شاعر حسن ”پرست هوندا آهن“ ان ڳالھ جو اندازو بلڪه يقينن، احمد خان مدهوش جي شاعري جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ڀلي ڀت پوي ٿو ته اِها سٽ سچ تي مبني آهي. کيس اسان کان وڇڙئي 14 سال ٿي چڪا آهن، پر لڳي نٿو! ڇو ته هو اڄ به اسان جي محفلن، ميڙاڪن ۽ پروگرامن ۾ اسان سان گڏ ويٺل نظر اچي ٿو، پر ڪن کي نظر اچي ٿو ته ڪن کي نظر نٿو اچي.
ذات جو وڇوڙو ڏات تي نه ايندو آهي. احمد خان مدهوش، شاعري ۾ پنهنجي الڳ ٿلڳ ۽ نرالي اسلوب سبب، ادبي حلقي ۾ هڪ جدا حيثيت جوڙِي جيڪا ڪنهن به نه ماڻي. جهر جهنگ ۾ ماروئڙن جي ڪنن ۽ لبن تي هن جا ٻول اڄ به اوترا ٻرندا رهن ٿا جيترا اڳ سندس حيات ۾ ٻُرندا هئا. خوشنصيب آهي احمد خان مدهوش جنهن کي پاڪستان جي صفِ اول جي فنڪارن ڳايو ۽ نالو ڪمايو.
هن جي شاعري جو جيڪڏهن ڳوڙهائي سان جائزو وٺبو ته پتو پوندو ته سندس شاعري جو وڏو ڀاڱو عشقيه شاعري تي آڌاريل آهي. محبوب جا ناز ۽ انداز، محبوب جون اُرھ زورايون، محبوب جا ماڻا، هن جي شاعريءَ جو خاص موضوع آهن، پر اُن هوندي به هِن مڙس مٿير، ديس ۽ ديس واسين جي درد جي دانهن کي به پنهنجي شاعريءَ جو حصو بڻايو آهي.
ڀٽائيءَ جي بيتن جيان ڳائباسين،
هٿن تي حنائن جيان لائباسين،
جتي سنڌ ڌرتي اسان کي سڏيندي،
اُتي پاڻ ورڪر جيان پائباسين.
بحر وزن جي هن پختي استاد شاعر، لفظن کي اهڙي ترتيب ۽ فن سان مالها ۾ پوئيو آهي جو پڙهڻ سان پڙهندڙ مٿان موسيقيت جو سحر طاري ٿي وڃي ٿو. لفظ هن جي سامهون ايئن ڪونئرا ٿي وڃن ٿا جيئن چڪ تي ويٺل ڪُنڀر جي اڳيان چڪ تي پيل مِٽيءَ جو پِنوڙو ھوندو آھي جنهن کي هو جيڪا شڪل ڏيڻ چاهي ڏئي ٺاهي وٺي.
مدهوش جي شاعري ۾ حرف تجنيس جو استعمال جهجهي مقدار ۾ ملي ٿو. هڪ لفظ جي گهڻين معنائن کي به هن پنهنجي ڪمال ڪاريگري سان، فني ۽ فڪري گهاڙيٽي ۾ گهڙي (آڻي) سونهن بخشي آهي، جنھن جو مثال هڪ غزل جا هيٺيان بند آهن:
جڏهن کان اک لڳي توسان تڏهن کان اک لڳي ناهي،
جڏهن کان چاڪ ڪئي تو دل تڏهن کان چاڪ ٿي ناهي،
دلاور، دادلا، دلدار، دلبر، دلرُبا، دلڪش،
دل دلگير کي هر نام تنهنجي کان وٿي ناهي.
ڪرين ٿو وار، کولي وار، سئو سئو وار، او سھڻا!
لڳا ٿم ڏنگ انگ انگ ونگ، جنهن جو دنگ ئي ناهي.
