ڪهاڻيوننئون

حقيقي ڪهاڻي: هجوم ۾ هوءَ اڪيلي

هوءَ اسڪول ۾ ٻارڙن کي پڙهائي واپس هاسٽل ڏانهن موٽندي هئي ته ڄڻ اداسي اسڪارف وانگر هن جي سموري جسم تي اوڍجي ويندي هئي. هاسٽل ڏانهن ويندڙ سنسان رستو، هاسٽل جي ڊگھي گهٽي ۾ گهُگهه اونداهي، جيڪا وائکو ڪري پئي ته سج ڄڻ صدين کان هن رستي تان لنگهڻ ڇڏي ڏنو آهي. ٽئين فلور تي هن جو ڪمرو جنهن ۾ بستري تي ڪتاب، ليپ ٽاپ، پاڻيءَ جي بوتل، پرس ۽ ڪپڙا هر شيءِ ائين بي تربيت پئي هئي، جيئن طوفان اچي وڃڻ کانپوءِ هر شيءِ وکري پئي هوندي آهي. هن جي ڪمري جي دريءَ کان صرف گاڏين، موٽرسائيڪلن جي شور جو  آواز ايندو هو، انسانن جو ڄڻ ڪو آواز ئي نه هوندو هو، جيڪي ڄڻ ته زنده لاش يا انهن پُتلن جيان بڻجي ويا هجن، جن سان نندپڻ ۾ اسين راند روند ڪنداسين، جن ۾ ساهه به اسان هٿ جو وجهي چرپر ڪرائيندا هئاسين ۽ مرضيءَ مطابق هلائيندا هئاسين، حقيقت ۾ به اهڙيءَ طرح سرمائيداري ۽ سامراج قوتون، انسانن کي ساهه به مرضيءَ سان ڪونه ٿيون کڻڻ ڏين، جنهن ڪري اهي ڪنهن وقت مشينن وانگر، ته ڪنهن وقت هلندڙ ڦرندر پتلن مثل بڻجي ويا آهن. هن اهڙي سنسان، اڪيلائي واري رستي جي پاڻ ئي چونڊ ڪئي هئي. اڄ به جيئن ئي اسڪول جي موڪل ٿي ته هن رڪشو پڪڙي هاسٽل طرف اچڻ جو ارادو ڪيو، پر هن لاءِ ڪراچيءَ جا رستا نوان ۽ اوپرا هئا. جنهن جو فائدو وٺندي رڪشي واري هن کي هن جي ٻڌايل هاسٽل جي پتي جي بجاءِ ڪنهن ٻي ڪنڊ ڏانهن وٺي ويو، هاسٽل واري گهٽي تائين نه پهچڻ جي صورت ۾ هوءَ هيسيل ڪبوتر جيان ڏڪي رهي هئي ۽ بار بار هاسٽل جي وارڊن جو نمبر ملائي رهي هئي. هن کي تازو (ڪلڪتا، انڊيا) جي ڊاڪٽر مومتا ديبناٿ سان وحشياڻي اجتماعي زيادتي بعد سندس قتل ڪيل واقعو ذهن تي ياد اچڻ جي صورت ۾ کيس اکين اڳيان هر شيءِ ڌنڌلي نظر اچڻ لڳيس ۽ سوچڻ لڳي ته هن پدر شاهي نظام ۾ رهندي، هاڻي ته هر مرد جي چهري ۾ وحشي درندو نظر اچڻ لڳي ٿو ۽ اهو يقين ڪرڻ انتهائي ڏکيو بڻجي پوي ٿو ته ڪهڙو ماڻهو اعتبار لائق آهي ۽ اندر ئي اندر ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي ته هي ڪهڙي سماج ۾ ساهه کڻون پيا؟ جتي عورتون آسانيءَ سان کُلي فضا ۾ ساهه نٿيون کڻي سگهن، گهر هجي، اسڪول هجي، يونيورسٽي هجي، هاسٽل هجي، نوڪري واري جاءِ، جڳهه عورت ڪٿي به محفوظ ناهي، اتي ئي رڪشي واري جو ڪنهن ٻئي جي رڪشي سان ٽڪراءَ ٿيو، جنهن جو آواز ته هن کي ياد آيو ته مون کي ته ڪال ڪرڻي هئي ۽ اتي ئي وارڊن جي نمبر تي مسلسل ڪال ڪندي رهي، پر هُن ڪال