سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه پريس ڪلب ڪراچي جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پوليس آفيسرن جي نفسياتي چڪاس ٿيڻ گهرجي، جنهن مان خبر پوي ته انهن جي اندر ۾ انتها پسندي ته موجود نه آهي. ڳالهه تمام وڏي آهي وزيراعليٰ سنڌ جي اهڙي سوچ جي عڪاسي ڪندڙ بيان جي آجيان ڪريون ٿا. ان سان گڏ اهو به چئون ٿا ته اهو بيان صرف بيان جي حد تائين نه هجي، پر حقيقت ۾ به سنڌ ۾ موجود پوليس آفيسرن جي نفسياتي چڪاس ٿيڻ گهرجي.
هن وقت اسين انتها پسندي جي لهر کي منهن ڏئي رهيا آهيون جنهن جي ڪري عام ڪمزور ماڻهو بيحد خوف ۾ ورتل آهي ۽ انتها پسندي جي هٿيار کي استعمال ڪندڙ گروهه پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ الزام تراشي ڪري ماڻهن جي زندگين سان کيڏي رهيو آهي، پر ڳالهه ان وقت وڌي ٿي وڃي جڏهن اهو ڪمزور ماڻهو جنهن کي تحفظ پوليس جي اداري کي ڏيڻو آهي، پوليس کيس تحفظ نٿي ڏئي. پوليس انتها پسند گروهه سان گڏ بيهي انتها پسندي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ذميواري جي احساس کان عاري ٿي ڪري قانون کان مٿانهان قدم کڻي ٿي ته يقينن پوءِ انهن آفيسرن جي ذهني حالت تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي، انهن جي اندر ۾ انتها پسندي واري سوچ موجود آهي. اهي بجاءِ قانون جي پاسداري ڪرڻ جي مخصوص سوچ جي حمايت ڪن ٿا ۽ انتها پسندي کي پروان چاڙهين ٿا. سرڪاري آفيسر خاص طور تي اهو آفيسر جنهن جو سڌو واسطو عوام جي تحفظ سان هجي، اهو سواءِ قانون جي جيڪڏهن ڪو غير قانوني قدم کڻي ٿو ته اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته هو پنهنجي ذميواري کان هٽي غير قانوني ڪم ڪري رهيو آهي. وزيراعليٰ سنڌ جو بيان ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي ننڍن پوليس آفيسرن جي انهيءَ عمل جي ڪري آيو آهي، جنهن عمل ۾ هنن عمرڪوٽ جي هڪ ڊاڪٽر کي ماوراءِ عدالت قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي سندن تفتيش ٿي رهي آهي. عام ماڻهو جو وڏن پوليس آفيسرن سان ته سڌو رابطو نه هوندو آهي، هو پنهنجي شڪايت يا حفاظت جي لاءِ ايس ايڇ او، اي ايس آءِ سان رابطي ۾ ايندا آهن. ان وقت به عوام کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهو ايس ايڇ او ان علائقي جو بادشاهه بڻيل هوندو آهي، سڌي منهن ماڻهن سان ڳالهائيندو به نه آهي. پوليس جي ان رويي جي ڪري ڪوبه شريف ماڻهو ٿاڻي تي وڃڻ پسند نه ڪندو آهي. وڏن آفيسرن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هاڻي جيڪڏهن سي ايم سنڌ جي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته نه صرف پوليس آفيسرن جي نفسياتي چڪاس ٿيڻ گهرجي، پر سندن تربيت جو پڻ بندوبست ٿيڻ گهرجي. انهن کي اهو به سمجهايو وڃي ته پوليس کي جيڪا طاقت مليل آهي جيڪو هٿيار مليل آهي ان جو مقصد اهو آهي ته عام ماڻهو جو تحفظ ٿئي، غنڊو ۽ بدمعاش عام ماڻهو مٿان ظلم نه ڪري ۽ ڪوبه ڏوهاري ڏوهه ڪري ته پوليس ان کي قابو ڪرڻ ۾ دير نه ڪري. سندن رويو ۽ اخلاق عام ماڻهو سان بهتر هئڻ گهرجي. بجاءِ ان جي ته غنڊا ۽ بدمعاش پوليس سان گڏ ويٺا هجن، عام شريف ماڻهو وڌيڪ خوف ۾ مبتلا ٿي وڃي ۽ تحفظ جي لاءِ ٿاڻي جو رخ ئي نه ڪري. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ ڏوهه گهٽجڻ جي بجاءِ وڌي رهيو آهي. عوام جو پوليس جي مٿان ويساهه نه رهيو آهي. اهڙا کوڙ مثال اسان کي سنڌ جي اترئين علائقن ۾ ملن ٿا جتي جي پوليس جا آفيسر ڌاڙيلن جا ساٿاري بڻجي، ڌاڙيلن جا سهولتڪار بڻجي عام ماڻهو جي زندگيءَ کي جنجال ۾ وجهي ويٺا آهن. هاڻي عام ماڻهو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ جن کي تحفظ ڏيڻو آهي اهي ئي دشمن بڻجي بيهي رهيا آهن.
وزيراعليٰ جي اها سوچ جيڪڏهن عملي جامو پائي ۽ پوليس آفيسرن جي سائنسي بنيادن تي نفسياتي چڪاس ڪئي وڃي ٿي ته 90 سيڪڙو پوليس آفيسر گهر ڀيڙا ٿيندا، ان جي جاءِ تي عوام دوست ۽ قانون پسند پوليس آفيسر مقرر ٿي ويندا، ڏوهن ۾ گهٽتائي اچڻ جو امڪان وڌي ويندو، عوام سک جو ساهه کڻندو.