حيدرآباد ضلعو سنڌ جو ٻيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر آهي جيڪو ماضي ۾ انتهائي مقبول ۽ سياحن جي گهمڻ جو مرڪز رهيو آهي موجوده وقت ۾ جڏهن حيدرآباد کي ڏسجي ٿو ته انتهائي ڏک ٿئي ٿو بهترين انٽرنيشنل نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جنهن ۾ ماضي ۾ ڪافي انٽرنيشنل ميچ ٿيا آهن جنهن ۾ انڊيا، زمبابوي، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ ٻيا ملڪ اسٽيڊيم ۾ ميچ کيڏي ويا آهن ۽ ڪجهه ٽيسٽ ميچ به ٿيا آهن پر جڏهن کان حيدرآباد جي اڳوڻي ضلعي ناظم نياز اسٽيڊيم کي ميونسپل ڪاميٽي قاسم آباد حوالي ڪيو ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪا به انٽرنيشنل ميچ ناهي ٿي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسٽيڊيم اندر نه ئي ڪا لائٽ لڳائي وئي آهي جنهن سان رات جو به ميچ ٿي سگهن. سالن کان لڳل تالا جيڪي اسٽيڊيم جي گيٽ جي دروازن تي لڳايا ويا آهن، انهن تي به زنگ چڙهي ويو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته نياز اسٽيڊيم حيدرآباد اسان جي ملڪيت آهي اهو ڪنهن به طريقي سان ميونسپل کي نه ٿو ڏئي سگهجي هتان جا چونڊيل نمائندا خاص طور تي اڪثريت ايم ڪيو ايم جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي آهي، اهي اسيمبلين اندر ڪو به آواز نٿا اٿارين ته ڪو نياز اسٽيڊيم کي ترقي وٺرائي ميچ ڪرايا وڃن. ڪجهه عرصو پهرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو هو ته نياز اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل جون ڪجهه ميچون ڪرايون وينديون، پر هر سال ٿيندڙ پي ايس ايل جي ميچن مان هڪ به ميچ حيدرآباد ۾ نٿي رکي وڃي. ڏسجي ٿو ته ڄڻ حيدرآباد جي عوام کان هڪ صحتمند تفريحي سهولت کسي وئي آهي، حيدرآباد قومپرستن جو مرڪز رهيو آهي، انهن به اڄ ڏينهن تائين نياز اسٽيڊيم جي بهتري لاءِ ڪو به احتجاج يا تحريڪ ناهي هلائي، هڪ اهم اثاثو سنڌ جو تباهه ۽ برباد ٿي رهيو آهي جڏهن ته هتان جو عوام به لڪير جو فقير بڻيل آهي. حيدرآباد ايئرپورٽ جو نالو اچڻ سان ئي دل کي ڌڪ لڳي وڃي ٿو جنهن کي به ڪافي عرصي کان بند ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ اهم ضرورت هو، جيڪو ٽنڊو محمد خان، بدين، ٽنڊوالهيار، ڪوٽڙي ۽ سجاول جي عوام هتان کان ڪاروباري حضرات سامان آساني سان موڪلي سگهندا هئا ۽ پنهنجو هوائي سفر ڪري سگهندا هئا. سول ايوي ايشن جي اداري کي جهاز جي فلائيٽ اندرون ملڪ نه هلائيندي به هر سال خبر ناهي ڪيترو مالي بحران ٿي رهيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ حڪومت ۽ وفاق ۾ اتحادي آهي، پر سنجيده ٿي ڪري ايئرپورٽ کي کولرائين ته عوام کي ڪافي سهولت ملندي هلندڙ ائيرپورٽ کي ڪافي سالن کان بند ڪيو ويو آهي نه ئي عوام کي ايئرپورٽ بند ٿيڻ تي افسوس آهي نه پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ايئرپورٽ کي فنڪشنل ڪرائڻ لاءِ سنجيده آهن نه ته ماضي ۾ روزانو فلائٽ حيدرآباد کان ملڪ اندر هلندي هئي جهاز پيا ايندا هئا ۽ ماڻهو پيا سفر ڪندا هئا. جتي سچائي نه هجي اتي ادارا ائين بند ٿي ويندا آهن هتي لڳي ٿو ته ڪو انصاف ناهي. ايئرپورٽ بند هجڻ سان عوام الناس ۽ ڪاروباري ماڻهن کي ڪيڏو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ گڏوگڏ ماڻهو آساني سان گهمڻ لاءِ جهاز ذريعي ٻئي صوبي ۾ به وڃي سگهي ٿو خبر ناهي ته هي ايئرپورٽ ڪڏهن کلندو. بدين ايڪسپريس جيڪا ريل حيدرآباد کان بدين تائين هلندي هئي سا به بند ٿي وئي آهي ۽ لکين ماڻهن کان سفري سهولت ڦري وئي آهي. ريل جيڪا اڳ ۾ روزانو صبح جو 7 وڳي حيدرآباد کان هلندي هئي جنهن ۾ عام غريب طبقو انتهائي گهٽ قيمت جي ٽڪيٽ تي سفر ڪندو هو جيڪا ريل کٿڙ، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، تلهار ۽ ٻين اسٽيشنن تي به اسٽاپ ڪندي هئي. اسٽيشنن تي لڳل اسٽال وارن جو به ڌنڌو ٿيندو رهندو هو. ريل بند ٿيڻ ڪري سڄو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو آهي. ريلوي واري وزير کي گهرجي ته جلد بدين ايڪسپريس ريل بحال ڪري ۽ عوام کي انهيءَ سواري جو رليف ڏنو وڃي. قومي ورثو قرار ڏنل پڪو قلعو حيدرآباد جون ديوارن ڪمزور ٿي ويون آهن ديوارن سان گڏ ٺهيل دڪان انڪرچمينٽ ۾ اچن ٿا جيڪي دڪان قبضا مافيا جي هٿ آهن. ڪجهه وقت پهرين سپريم ڪورٽ جو آرڊر آيل هو ته سموريون حددخليون ختم ڪيون وڃن، پر قومي ورثي جي سڃاڻپ پڪي قلعي حيدرآباد وٽان اڃان اهي دڪان نه هٽايا ويا آهن، تاريخي ۽ قومي ورثو قرار ڏنل پڪي قلعي جي مين گيٽ جو ڪم سنڌ گورنمينٽ ڪرائي رهي آهي ۽ ثقافت سياحت کاتي طرفان هڪ ڊگهي بجيٽ رکي وئي آهي، پر گيٽ جي سامهون انڪروچمينٽ ۾ ڪيترائي دڪان اچن ٿا، جيڪي ناجائز قبضو ڪري ٺاهيا ويا آهن ۽ گيٽ جو اڌ حصو انهن دڪانن سبب ڍڪجي وڃي ٿو، پري کان ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته ڄڻ دروازو آهي ئي ڪو نه. ڊائريڪٽر سياحت کاتي حيدرآباد کي گهرجي ته هن طرف توجهه ڏي ۽ گيٽ وٽان سموريون حددخليون ختم ڪيو وڃن ۽ گيٽ جي پاسي ۾ ئي روڊ سان گڏ پاڪستان کان اڳ جو هڪ يادگار نشان ٺهيل آهي، جيڪو پڻ مسمار ٿي چڪو آهي، جتي پڻ دڪاندارن قبضو ڪري سامان رکي ڇڏيو آهي. تاريخي يادگار جي بي حرمتي پڻ ٿي رهي آهي. تاريخي پڪي قلعي جي گيٽ ۽ يادگار نشان وٽان سموريون حددخليون ختم ڪيون وڃن سنڌ جا ساڃاهه وند هن اهم مسئلي طرف ڌيان ڏين باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هر سال پڪي قلعي وٽ هوش محمد شيدي جي مزار وٽ اچي ڪري ورسي ملهائيندو هو ۽ سر جان پنهنجي ڪتاب گزيٽ سنڌ ۾ پڪي قلعي وٽ هوش شيدي جي قبر ڄاڻائي آهي جيڪا تاريخي مزار گم ڪئي وئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آرڪيالاجي وارا ان تاريخي قبر جي مالڪي ڪن. جيڪڏهن هوشو شيدي جي نه به آهي تڏهن به تاريخي ورثو آهي، جيڪا پاڪستان کان اڳ جي مزار پڪو قلعو حيدرآباد ۾ هئي. حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي کي ملائيندڙ پل کي 100 سال ٿي ويا آهن جيڪا هر وقت ٽريفڪ جي رش سبب هزارين گاڏيون ڦاٿل رهن ٿيون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي کي ملائيندڙ هڪ ٻي پل دريا مٿان ٺاهي وڃي جيڪا وقت جي ضرورت آهي حيدرآباد جي تاريخي ٽاور مارڪيٽ تي تمام گهڻيون حددخليون ڪيون ويون آهن جيڪا سونهن ورهاڱي کان اڳ هئي سا ختم ٿي رهي آهي.