ايڊيٽوريل

ڪراچي ۾ سائيبر نائف جي افتتاحي تقريب ۽ 9 ماڻهو طبي امداد نه ملڻ سبب فوت

سنڌ حڪومت جي ڪنهن شعبي ۾ ساراهه ڪجي ته اهو شعبو صرف صحت جو چئي سگهجي ٿو، باقي ته هر طرف ڪاريءَ وارا ڪک نظر اچن ٿا، آبپاشي کاتو هجي، زرعي کاتو هجي، تعليم جو کاتو هجي.
اهڙيءَ طرح جنهن به کاتي طرف نظر ڦيرائجي ته انهن کاتن جي حالت بهتر نظر نه ايندي. البته صحت کاتي ۾ سنڌ حڪومت ڪافي حد تائين بهتري آندي آهي، سندس بجيٽ جيڪا صحت جي حوالي سان آهي ان مان عام غريب ماڻهو کي ۽ سفيد پوش ماڻهو کي يقينن فائدو پئجي رهيو آهي. اين آءِ سي وي ڊي هجي، گمبٽ اسپتال هجي، ايس آءِ يو ٽي هجي، انڊس اسپتال هجي، جناح اسپتال هجي انهن اسپتالن جي ساراهه نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي. 19 آگسٽ 2024 تي بلاول ڀٽو زرداري جناح اسپتال ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ لڳايل مشينون جن کي سائيبر نائف چيو وڃي ٿو، جو افتتاح ڪيو ۽ ان سان گڏ 4 وارڊ جيڪي 120 بسترن تي مشتمل آهن انهن جو پڻ افتتاح ڪيو. هن وقت پنجاب حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ بجليءَ جي بلن تي بحث ڇڙيل آهي جڏهن کان وٺي مريم نواز جي صوبائي حڪومت اتان جي عوام کي في يونٽ 14 رپيا بجليءَ جي بل ۾ سبسڊي ڏني آهي. ان تي مراد علي شاهه جو تنقيدي بيان ٻڌڻ ۾ آيو. جنهن تي بلاول ڀٽي زرداري وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي تقرير جو حوالو ڏيندي جنهن ۾ سي ايم سنڌ چيو هو ته صرف بجليءَ جي بلن ۾ ماڻهن کي رليف ڏيڻ جو مقابلو نه ڪريو، سنڌ سان سڀني شعبن ۾ مقابلو ڪري ڏيکاريو. سي ايم صاحب جي ان تقرير جو حوالو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي طب جي شعبي ۾ بهتري ڏسڻي آهي ته اهو سنڌ صوبي ۾ اچي ايستائين جو جيڪڏهن هاڻي وزيراعظم پاڪستان ڪراچي جو دورو ڪري ٿو ته انهيءَ کي به ڪراچي جي اسپتالن جو دورو ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن پنجاب صوبي کي صحت جي شعبي جي انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ جي ضرورت آهي ته سنڌ جو صحت وارو شعبو پنجاب کي پوري مدد فراهم ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري پنجاب صوبي ۾ صحت جون حالتون بهتر بنائڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ ۽ وزير صحت سنڌ جون مفت سروسز فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ياد رهي ته وزير صحت سنڌ ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو بلاول ڀٽو زرداري جي پڦي آهي. اسان جو مطالبو آهي ته جيڪڏهن پنجاب حڪومت وزير صحت سنڌ کي گهرائي ٿي ته کيس روڊ رستي وڃڻ گهرجي ته جيئن کيس خيرپور ضلعي جي اسپتالن جي سهولتن بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. جيڪڏهن هوائي جهاز ذريعي ويندي ته خيرپور ضلعي جي اسپتالن جي خراب حالتن جي کيس خبر پئجي نه سگهندي. هي اهو ئي ضلعو آهي جنهن جي تعلقي پير ڳوٺ جي هڪ ڳوٺ هيبت بروهي ۾ 19 آگسٽ 2024 تي زهريلو کير يا ڪو کاڌو استعمال ڪندي 9 ماڻهو بيهوش ٿي ويا، انهن کي طبي سهولت پهچائڻ لاءِ تعلقي اسپتال پير ڳوٺ آندو ويو، پر اتي کين طبي امداد ڏيڻ جي سهولت موجود نه هجڻ ڪري انهن سڀني متاثر فردن کي خيرپور جي سول اسپتال آندو ويو، پر اتي به گهربل انتظام مهيا نه هجڻ سبب انهن سڀني ماڻهن کي سکر جي سول اسپتال نيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ زهر پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ دير ٿيڻ سبب اهي 9 ئي متاثر ماڻهو پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ويٺا. جيڪڏهن انهن کي ترت طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ها ته يقينن اهي قيمتي جانيون بچائي سگهجن ها. اميد آهي ته ان واقعي بابت تفصيل سان جاچ ڪئي ويندي ۽ صحت واري وزارت تعلقي سطح کان وٺي ضلعي سطح تائين ذميدار انتظاميه کان احتساب وٺندي. جتي سنڌ حڪومت ڪجهه اسپتالن ۾ بهتر انتظام ڪري انهن جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ساڳئي وقت ان کي اهڙي بد انتظامي واري صورتحال کي به پنهنجي ذميداري سمجهي قبول ڪرڻو پوندو. عوام صرف شهرن ۾ نه پر ٻهراڙين ۾ به رهي ٿو، جيڪو مختلف طريقن سان سنڌ جي معاشي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو ۽ ٽيڪس ادا ڪري ٿو ۽ اها سنڌ حڪومت جي اولين ذميداري آهي ته هو انهن ٻهراڙين ۾ جتي ٻيون سهولتون گهٽ آهن انهن اسپتالن ۾ مڪمل صحت جون سهولتون فراهم ڪري ۽ خاص طور تي اهي سهولتون جن ۾ فرسٽ ايڊ شامل آهي، انهن کي اوليت سان ڏٺو وڃي. سنڌ جي سڀني اسپتالن کي سولر انرجي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اسپتالن ۾ بجليءَ جو مسئلو پيدا نه ٿي سگهي. ڇو ته ٻهراڙين ۾ شهرن کان ٻيڻ تي بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ٿيڻ ڪري اسپتالون به تمام گهڻو متاثر ٿين ٿيون، جنهن جي ڪري ڊاڪٽر پنهنجو ڪم سهي طريقي سان سرانجام نٿا ڏئي سگهن. اميد آهي ته وزارت صحت حرڪت ۾ ايندي ۽ هر ضلعي سطح کان وٺي تعلقي جي سطح تائين اسپتالن جي ڪارڪردگيءَ کي چيڪ ڪيو ويندو. اتي ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي تي موجودگي، دوائن جي سپلاءِ ۽ صفائي سٿرائي جي انتظام کي بهتر بنائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.
اميد آهي ته بلاول ڀٽو زرداري تائين انهن 9 ماڻهن جي زندگي وڃائڻ جي خبر ضرور پهتي هوندي ۽ کيس اها به خبر پئي هوندي ته انهن جي زندگي ڇو نه بچي سگهي. اسان وري به سنڌ حڪومت مان بهتري جي اميد رکون ٿا ۽ جتي جتي انهن سٺو ڪم ڪيو آهي اتي انهن جي ڪم جي ساراهه ڪجي ٿي.