ايڊيٽوريل

ايران پاڪستان گئس منصوبو حڪومت جي سفارتي اهليت لاءِ چئلينج

پاڪستان جي بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف واضح طور چيو آهي ته جيڪڏهن ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ گئس منصوبي جو ٿيل معاهدو تڪميل تي نه پهتو ته نه صرف پاڪستان ايل اين جي جي صورت ۾ مهانگي گئس خريد ڪرڻ تي مجبور هوندو ۽ ايران کان ملندڙ انتهائي سستي گئس کان محروم ٿيندو، جنهن جي ڪري توانائي جو بحران ملڪ اندر وڌندو، پر ان سان گڏوگڏ ايران جيڪڏهن عالمي عدالت ۾ ويو ۽ پاڪستان جي مٿان ڏنڊ وڌو ويو ته اهو ڏنڊ 18 بلين ڊالر تائين ٿي سگهي ٿو.
خواجه صاحب چيو ته اسان 18 ملين ڊالر به حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻين ملڪن جون منٿون ڪريون ٿا ته پوءِ اسان جرماني جي صورت ۾ 18 بلين ڊالر ڪيئن ڏيئي سگهنداسين. هتي واضح ڪريون ته ريڪوڊڪ منصوبي ۾ پڻ پاڪستان آسٽريليا کي 11 بلين ڊالر ڏنڊ طور ادا ڪري چڪو آهي. ايران پاڪستان گئس پائپ لائين جو منصوبو 90 جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿيو ان وقت ڀارت پڻ ان منصوبي ۾ شامل هو، پر پوءِ آمريڪي دٻاءُ تحت ڀارت ان منصوبي مان نڪري ويو، جنهن جي ڪري اهو منصوبو سست پئجي ويو. 2012ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ان منصوبي تي ايران سان ڳالهيون ڪري هڪ دفعو ٻيهر ڪم شروع ڪيو. ايران پنهنجي حصي جو ڪم تقريبن مڪمل ڪري چڪو آهي، پر پاڪستان طرفان پائپ لائين نه وڇائي وئي آهي. پاڪستان ۾ حڪومت تبديل ٿي وئي ميان محمد نواز شريف 2013ع ۾ وزيراعظم ٿيو، جنهن پڻ ان منصوبي جي افاديت محسوس ڪئي ۽ ان تي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان وقت ۾ پاڪستان جو وفاقي وزير پيٽروليم شاهد خاقان عباسي هو، پر جڏهن 2014ع جو ڌرڻو لڳو ان کانپوءِ (ن) ليگ جي حڪومت ان منصوبي کي ترجيح نه ڏني ۽ ڪم بند ٿي ويو. 2019ع ۾ هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آءِ جي حڪومت ايران کي خاطري ڪرائي ته اسان ان منصوبي تي ڪم ڪريون ٿا، انهيءَ ڏس ۾ گوادر تائين ايراني سرحد کان پائپ لائين وڇائڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت رضامندي ڏيکاري جيڪا صرف 80 ڪلو ميٽر جي ڊيگهه ۾ آهي. واضح ڪريون ته ڪل پائپ لائين جي ڊيگهه جيڪا پاڪستان کي پنهنجي ملڪ اندر وڇائڻي آهي اها 750 ڪلو ميٽر آهي. هاڻي جڏهن 80 ڪلو ميٽر پائپ لائين وڇائڻ ۾ به پاڪستان ڪامياب نه ٿيو آهي ته پوءِ 750 ڪلو ميٽر پائپ لائين ڪيئن وڇائيندو؟ اپريل 2024ع ۾ ان وقت جي ايراني صدر محترم ابراهيم رئيسي (مرحوم) پاڪستان جو دورو ڪيو، پر ان منصوبي تي پاڪستان طرفان گرم جوشيءَ جو اظهار نه ڪيو ويو. هاڻي وزير دفاع واضح چيو آهي ته اسان تي آمريڪا جو دٻاءُ آهي ته اسان ايران کان گئس حاصل نه ڪريون، اهڙي قسم جو بيان ميٿيو ملر (آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان) جو ڪجهه وقت پهرين آيو هو، جنهن ۾ هن پاڪستان کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن آمريڪا جي مرضي کانسواءِ ايران سان واپاري لاڳاپا رکيا ويا ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ملڪ اوهان تي واپاري پابنديون لڳائي سگهن ٿا. پاڪستان توانائي جي کوٽ کي شدت سان منهن ڏئي رهيو آهي. بجلي مهانگي، پيٽرول جا اگهه ڳاٽي ٽوڙ ۽ گئس جي نه هجڻ سبب ملڪي صنعت کي ويهي رهي آهي. جيڪڏهن ايران پاڪستان گئس لائين مڪمل ٿي وڃي ٿي ته روزانو 70 ڪروڙ کان هڪ ارب ڪيوبڪ ميٽر گئس پاڪستان کي حاصل ٿي سگهي ٿي اها به سستي اگهه تي، جنهن سان ملڪ اندر توانائي جو بحران قابو ۾ اچي سگهي ٿو. ٻئي طرف آمريڪا بهادر پڙ ڪڍي بيٺو آهي ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ انهيءَ منصوبي کي مڪمل نه ڪري. جيڪڏهن ايران عالمي عدالت ۾ وڃي ٿو ته پاڪستان کي سوين ارب رپيا ڏنڊ جي صورت ۾ ڀرڻا پوندا ۽ سستي گئس به حاصل ٿي نه سگهندي. هاڻي سڄي راند پاڪستان حڪومت جي سفارتي اهليت تي بيٺل آهي ته ڇا سفارتڪار ۽ وفاقي حڪومت آمريڪا کي اهو مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندا ته ايران پاڪستان گئس لائين منصوبي مڪمل ٿيڻ سان آمريڪي مفاد تي ڪوبه اثر نه پوندو، پر پاڪستان کي پنهنجي معاشي ڦيٿي کي هلائڻ لاءِ ان گئس جي سخت ضرورت آهي جنهن جي لاءِ آمريڪا هڪ دوست ملڪ وانگر پنهنجن شرطن کي نرم ڪري ته جيئن پاڪستان پنهنجي ڪمزور معيشت کي پنهنجن پيرن تي بيهاري سگهي. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت پاڪستان کي انهيءَ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ گهرجي ۽ آمريڪا کي به سفارتي طور تي راضي ڪرڻ گهرجي.
هيستائين پاڪستان پنهنجي سفارتي لاڳاپن کي استعمال ڪرڻ ۾ اڳ ۾ ئي تمام گهڻي دير ڪري چڪو آهي، پر اميد آهي ته هاڻي جلد ئي سفارتي لاڳاپا استعمال ڪري آمريڪا کي راضي ڪيو ويندو. جيڪڏهن (ن) ليگ حڪومت اهو ڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي ته 11 سالن کان بيٺل منصوبو جلد از جلد پورو ٿيندو، پاڪستان توانائي جي بحران مان ٻاهر نڪرندو ۽ (ن) ليگ جي سياسي افق تي ڪاميابيءَ جو هڪ نئون سج چمڪندو.