هن شهر ۾ ڪنهن به سياستدان جو مضبوط تڪ ناهي، نه ڪير هتي ووٽ وٺي، آرام سان کٽي به سگهي، ان ڪري هتان جي شهرين ۾ ڪنهن قسم جي لالچ ۽ لوڀ ناهي هوندو. هتي عام رواجي ماڻهو اڌ سياست بسين، گاڏين ۽ ٽرينن ۾ ڳالهائي ڳالهائي پوري ڪندا آهن. انهن کي ان ڳالھ جو درد ناهي ته سرڪار نوڪرين لاءِ بک هڙتال ڪن، پمفليٽ ۽ بينر کڻي بيهن ته گند جا نالا اُٻرن ٿا يا روڊ کنڊر بڻجي ويا آهن (اها ٻي ڳالھ آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي سرڪار جڏهن به روڊ ٺاهي بس ڪندي آهي ته جماعت اسلامي وارا بينر هڻي ويندا آهن ته شڪريه جماعت اسلامي) هتي ملٽائي نيشنل ڪمپينن جا ڪاروبار گهڻا ڦهلجي ويا آهن، هر ڪاروباريءَ وٽ ٻاهرين ملڪن جي فرنچائز آهي ئي آهي، جي نه ته پوءِ اهي چائنا مان شيون وٺي ڪاروبار هلائين ٿا. اهي امپورٽس جا به ڪاروبار هلائين ٿا، ڪي شيل ڪمپنيءَ جا ڪاروبار ٿا هلائين ته ڪي اڪوافينا جو پاڻي کپائي به اسرائيل کي ۽ آمريڪا کي گاريون ٿا ڏين ۽ اهڙن ملٽائي نيشنل ڪمپنين جا مثال کوڙ آهن، جيڪي هتي بهترين ڪاروبار هلائين ٿيون، جن جا جي انگ اکر گڏ ڪجن ته حيرت وٺندي ته ملڪ جي آبادي وڃي 25 ڪروڙن تي پڳي آهي ۽ جي اهي يوزر ۽ ڪنزيومر جي روز جو هڪ رپيو به انهن انٽرنيشنل ڪمپنين کي ڏين ته اهي روز جا 25 ڪروڙ ڪمائي سگهن ٿيون، بهرحال هي هڪ متحرڪ شهر آهي، هي شهر ملڪ جي تجارتي ۽ ڪاروباري سرگرمين جو مرڪز پڻ آهي، پر آباديءَ جي حساب سان ۽ واپاري سائيز ۽ سرگرمين جي لحاظ کان شهر جو بنيادي انفرااسٽرڪچر خراب رهندو ٿو اچي. ترقياتي ڪم هتي پائيدار نوعيت جا نٿا ٿين ۽ جي ٿين ٿا ته اهي هڪ بجيٽ کان ٻي بجيٽ تائين مس ٿا هلن يا هڪ بارش جو کاڄ هجن ٿا، جو هڪ ٺاهوڪي بارش جي وسي ٿي ته اهي نظام درهم برهم ٿي ٿا وڃن، پر ڪنهن وزير ۽ مشير جو گهر نٿو ڪري، ان ڪري جو انهن جي گهرن جي بجري، لوھ ۽ سيمنٽ ان سرڪاري ڪمن کان وڌيڪ بهتر هجي ٿو. هي رڳو هن شهر جي عوام جو مسئلو ناهي، پر اهو ملڪ جي هر شهر جوِ ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي. هي شهر تمام گهڻيون ڪاروباري ۽ تجارتي سرگرميون پيدا ڪري ٿو، جيڪي باقي ملڪي شهرين کي گهڻو واپار، سک، آرام ۽ پئسو ڏين ٿيون.