سندس شاعري جو ذائقو مصري ۽ ماکي جي مٺاڻ کان به وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو، پر ساڳئي ھنڌ سچ جي ڪوڙاڻ کان به ماڻهن کي روشناس ڪرائي ٿو. ڪافي شاعر دوست، احمد خان مدهوش جي شاعري کي لفظن جي جادوگري کانسواءِ ڪجهه به نٿا سمجهن، پر اهڙن ماڻهن جي تُند تِکي مخالفت کي زندگيءَ ۾ به مُنهن ڏيندو رهيو ۽ پنهنجي سفر کي به جاري رکندو آيو.
سندس شاعريءَ جا حسين گل ته لاتعداد ۽ لاجواب آهن، پر سڀني جي خوشبو هڪ ئي وقت ۾ نٿي وٺرائي سگهجي يا وٺي سگهجي تنهنڪري اُنهن منجهان ڪجهه خوشبو ڀريا بند/شعر اوهان جي واس وٺڻ لاءِ هيٺ ڏجن ٿا ته جيئن انهن جو واس وٺي خوشبو جي سحر ۾ مدهوش ٿي وڃجي:
مٺا مدهوش جي دل ۾ رهي پئو،
حجابن جي اِها ديوار چيري.
محبوب ته ماڻا ۽ حجاب! پر شاعر جي خواهش آهي ته محبوب، حجابن جي ديوار اورانگھي اچي سندس دل ۾ رهي پوي.
سر مٿان لٺين جا ڌڪ ڦٽ سهبا،
پر ڏکي آ لفظن جي ڌڪن جي بارش.
اِها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته لفظن جا تير، لٺين جي ڌڪن ۽ ڦٽن کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندا آهن.
داد ڏئي چيو مدهوش کي اديبن،
بند ڪر نه پنهنجي گوهرن جي بارش.
اُن ۾ ڪوبه شڪ شبهو نه آهي ته مدهوش جهڙي خوبصورت شاعر کي اديبن بار بار گذارش ڪئي هوندي ته پنهنجي شعرن/گوهر کي جاري رک ڇو ته اُهي شعر/گوهر عام ماڻهن سميت اديبن جي دلين ۾ لهيو وڃن ۽ اُهي شعر/گوهر دل لڀائيندڙ ۽ من کي موهيندڙ جو آهن.
ڇو ٿا جهليو چرئي کي، چريا ته ناهيو!
سا واٽ ڪيئن مٽيندس، جا واٽ چاھ ٺاهي.
اسان جي معاشري ۾ الفت/چاھ جي واٽ تي هلندڙ کي چريو چيو ويندو آهي، پر شاعر هتي روڪڻ وارن کي پاڳل سڏيندي ڄاڻايل واٽ نه مٽڻ جو وچن ورجائي ٿو.
زندگي آ گذر اهڙي نموني ٿي وئي،
عمر گهاري مون هجي ڄڻ ته پرائي گهر ۾.
انسان هن دنيا ۾ ڪجهه گهڙيون گذارڻ لاءِ آيو آهي ۽ مقرر وقت کانپوءِ واپس ورايو وڃي ٿو جيڪا ڳالهه شاعر کي به کُکي ٿي جنهن جو اظهار شاعر مٿين بند ۾ ڪيو آهي.
جي هجي وس ۾ مقدر منهنجي،
پنهنجي قسمت ۾ لکي ڇڏيائين.
بيشڪ مقدر انسان جي وس ۾ ناهي نه ته انسان پنهنجي مقدر ۾ جيڪو چاهي ها لکي ڇڏي ها جيئن شاعر محبوب کي پنهنجي مقدر ۾ لکي ڇڏڻ جي اڻپوري خواهش جو اظهار ڪري ٿو.
مون ڪوڙ ڪيو ڪوڙو ۽ سچ کي چيم سچ آ،
هن ضد ۾ اچي مون سان ٿيا ڀاءُ سڳا ناراض.
ھن دنيا ۾ ڪوڙي کي ڪوڙو چوڻ به ڪنهن جهاد کان گهٽ نه آهي، سچ چوڻ سان انسان کي ڪيترين ئي تڪليفن مان گذرڻو پوي ٿو. ٻيو ته ٺهيو، پر سڳا رشتا به مُنهن موڙيو وڃن. جنهن ڳالھ جو برملا اظهار شاعر مٿئين بند ۾ ڪيو آهي.
