بلاگنئون

ڪراچي شهر: موقعا ۽ مناسبتون

هن شهر ۾ ڪنهن به سياستدان جو مضبوط تڪ ناهي، نه ڪير هتي ووٽ وٺي، آرام سان کٽي به سگهي، ان ڪري هتان جي شهرين ۾ ڪنهن قسم جي لالچ ۽ لوڀ ناهي هوندو. هتي عام رواجي ماڻهو اڌ سياست بسين، گاڏين ۽ ٽرينن ۾ ڳالهائي ڳالهائي پوري ڪندا آهن. انهن کي ان ڳالھ جو درد ناهي ته سرڪار نوڪرين لاءِ بک هڙتال ڪن، پمفليٽ ۽ بينر کڻي بيهن ته گند جا نالا اُٻرن ٿا يا روڊ کنڊر بڻجي ويا آهن (اها ٻي ڳالھ آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي سرڪار جڏهن به روڊ ٺاهي بس ڪندي آهي ته جماعت اسلامي وارا بينر هڻي ويندا آهن ته شڪريه جماعت اسلامي) هتي ملٽائي نيشنل ڪمپينن جا ڪاروبار گهڻا ڦهلجي ويا آهن، هر ڪاروباريءَ وٽ ٻاهرين ملڪن جي فرنچائز آهي ئي آهي، جي نه ته پوءِ اهي چائنا مان شيون وٺي ڪاروبار هلائين ٿا. اهي امپورٽس جا به ڪاروبار هلائين ٿا، ڪي شيل ڪمپنيءَ جا ڪاروبار ٿا هلائين ته ڪي اڪوافينا جو پاڻي کپائي به اسرائيل کي ۽ آمريڪا کي گاريون ٿا ڏين ۽ اهڙن ملٽائي نيشنل ڪمپنين جا مثال کوڙ آهن، جيڪي هتي بهترين ڪاروبار هلائين ٿيون، جن جا جي انگ اکر گڏ ڪجن ته حيرت وٺندي ته ملڪ جي آبادي وڃي 25 ڪروڙن تي پڳي آهي ۽ جي اهي يوزر ۽ ڪنزيومر جي روز جو هڪ رپيو به انهن انٽرنيشنل ڪمپنين کي ڏين ته اهي روز جا 25 ڪروڙ ڪمائي سگهن ٿيون، بهرحال هي هڪ متحرڪ شهر آهي، هي شهر ملڪ جي تجارتي ۽ ڪاروباري سرگرمين جو مرڪز پڻ آهي، پر آباديءَ جي حساب سان ۽ واپاري سائيز ۽ سرگرمين جي لحاظ کان شهر جو بنيادي انفرااسٽرڪچر خراب رهندو ٿو اچي. ترقياتي ڪم هتي پائيدار نوعيت جا نٿا ٿين ۽ جي ٿين ٿا ته اهي هڪ بجيٽ کان ٻي بجيٽ تائين مس ٿا هلن يا هڪ بارش جو کاڄ هجن ٿا، جو هڪ ٺاهوڪي بارش جي وسي ٿي ته اهي نظام درهم برهم ٿي ٿا وڃن، پر ڪنهن وزير ۽ مشير جو گهر نٿو ڪري، ان ڪري جو انهن جي گهرن جي بجري، لوھ ۽ سيمنٽ ان سرڪاري ڪمن کان وڌيڪ بهتر هجي ٿو. هي رڳو هن شهر جي عوام جو مسئلو ناهي، پر اهو ملڪ جي هر شهر جوِ ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي. هي شهر تمام گهڻيون ڪاروباري ۽ تجارتي سرگرميون پيدا ڪري ٿو، جيڪي باقي ملڪي شهرين کي گهڻو واپار، سک، آرام ۽ پئسو ڏين ٿيون.

