هوءَ اسڪول ۾ ٻارڙن کي پڙهائي واپس هاسٽل ڏانهن موٽندي هئي ته ڄڻ اداسي اسڪارف وانگر هن جي سموري جسم تي اوڍجي ويندي هئي. هاسٽل ڏانهن ويندڙ سنسان رستو، هاسٽل جي ڊگھي گهٽي ۾ گهُگهه اونداهي، جيڪا وائکو ڪري پئي ته سج ڄڻ صدين کان هن رستي تان لنگهڻ ڇڏي ڏنو آهي. ٽئين فلور تي هن جو ڪمرو جنهن ۾ بستري تي ڪتاب، ليپ ٽاپ، پاڻيءَ جي بوتل، پرس ۽ ڪپڙا هر شيءِ ائين بي تربيت پئي هئي، جيئن طوفان اچي وڃڻ کانپوءِ هر شيءِ وکري پئي هوندي آهي. هن جي ڪمري جي دريءَ کان صرف گاڏين، موٽرسائيڪلن جي شور جو آواز ايندو هو، انسانن جو ڄڻ ڪو آواز ئي نه هوندو هو، جيڪي ڄڻ ته زنده لاش يا انهن پُتلن جيان بڻجي ويا هجن، جن سان نندپڻ ۾ اسين راند روند ڪنداسين، جن ۾ ساهه به اسان هٿ جو وجهي چرپر ڪرائيندا هئاسين ۽ مرضيءَ مطابق هلائيندا هئاسين، حقيقت ۾ به اهڙيءَ طرح سرمائيداري ۽ سامراج قوتون، انسانن کي ساهه به مرضيءَ سان ڪونه ٿيون کڻڻ ڏين، جنهن ڪري اهي ڪنهن وقت مشينن وانگر، ته ڪنهن وقت هلندڙ ڦرندر پتلن مثل بڻجي ويا آهن. هن اهڙي سنسان، اڪيلائي واري رستي جي پاڻ ئي چونڊ ڪئي هئي. اڄ به جيئن ئي اسڪول جي موڪل ٿي ته هن رڪشو پڪڙي هاسٽل طرف اچڻ جو ارادو ڪيو، پر هن لاءِ ڪراچيءَ جا رستا نوان ۽ اوپرا هئا. جنهن جو فائدو وٺندي رڪشي واري هن کي هن جي ٻڌايل هاسٽل جي پتي جي بجاءِ ڪنهن ٻي ڪنڊ ڏانهن وٺي ويو، هاسٽل واري گهٽي تائين نه پهچڻ جي صورت ۾ هوءَ هيسيل ڪبوتر جيان ڏڪي رهي هئي ۽ بار بار هاسٽل جي وارڊن جو نمبر ملائي رهي هئي. هن کي تازو (ڪلڪتا، انڊيا) جي ڊاڪٽر مومتا ديبناٿ سان وحشياڻي اجتماعي زيادتي بعد سندس قتل ڪيل واقعو ذهن تي ياد اچڻ جي صورت ۾ کيس اکين اڳيان هر شيءِ ڌنڌلي نظر اچڻ لڳيس ۽ سوچڻ لڳي ته هن پدر شاهي نظام ۾ رهندي، هاڻي ته هر مرد جي چهري ۾ وحشي درندو نظر اچڻ لڳي ٿو ۽ اهو يقين ڪرڻ انتهائي ڏکيو بڻجي پوي ٿو ته ڪهڙو ماڻهو اعتبار لائق آهي ۽ اندر ئي اندر ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي ته هي ڪهڙي سماج ۾ ساهه کڻون پيا؟ جتي عورتون آسانيءَ سان کُلي فضا ۾ ساهه نٿيون کڻي سگهن، گهر هجي، اسڪول هجي، يونيورسٽي هجي، هاسٽل هجي، نوڪري واري جاءِ، جڳهه عورت ڪٿي به محفوظ ناهي، اتي ئي رڪشي واري جو ڪنهن ٻئي جي رڪشي سان ٽڪراءَ ٿيو، جنهن جو آواز ته هن کي ياد آيو ته مون کي ته ڪال ڪرڻي هئي ۽ اتي ئي وارڊن جي نمبر تي مسلسل ڪال ڪندي رهي، پر هُن ڪال نه پئي کنئي ۽ هيءَ هاسٽل جي گهٽيءَ تائين پهچڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ رڪشا واري هن جي شهر ۾ نئين هجڻ واري معاملي جو فائدو وٺندي کيس چيو “جيتري دير ٿيندي! ڪرايو اوترو وڌنڌو” ۽ هن جي رهيل سهيل اعتماد کي به ڪمزور ڪرڻ جون ڪوشش ڪري رهيو هيو ۽ چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندو رهيو ته “نالي ۾ پڙهيل آهين، پنهنجي هاسٽل جي ايڊريس جي خبر نه اٿئي” جنهن تي پهرين ته هوءَ ماٺ رهي، سوچي رهي هئي ته مان به ته ڪهڙي هاسٽل ۾ رهان پئي، جنهن جو ڪو نالو ئي ڪونهي، پوءِ هن پنهنجي خوف کي همت ۾ تبديل ڪندي، وڏي جوش ۾ سندس موٽ ڏيندي چيو “مان ته نئين آهيان!