اهڙن ڪيترن ئي انيڪ شعرن جو خالق سائين احمد خان مدهوش جو جنم 1931ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ سلطان چانڊيو ۾ ٿيو. بعد ۾ هن جي خاندان جا وڏا جوهي اچي آباد ٿيا جتي هن جو ننڍپڻ گذريو. 1949ع ۾ سنڌي فائنل، 1957ع ۾ انٽر ۽ 1965ع ۾ اديب فاضل جون سندون حاصل ڪيائين. جنهن بعد تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ڀرتي ٿيو ۽ آخر تائين ان شعبي سان سلهاڙيل رهيو. 1960ع کان حافظ احسن چنا جي اتساهڻ تي شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين بعد ۾ غالبِ سنڌ جناب فيض بخشاپوري کي شاعري ۾ باقاعدي پنهنجو استاد بڻايائين. سنڌ جي هن برک شاعر سنڌي ادب جي جھولي ۾ ٽي انمول هيرا “دل جون ڳالهيون”، “نظر ۾ نظر بند” ۽ “اکين جا سنيها” ڏنا آهن. ٻه شاعري جا مجموعا “ديس ڌرتيءَ لاءِ” ۽ “وطن خاطر” اڃان تائين ڇپائي جي انتظار ۾ پيا آهن. ان کان علاوه ٻه نثري مجموعا “مقالاتِ مدهوش” ۽ “مدهوش جي آتم ڪٿا” به ڪنهن پبلشر جي تاڪ ۾ منتظر آهن. شاعري ۾ غالبِ سنڌ جناب فيض بخشاپوري ۽ حافظ احسن چنا جهڙيون نامور شخصيتون، مدهوش جون استاد رهيون آهن. مدهوش سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. سنڌ جي ناميارن فنڪارن سندس ڪلام ڳايا ۽ شهرت جي بلندين تي پهتا. ڪيترائي ايوارڊ پڻ مدهوش جي کاتي ۾ آيا.
ڪنهن اديب جي ڏات، اُن جو ورثو هوندي آهي جنهن جا وارث وري پڙهندڙ ئي هوندا آهن. جيستائين پڙهندڙ ان جي ڏات کي ورجائيندا رهندا تيستائين اُهو ڏات ڌڻي زنده ۽ جاويد رهندو. تنهنڪري اسين سنڌ حڪومت جي متعلقه اختيارين کي گذارش ٿا ڪريون ته سائين احمد خان مدهوش جا اڻ ڇپيل ڪتاب جلد کان جلد ڇپرائي پڌرا ڪري، پڙهندڙن جي ميراث پڙهندڙن جي حوالي ڪن ته جيئن هن ڏات ڌڻي کي ماڻهن جي دلين ۾ جڳھ والارڻ لاءِ وڌيڪ آساني ٿئي. مدهوش جي شاعري جو انگريزي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري ڇپايو وڃي ته جيئن هن جي شاعري بين الاقوامي سطح تي پڙهي ۽ سمجهي وڃي.
لفظن جي ڀيٽا ساڻس محبت جو اظهار آهي نه ته اهڙي اعليٰ پائي جي شاعر کي ڪنهن جي ڀيٽا جي ڪهڙي ضرورت! هو اڄ به پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي دلين تي راڄ ڪري ٿو. هو اڄ به زنده آهي ۽ رهندو پنهنجي ذات ۾ نه بلڪه ڏات ذريعي!
مدهوش کي پنهنجي ئي هڪ شعر سان ڀيٽا ڏيون ٿا:
مدهوش جي مري وڃي هوش کي سنڀالجو،
مهڪندي سنوارجو، مرڪندي سينگارجو،
سامڙيِءَ جي سام ۾، پو ڀلي سمهارجو،
مان پکي هان پيار جو، ڌارجو نه مارجو.
***