هتي ٻين شهرن وانگي روڊ نيٽ ورڪ به بلڪل ٽٽل ڦٽل رهن ٿا، هڪ ٺاهي بس ٿا ڪن ته ٻيو کوٽيون ويٺا آهن، پبلڪ ٽرانسپورٽ جو بنيادي ڍانچو ايترو سٺو يا مناسب ناهي، پاڻي جي فراهمي مسلسل خراب ٿي رهي، ڪجھ علائقن ۾ جانورن کي به پاڻيءَ سان وهنجارين ٿا، ڪي گهرن جي ٻاهران وڻن، ٻوٽن ۽ گلن ڦلن کي به پاڻي ڏين ٿا، پر ڪجھ علائقا اهڙا به آهن جن وٽ پيئڻ جو پاڻي جو ڍڪ ناهي هوندو. ڪجھ علائقا اهڙا به آهن جتي جرَ جو پاڻي ماڻهن ۾ مختلف بيماريون پيدا ٿو ڪري ۽ ڪجھ علائقا اهڙا به آهن جتي پاڻي ٽينڪرن جي صورت اچي ٿو، باقي اتي ميونسپالٽي پاڻي نٿي پڄائي، معنيٰ سهولتن جي برابري ناهي ته نل مان هر ماڻهوءَ کي پاڻي ملي سگهي، هر ماڻهو جڏهن هڪ جيتري ۽ برابر ڪنزيومر ٽيڪس به ڀري ٿو ته ان کي پاڻي پڄائڻ گهرجي ۽ ٻيون سهولتون به. هتي پاڻيءَ جي نيڪال جو بنيادي سسٽم ئي خراب آهي، گٽرن جا ڍڪڻ چوري ٿي ٿا وڃن، ماڻهو (هيروئني) ته شهر جي روڊن تي لڳل لوهي گرلون به پٽي ٿا وڃن، اوورهيڊ پلون ڪنهن ڪم جون ناهن رهيون، جو ماڻهو روڊن تان رسڪ کڻي پار ڪرڻ کي پسند ڪري. هتي 200 کان 300 ملي ميٽر برسات جو 24 ڪلاڪن اندر پوڻ به آمدرفت ۾ وڏيون رڪاوٽون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي. بارشن جي ڪري شهر جا ڪجھ ٻاهريان حصا يا ڪچي آبادي اڪثر ڪري پاڻي هيٺ اچي وينديون آهن، پر شهر جا ماڻهو ڏاڍا دلفريب آهن، اهي ڀلائي جي ڪمن ڪرڻ سان گڏ پئسن ڪمائڻ جا نوان نوان طريقا به ڳولهي لهندا آهن، جيڪي انهن جي ضرورت هوندي آهي، پر شهر جو ڪاروبار ۽ ڌنڌا هلندا ٿا رهن، شهري گهڻو ڪري خود انحصار آهن، انهن وقت جي حڪومتن تي ڇڏي ناهي ڏنو، اهي هڪٻئي جي مدد ڪري به اڳتي وڌندا رهن ٿا ۽ شهر ۾ اهڙن ماڻهن جو تحرڪ واضح طور تي نظر ايندو.

هي شهر يقينن لاهور جي ڀيٽ ۾ نسلي، مذهبي ۽ لساني لحاظ کان وڌيڪ خطرناڪ شهر آهي. اها ڳالھ ان مان چٽي طور واضح ڪري سگهجي ٿي ته هتي هر ماڻهو ان ڳالھ ۾ دلچسپي رکندو آهي ته هو هر نئين ماڻهو کان اهو سوال ڪري ته ”توهان ڪير آهيو“ يا ”توهان ڪٿان جا آهيو“، ”ڇا توهان ڪراچي جا آهيو“؟ يا گهڻي ڀاڱي ماڻهو انهن جي ڳالهائڻ ۽ انهن شڪل شبيھ مان سڃاڻي وٺندا آهن ته هي ماڻهو ڪير ٿي سگهي ٿو. هن شهر ۾ ننڍڙا ننڍڙا لساني، مذهبي ۽ تعصب پرست گروپ به آهن، اهي ”اِن ۽ آئوٽ گروھ“ هتي ڪيترين ئي مذهبي، لساني ۽ طالباني تنظيمن سان سلهاڙيل آهن، انهن جي لاءِ اها راءِ عام آهي ته اهي اهڙن فردن کي پنهنجي گروهن ۽ نيٽ ورڪ ۾ تڪڙي جاءِ ناهن ڏيندا. هتي سروس ڪلچر ۽ واپار ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آهي. هتي آفيس جي عملي سان ڳالهائڻ کان وٺي دڪانن ۽ ريسٽورينٽ ۾ سيلز ۽ سروسز جي اهلڪارن سان ڳالهائڻ تائين سڀني قسمن جون خدمتون فراهم ڪندڙ ماڻهن سان ڊيل ڪرڻ تائين، پيشه وراڻه رابطي جي اعليٰ سطح تائين وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي. اها هڪ خوش آئند ڳالھ آهي ته هتي فلاحي تنظيمون ۽ خدمتون نه رڳو بهتر آهن، پر معياري به آهن جيڪي ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ ڪجھ سستيون به آهن.

