قومي اسيمبلي جي رٿابندي واري قائمه ڪميٽي ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ هڪ وڌيڪ موٽروي ٺاهڻ جو فيصلو ٿيو آهي ۽ اهو نئون موٽروي ڪراچي جي سامونڊي بندرگاهه سان ڳنڍيو ويندو. روڊ، رستا ۽ موٽرويز، زراعت، صنعت، واپار ۽ زندگيءَ جي مڙني شعبن لاءِ ضروري آهن. جيئن ته ڪراچي جو شهر پاڪستان جي مالياتي نظام جو مرڪز آهي ۽ حيدرآباد شهر صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. حيدرآباد جي واپار جي هڪ وڌيڪ خوبي اها آهي ته اهو زراعت سان لاڳاپيل آهي. زرعي جنسون، ڀاڄيون ۽ ميون جي ڪراچي تائين رسائي ۽ حيدرآباد کان ملڪ جي ٻين حصن تائين رسائي جو مکيه هنڌ آهي. انهيءَ جي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جيترا به روڊ رستا ۽ موٽر ويز هوندا اوترو اچ وڃ ۽ سامان جي ترسيل ۾ سولائي ٿيندي.
موجوده وقت ۾ حيدرآباد شهر کي ڪراچي سان جيڪا موٽروي ڳنڍي ٿي اها ايم-9 سڏجي ٿي، پر انهيءَ موٽروي تي لڳي ٿو ته ان زماني جي مواصلات واري انتظاميه انهيءَ جي بهتري لاءِ گهڻو زور نه ڏنو آهي. انهيءَ ڪري نئين تجويز ٿيل موٽروي لاءِ اسين عرض ڪندا هلون ته انهيءَ کي عالمي معيار مطابق ٺاهيو وڃي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ايم-9 موٽروي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ واحد رستو آهي جيڪو وڏي ٽريفڪ کي منهن ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ جو پشاور کان وٺي راولپنڊي، لاهور، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي وچ ۾ ايم-9 اهو ئي رستو آهي جيڪو ملڪ جي وڻج، واپار ۽ ماڻهن جي مسافري لاءِ بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو. ها ان ڳالهه سان متفق آهيون ته ايم-9 عالمي معيار جو موٽروي ناهي جيڪو موٽروي جي مڪمل معيارن کي پورو ڪندو هجي. جيئن مثال طور: راولپنڊي، لاهور جي موٽروي لاءِ اهو چئجي ته اهو عالمي معيار جو موٽروي آهي. هاڻي وري نئين موٽروي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. اسين اميد ٿا ڪريون ته نئون موٽروي عالمي معيار مطابق ٺاهيو ويندو. چيئرمين نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) ٻڌايو ته سکر ۽ حيدرآباد موٽروي کي سي پيڪ جي منصوبن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چين سان مشاورت جاري آهي. هن اهو ٻڌايو ته هن موٽروي تي 308 ارب رپيا خرچ ٿيندا جيڪو ٽيهن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو. سکر ۽ حيدرآباد موٽروي جيئن ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو پراڻو منصوبو آهي، پر سياسي حڪومتن جي بي دلي جي ڪري اهو هاڻي تعمير ٿيڻ شروع ٿيو آهي. سکر حيدرآباد موٽروي سابق وزيراعظم نواز شريف جي ايام ڪاري ۾ رٿيو ويو هو، پر نئين آيل تحريڪ انصاف جي سرڪار سياسي پسند ۽ ناپسند تحت انهيءَ منصوبي تي بلڪل ئي ڪم نه ڪيو، جنهن سان سنڌ جي زراعت، صنعت ۽ واپار کي ته سهولت نه ملي، پر ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺندڙ سڀني شعبن ۽ ماڻهن کي به اها سهولت نه ملي سگهي. اڄ ڏينهن تائين به اها سهولت اڃان ڄڻ پري جو پنڌ محسوس ٿي رهي آهي. سياستدان ڪيئن نه پنهنجي سياسي دڪانداري لاءِ ملڪ جي ترقي سان کيڏن ٿا.
ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته سنڌ کي ۽ ملڪ کي وڌيڪ روڊ وڌيڪ رستا وڌيڪ صنعتون ۽ زراعت جي شعبي ۾ وڌيڪ سهولتون ملن ها، پر ان وقت جي سرڪار کي لڳو ٿي ته هن حڪومت جو عام ماڻهو سان ڄڻ ڪو واسطو ئي نه هو. قائمه ڪميٽي جي ان اجلاس جنهن جي صدارت رڪن قومي اسيمبلي عبدالقادر گيلاني ڪئي. پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيل انهيءَ اجلاس ۾ چيئرمين (اين ايڇ اي) حيدرآباد ۽ ڪراچي جي وچ ۾ نئين موٽر وي جي ڳالهه به ڪئي وئي آهي. اميد آهي ته انهيءَ منصوبي کي بهتر نموني سان وقت سر مڪمل ڪيو ويندو.