نه پئي کنئي ۽ هيءَ هاسٽل جي گهٽيءَ تائين پهچڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ رڪشا واري هن جي شهر ۾ نئين هجڻ واري معاملي جو فائدو وٺندي کيس چيو “جيتري دير ٿيندي! ڪرايو اوترو وڌنڌو” ۽ هن جي رهيل سهيل اعتماد کي به ڪمزور ڪرڻ جون ڪوشش ڪري رهيو هيو ۽ چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندو رهيو ته “نالي ۾ پڙهيل آهين، پنهنجي هاسٽل جي ايڊريس جي خبر نه اٿئي” جنهن تي پهرين ته هوءَ ماٺ رهي، سوچي رهي هئي ته مان به ته ڪهڙي هاسٽل ۾ رهان پئي، جنهن جو ڪو نالو ئي ڪونهي، پوءِ هن پنهنجي خوف کي همت ۾ تبديل ڪندي، وڏي جوش ۾ سندس موٽ ڏيندي چيو “مان ته نئين آهيان!

اوهان به نوان آهيو؟ جو سادو پتو به اوهان کان نٿو لڀي، کوڙ ريڙهي وارن به پتو ٻڌايو، پوءِ به نٿو ملي؟ ان کانپوءِ هڪ گهٽيءَ مان هن وارڊن جي گهر واري کي ڏسي ورتو، ڄڻ مئل جسم ۾ ساهه پئجي ويس ۽ رڪشا واري کي چوڻ لڳي، هن چاچا جي طرف هلو، جنهن کانپوءِ هن سڏ ڏنو چاچا کي ۽ سڄي ماجرا صحيح ڪيائينس، اهو سڀ ٻڌڻ کانپوءِ چاچا به رڪشا واري کي واهه جي ٻڌائي، تنهنڪري ان کان اڳ پهرين پاڻ کي اڪيلو ڀانيائين، پر هاڻي چاچا کي پنهنجي حمايت ۾ ڳالهائيندي ڏسي، هن به ٽي لفظ رڪشا واري ڏانهن اڇلي ڏنا ته، “اوهان کي پئسن جي بک هئي، سادو چئو، ها! مان ڏئي ڇڏيان ها، پر ڪنهن ڇوڪريءَ کي پريشان ڪرڻ اهو ڪهڙو طريقو آهي!”

 هن جي لهجي ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ ڀريل هئي. وار پگهر ۾ شل هئس، سهڪندي ڏاڪڻ پار ڪري ڪمري طرف اچي بستري تي ڪري پئي ۽ روئڻ لڳي، اهو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هو، جو هوءَ ايتري خوفزده ٿي وئي، بک سبب پيٽ ۾ گُهڙ گهڙ جا آواز ٿيڻ لڳس ۽ انهيءَ مهل گهر وارا تمام گهڻو ياد اچڻ لڳس ۽ ڊائري کڻي پنهنجي احساسن کي نقش ڪندي رهي، گهر ۾ بابا جي هوندي ڪڏهن به ڪنهن قسم جو خوف ناهي ٿيو ۽ مان ننڍپڻ کان وٺي ڪڏهن به گهر ۾ اڪيلي رهڻ سان ڊڄي ناهيان، پر اڄ پهريون دفعو اهو احساس ٿيو والد جي سايي کان پري رهڻ، ڄڻ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳندا آهيون. حقيقت ۾ ائين آهي به اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيس ۽ اهي تيزيءَ سان سندس اکين جي بند کي ٽوڙيندي ڊائريءَ جي صفحي تي ڪريس پئي، هن لکڻ بند ڪيو ۽ گهر وارن کي ياد ڪرڻ لڳي، جن سان گڏ هوندي، بک جو احساس ٿيڻ کان اڳ ئي ماڻس پنهنجي هٿن سان لذيذ کاڌا ٺاهي اچي، کيس اڳيان