شهر جي مارڪيٽ تمام وڏي آهي ۽ گهڻين خدمتن جي ڪري وڌيڪ واپاري مقابلي واري به آهي، اها ڳالھ کاڌي پيتي جي شين جي لاءِ به لاڳو ٿئي ٿي، اتي موجود کاڌن جي قسمن ۾ وڌيڪ مقابلي واري ڳالھ ٿي وئي آهي، پاڪستان جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ هن شهر ۾ معيار ۽ قيمت تحت واپار جو رجحان تمام گهڻو ۽ بهتر آهي، اهو شايد مارڪيٽ جي سائيز ۽ مقابلي جي رجحانن سان پڻ تعلق رکي ٿو. روڊ رستن تي کليل ريسٽورينٽ جو هڪ وڏو تعداد وچين درجي جو پڻ آهي، جيڪو وچين درجي جي آمدني وارن گروپن کي پورو ڪري ٿو، قيمت ۽ معيار هن درجي ۾ تمام سٺو آهي. هتي جا شهري گهڻي ڀاڱي امير آهن، ڪاروبار ۽ تجارتي مرڪز هجڻ جي ڪري، هتي دولت جو مقدار اعليٰ آمدني واري سطح وٽ تمام گهڻا آهن. هتي جا شهري ايتري ڏيکاءُ وارا نه آهن، جيترا لاهوري ۽ اسلام ابادي آهن. هتي ڪيتريون ئي لگزري گاڏيون نظر اينديون، گهر اوترا ئي بهترين (پر ڪجھ خاص علائقن ۾) عوامي هنڌن تي گهٽ ۾ گهٽ لباس ۽ ذاتي لوازمات به بهترين نظر ايندا، پر شهر ۾ امن امان جي صورتحال خوف ۾ ويڙهيل هجي ٿي، گهڻ ثقافتي ۽ ميٽروپوليٽن شهر هجڻ سبب هتي لساني گروهن ۾ گهرا اختلاف به آهن؟ اڪثر ماڻهن ۾ سيڪيورٽيءَ جو احساس اڃان به وڌيڪ هجي ٿو ۽ هر ڪو شڪ ۾ مبتلا هجي ٿو، تحفظ جو احساس هر وقت هجي ٿو، جو ڪير ڪنهن کي نظر ڀري ڏسي به نٿو ڏسي ته متان سامهون وارو خطرناڪ نه هجي. سڄي شهر ۾ هٿياربند گارڊن جو تعداد جيتوڻيڪ ملڪ ۾ في ماڻهوءَ جي لحاظ کان هڪ رڪارڊ تي وڃي پڳو آهي، جو مسجدن ۾ به سيڪيورٽي گارڊ هجن ٿا. موبائل چوري ۽ ڦرلٽ يقيني طور تي هتي جي ماڻهن جو گهڻو مسئلو هجي ٿو، ان موبائل چوري ۽ سينا زوري واري سلسلي ۾ ٻڌائڻ لاءِ هر ماڻهوءَ وٽ ذاتي يا ڪو نه ڪو پرائو واقعو ضرور هوندو آهي. ان ڪري ماڻهو ٻه موبائل کڻي گهمندا آهن، ڪي ماڻهو هڪ سادي موبائل به کڻي هلندا آهن ته جيئن کسجي وڃڻ مهل احساس گهٽ ٿئي يا کسجي ئي نه، جيڪا هڪ عام ڳالھ بڻجي وئي آهي.

ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ هتي عوامي هنڌن تي عورتون تمام گهڻيون آهن، پر دلچسپ ڳالھ اها به آهي ته لاهور جي ڀيٽ ۾ هن شهر ۾ موٽرسائيڪل (اسڪوٽر) هلائيندڙ عورتون تمام گهٽ آهن (جيڪي وقت سر وڌنديون رهن ٿيون) اهو ٽرينڊ قانون ۽ امن امان سان ڳنڍيل ناهي، پر آمدني ۽ ڪلچر جو حصو بڻبو رهي ٿو، اتي ڪا ٻي وضاحت نٿي ڪري سگهجي. هڪ سروي مطابق لاهور ۽ اسلام آباد جي ڀيٽ ۾ هن شهر ۾ وڌيڪ انساني ۽ اداراتي دوستي آهي. هر گهٽي ۾ ٽرسٽ ۽ فائونڊيشن جا بورڊ لڳل آهن، اهي ماڻهو مفت تعليم، صحت، کاڌي يا سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڪري رهيا هوندا آهن. هتي هر شهري، هر ٻوليءَ وارو هڪ غريب پرور ضرور آهي. اهو ڀلو ٿيندو جو جيڪڏهن ڪو سماجيات جو ماهر انهن رجحانن جو مطالعو ڪري ۽ ڪجھ وضاحتن سان گڏ تحقيق ڪري ته اهو ڪم قابلِ ستائش ۽ تعريف جوڳو ڪم ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ڪجھ ٻين شهرن جا رهواسي به سکي سگهن ٿا. هي شهر خوبصورت، متحرڪ، سماجي، واپاري لحاظ کان هڪ مسلسل ڇڪ وارو شهر آهي ۽ شهر ۾ هميشه گهڻو ڪجھ ٿيندو رهي ٿو. جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون انفرااسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽيشن جي فراهمي تي ڪجھ وڌيڪ ڌيان ڏين ته سنڌ جي دل نه رڳو شهر جي رهواسين لاءِ پر سموري ملڪ لاءِ بهتر زندگي جي ضامن ٿي سگهي ٿي.