ڏياريو آهي ته پنهنجي اوسي پاسي نظر ڦيرايو ۽ ڏسو ته ڪي لڪل هيرا ته موجود ناهن..؟! جن لاءِ ڀٽائي سائين چيو آهي ته “لِڪا ڀڻن لوڪ ۾…”
آصف جڏهن هن ڪتاب جو مسودو مونکي پڙهايو ته ان وقت به آئون هي سمجهي سگهيس ۽ ان وقت لکيم ته اڄوڪي هِن نفسانفسي ۽ وٺ پڪڙ جي جهان ۾، صاحبِ دل ۽ صاحبِ احساس هجڻ تمام وڏي ڳالهه آهي. تمام ٿورا ماڻهو صاحبِ دل ۽ صاحبِ احساس آهن. اسانجو مانوارو سائين آصف جمالي به انهن ٿورن ماڻهن ۾ شامل آهي. جن جي صاحبِ احساس هجڻ جي شاهدي، سندن اکين ۾ موجود اُهو ڳوڙها به ڏيندا، جيڪا سندن اکين مان اڃا نڪتا ئي ناهن. هي ماڻهو دنيا جي روايتي ماڻهن کان بلڪل مختلف، پنهنجي الڳ دنيا ۾ رهندڙ ماڻهو آهن. هنن جي دنيا، احساسن، پيار، پنهنجائپ، سهپ، ساڃاهه، ڏک ۽ پيڙاءُ جي دنيا آهي. هونئن به سُرت کي سُور آهي.
آصف ڪاغذ ۽ قلم سان به نينهن نڀائيندو اچي. هو مسلسل لکندو رهي ٿو. مونکي سندس هر لکڻي ۾ ڪا نه ڪا ڪهاڻي نظر اچي ٿي. هونئن به هي بنيادي طور ڪهاڻيڪار ئي آهي. سندس لکڻيون احساساتي به آهن ته سچ کي سامهون آڻيندڙ به آهن. سندس هي ڪتاب شهر ڪٿا به تلهار شهر جي تاريخ آهي. جيڪا روايتي تاريخ ناهي. جنهن ۾ رڳو واقعا ۽ انگ اکر هجن پر هي احساسن ۽ دردن جي تاريخ آهي. جنهن جي پڙهڻ سان هِن شهر جي حسناڪي ۽ شاندار ماضيءَ جو احساس شدت سان ٿئي ٿو ۽ اِهو به پتو پوي ٿو ته اسانجو هي ليکڪ دوست ڪيڏو نه حساس ۽ ڪومل جذبن جو مالڪ آهي. هِن ڪتاب ۾ انهن ماڻهن جو به ذڪر آهي، جن جو ذڪر عام طور تي نٿو ٿئي. آصف انهن جو ذڪر ڪري کين پيار مان ياد ڪيو آهي.
مونکي اِها اميد آهي ته هي ڪتاب پڙهندڙن ۾ پنهنجي هڪ الڳ جڳهه جوڙيندو.
آصف پنهنجو ڪتاب پنهنجي بابا سائين کي ارپيو آهي، جنهن ۾ هُو لکي ٿو ته:
“اونداهيءَ جي وحشت ٿيندي آهي
روز دل ۾
اميد جو ڏيئو ٻاري
سمهندا آهيون
خواب ڏسندا آهيون
خوابن ۾
اڻ ڏٺل منظر
۽ ماڻهو ڏسندا آهيون
هڪ عجيب دنيا هوندي آهي
پر تون نه هوندو آهين
خواب ڏسندا آهيون
خوابن جي دنيا ۾
توکي ڳوليندا آهيون
پر تون نه ملندو آهين..”
تلهار شهر جي ڪٿا بيان ڪندي، تلهار جي ماڳ مڪان جو به ذڪر ٿئي ٿو. جن ۾ لائبريري، ڪتاب گهر ۽ پوسٽ آفيس جو به ذڪر آهي. اِهي ٽئي ماڳ نه رڳو تلهار، پر هاڻي گهڻن ئي شهرن ۾ ويران آهن. جن جو پنهنجو پنهنجو درد آهي.
شهر ڪٿا ۾ تلهار جي ڪردارن جو به ذڪر بيحد وڻندڙ انداز ۾ ٿيل آهي، جن ۾ مٺو مهيري، نور محمد سومرو، سليمان پرڏيهي، مائيڪل، پروفيسر مٺا خان مري، ڊاڪٽر سومار کوسو، پِي ڪي شاهاڻي سميت ٻيا ڪيترائي ڪردار شامل آهن.
آصف جمالي جو نثر، شاعراڻو نثر آهي، ان ڪري سندس لکڻيون وڻندڙ لڳن ٿيون ۽ پڙهندڙ رواني سان پڙهندو رهي ٿو.
امرتا پبليڪشن پاران شايع ڪيل هي ڪتاب، مونکي اميد آهي ته جلد ئي هي ڪتاب اوهانجي لائبريري ۾ هڪ سهڻو اضافو ثابت ٿيندو.
***