رکندي هئي ۽ سڀ گڏجي کائيندا به هئا ته کل، مذاق به ڪندا هئا، پر منجهند جو وقت ٿئي پيو، پوڻا ٽي پيا ٿين ۽ هن ماني نه کاڌي هئي، اسڪول صبح ويندي، چاچي هاسٽل کي سنڀاليندڙ کي چئي وئي ته ماني ڪيو ته منهنجي به ڪندا، مان پئسا ڏئي ڇڏيندس، پر هن ويچاريءَ کي ڪهڙي خبر ته شهر ۾ منجهند جي ماني 3 وڳي ٿيندي آهي، پنهنجي گهر ۾ مانيءَ کي جي ٿورڙي دير ٿيندي هئن ته بک کان دانهون ڪندي هئي نه ته اڪثر ڪري 12 وڳي ماني کائي به ڇڏيندا هئا. بک کان بيحال ٿي موت جهڙي ماٺ ڄڻ ته هن جي پوري وجود کي وڪوڙي وئي، اکين مان نير وهندا رهيس ۽ سوچڻ لڳي ته مان ڪڏهن نه سوچيو هو ته مون کي گهر وارن کان پري ٿيندي ايتري تڪليف ٿيندي. ڇاڪاڻ ته سياسي تنظيم ۾ ڪم ڪرڻ سبب وقت بوقت هفتن جا هفتا مختلف شهرن، اسلام آباد ۾ ڪوهه مري ڏانهن ويندي رهي آهيان. پوءِ ياد آيس ته ان مهل ساٿي گڏ هوندا هئا، ڪنهن پريشانيءَ جو احساس ئي نه ٿيندو هو ۽ ان وقت ذهن به ٺهيل هو ته پروگرام کانپوءِ گهر ته واپس ورڻو آهي، پر هتي ته سرڪاري نوڪري ملڻ ڪري سڀني گهر وارن کان پري حيدرآباد کان ڪراچي، گهر کان هاسٽل تائين پهتي. هن پاڻ ئي اڪيلائيءَ جي رستي جي چونڊ ڪئي، شايد ان جو احساس بعد ۾ ٿيس، جڏهن رات ٿيندي آهي ۽ ننڊ ڪوهين ڏور هن کان ڪاوڙجي ويندي آهي، جنهن کي پرچائيندي ۽ گهر کي ياد ڪندي، سڏڪندي صبح جو سج به ڪني ڪڍندو آهي. ڪمري ۾ ٻن ڇوڪرين سان گڏ رهندي به ڄڻ ته هوءَ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندي آهي. جڏهن کان نوڪريءَ جي ڪري والدين، ڀينر، ڀائرن کي ڇڏي، ڪنهن نئين شهر ڏانهن رخ ڪيائين، جتي قدم رکڻ کان اڳ ته هوءَ ڏاڍو خوش هئي ۽ ويٺي ڪراچيءَ جا خواب ڏسندي هئي، پر هتي پهچڻ ۽ رهڻ کانپوءِ هن کي اوپرائپ ويڳاڻپ ۽ تنهائيءَ جي احساس ڪنهن موذي مرض وانگر هن جي پوري وجود کي وڪوڙي ڇڏيو، جتي پل پل ويٺي پنهنجن جي پچار ڪندي هئي، ماني دير سان ملڻ ۽ انهيءَ دوران ماءُ جي هٿن جو ذائقو ۽ ان ۾ شامل پيار سندس ڏاڍو ياد ڪندي هئي، هتي مانيءَ لاءِ دير ٿي ويندي هئس ۽ اسڪول کان موٽندي بک سبب اکين مان پاڻي نير ڪري وهڻ لڳندو هئس ته گهر ياد ايندو هئس، گهر ۾ ڀائرن سان ڪيل مذاق ياد ڪندي دل ڀرجي ايندي هيس، هتي هفتو گذري ويو اٿس جو ٽهڪ ئي نه ڏنا اٿائين، رات جو ننڊ ناهيس ايندي ته،گهر ياد ايندو اٿس، جيئن کير پياڪ ٻار کي امڙ ياد ايندي آهي، اسڪول ويندي، جيڪڏهن رڪشي وارو ايڊريس تي ناهي پهچي سگهندو ته، ڄڻ جسم ۾ ساهه نه هوندو اٿس، اندر کي وسوسا ۽ وهم واچوڙي وانگر وڪوڙي ويندا اٿس، صرف انڪري ته اوپرو شهر آهي، جتي هن جو ڪو به پنهنجو ناهي، جتي احساس بنا، انسان آهن، اهڙو ڪو به ڪونهي، جيڪو هن جي چهري کي ڏسي ڦڪي مرڪ پٺيان لڪل درد کي ائين پڙهي وٺي، جيئن برسات جي ڦڙن سان پسيل ڌنڌلي ٿي ويندڙ تصوير  جي سڃاڻپ ڪرڻ، هن کي پنهنجي زندگي بوجهه لڳڻ لڳي هئي، اڪيلائي هن جو پاڇو بڻجي هن جو پيڇو ڪرڻ لڳي، ڪمري ۾،روڊ، رستي تي، ماڻهن  جي هجوم ۾ هوءَ اڪيلي هئي. ائين ڪندي وقت گذرندو ويو. گهر ۾ سندس صبح ناشتي سان شروع ٿيندي هيس،پر هاسٽل ۾ هڪ اٻريل بيدو يا وري صوف کائي  اسڪول ويندي هئي، جتي گلڙن جهڙن ٻارن سان ملي ڪجهه قدر سڪون محسوس ڪندي هئي ۽ ان مهل پنهنجي مقصد کي اڳيان رکندي پاڻ کي سگهارو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. گهر اچي، ماني جي انتظار ڪندي، سوچيندي هئي، ته هن ڌرتيءَ تي هر جيوۡ جنهن ۾ پکي پکڻ، جانور، انسان سڪون خاطر ڪرڻ لاءِ ڪيترا ڪشالا ڪاٽي ٿو، ننڍپڻ کان ويندي، پڙهڻ، گهڻو وقت ذيان نه ڪرڻ، رشتن کي مقصدن جي ڪري گهٽ وقت ڏيڻ، وري پڙهائي پوري ٿيڻ کان پوءِ نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ، راتيون جاڳڻ، صحت کي متاثر ڪرڻ، خوبصورت موقعن کي وڃائڻ هر دفعي صرف اهو سوچي ڪري ته نوڪري ملندي، ته زندگي جا مزا به وٺبا پنهنجن سان وقت به گذاربو ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ کان پوءِ وري ٻي جستجو نوڪريءَ دوران هڪ نئين سفر جي تياري ۽ ان دوران ڪشالا ڪاٽڻ، محنت ڪرڻ مطلب ته انسان ان سڀ ۾ زندگيءَ کي جيئي ئي نٿو، صرف اهو سوچي ته مقصد پورا ڪري وٺجن، پر جڏهن مقصد پورا ٿين ٿا ته پنهنجا پري هليا وڃن ٿا ۽ ماڻهو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو، انڪري پڙهڻ واري، عمر هجي، يا نوڪري، زندگيءَ کي پنهنجن ساڻ  گذارڻ لاءِ ڪنهن به مهل ۽ موقعي جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي.

پٽ ماني ٺهي وئي آهي چاچي جي ان آواز تي هوءَ سوچن جي اونهي سمنڊ مان ٻاهر نڪتي ۽ ماني کائڻ وئي. هاڻي پهرين کان زندگي ڪجهه گهٽ مشڪل محسوس ٿيڻ لڳس، ڇاڪاڻ ته هن سمجهي ورتو ته زندگي بغير جستجو جي ڪجهه به نه آهي، اسان آهيون ته اسان جي جاکوڙ به آهي ۽ اسان جي جاکوڙ سان ئي اسان جي زندگي به آهي، انجو مطلب ته اسين زنده آهيون، ان ڪري پاڻ کي ختم ٿيڻ کان بچايون. هن به پاڻ کي اڪيلائي مان ڪڍڻ لاءِ مختلف ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون.

***