ايڊيٽوريلنئون

ڊونلڊ ٽرمپ جو ٽرمپ ڪارڊ هلي ويو هيلري وانگر هيرس جي هار

            ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي صدارتي چونڊ کٽي ملڪ جو 47 هون صدر چونڊجي ويو. آمريڪا جي صدارتي اليڪشن تي پوري دنيا جون نظرون هونديون آهن. آمريڪي صدر کي دنيا جو طاقتور ترين فرد سمجهيو ويندو آهي. صدارتي اليڪشن کانپوءِ پوري دنيا جي معاشي ۽ عسڪري پاليسين تي اثر پوڻ جو تاثر پڻ هوندو آهي. اسان کي خبر آهي ته آمريڪا ۾ ٻه پارٽي نظام آهي، هڪ ڊيموڪريٽ پارٽي جنهن جو انتخابي نشان گڏهه آهي ۽ ٻي ري پبلڪن پارٽي جنهن جو انتخابي نشان هاٿي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ ري پبلڪن پارٽي جي اميدوار جي حيثيت ۾ صدارتي چونڊ کٽي چڪو آهي.

            آمريڪا جي شهر پام بيچ ۾ کٽڻ واري تقرير ڪندي واضح ڪيو آهي ته هو هاڻي آمريڪا جو صدر آهي ۽ ڊيموڪريٽ ۽ ري پبلڪن جي فرق کي بلڪل پوئتي اڇلائي سموري آمريڪا عوام جي خدمت ڪندو ۽ سندس دور ۾ آمريڪي معاشي پاليسي کي بهتر ڪيو ويندو، جيڪو اليڪشن ۾ سندس منشور جو اهم نقطو هو. هن اهو به واضح ڪيو ته هاڻي آمريڪا ۾ ڪوبه غير قانوني اميگرينٽ رهي نه سگهندو، جيڪو به آمريڪا ايندو اهو قانوني رستي سان ايندو. اليڪشن کان پهرين آمريڪا جي مين اسٽريم ميڊيا جيڪي سروي پول ڪرايا هئا ان ۾ ڪملا هيرس کي ٿورڙي تفاوت سان برتري حاصل رهي، پر اليڪشن جي نتيجن انهن پولس جي نفي ڪري ڇڏي آهي. ڇو ته ڊونلڊ ٽرمپ نه صرف صدارتي اليڪشن واضح اڪثريت سان کٽي آهي، پر سينيٽ ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ پاپولر ووٽن ۾ پڻ ڪملا هيرس کي شڪست ڏني آهي. هاڻ کيس سندس پاليسين کي لاڳو ڪرڻ ۾ ڪابه پريشاني نه ٿيندي. ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ 2016 ۾ هيلري ڪلنٽن کان صدارتي اليڪشن کٽي هئي ۽ 2020 ۾ جو بائيڊن کان صدارتي اليڪشن هارائي هئي، ان اليڪشن کي متنازع ڪوٺيو هو ۽ چيو هو ته مون سان ڌانڌلي ٿي آهي. موجوده اليڪشن جي مهم دوران پڻ ڊونلڊ ٽرمپ چوندو رهيو ته کيس ڌانڌلي ڪري هارايو ويندو ۽ ان کانپوءِ منهنجا حمايتي روڊن رستن تي نڪري احتجاج ڪندا. بهرحال ايئن ڪونه ٿيو ڇو ته اليڪشن ڊونلڊ ٽرمپ کٽي ويو. ڊونلڊ ٽرمپ کي نه صرف مذهبي ماڻهن جي حمايت حاصل هئي، نه صرف قدامت پرست آمريڪي عوام جي حمايت حاصل هئي، پر نوجوان نسل کي به هو پنهنجي سحر ۾ مبتلا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. موجوده اليڪشن کان پهرين 4 ڪروڙ 10 لک نوجوان ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل ٿيو. ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا جو ڀرپور استعمال ڪيو ۽ ان جو فائدو ورتو. بظاهر ته سندس پاليسي معيشت کي مضبوط ڪرڻ واري هئي، پر جيڪڏهن ان جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي ته ايئن چوڻ ۾ غلط نه ٿيندو ته ڊونلڊ ٽرمپ سواءِ لفاظي تقرير ڪرڻ جي ڪابه واضح پاليسي نه ڏني هئي، سواءِ نفرت پکيڙڻ جي، پر سوشل ميڊيا جي اثر ۽ مذهبي ماڻهن جي پسند جي ڪري هڪ دفعو ٻيهر هڪ عورت اميدوار کي شڪست ڏئي آمريڪا جو صدر چونڊجي چڪو آهي. پوري دنيا ۾ خاص طور تي اسان جهڙن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اهو تاثر آهي ته آمريڪي معاشرو هڪ لبرل روشن خيال ۽ ترقي پسند معاشرو آهي. هو مذهبي ڪٽرپڻي کان ۽ قدامت پرستي کان ڪونهين ڏور آهي، جتي عورت ۽ مرد ۾ تفاوت نه آهي، پر حقيقت ۾ ايئن آهي ڪونه. آمريڪي معاشري ۾ هن وقت به مرد کي عورت تي ترجيح ڏني وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين ڪابه عورت آمريڪي صدارتي چونڊ کٽي نه سگهي آهي. جيتوڻيڪ ٻن عورتن جن کي ڊيموڪريٽ پارٽي پنهنجو اميدوار طور اليڪشن جي ميدان ۾ لاٿو هڪ هيلري ڪلنٽن جنهن 2016 ۾ ٽرمپ جو مقابلو ڪيو ۽ ٻي ڪملا هيرس، پر آمريڪي عوام ايستائين جو نوجوان نسل پڻ ڪملا هيرس کي اها موٽ نه ڏني جيئن هوءَ الڪيشن کٽي پهرين عورت صدر هجڻ جو اعزاز ماڻي سگهي.

            هيلري ڪلنٽن 2016 ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي مقابلي ۾ پاپولر ووٽ وڌيڪ کنيا هئا، پر هن وقت ايئن به نه ٿي سگهيو. ڊونلڊ ٽرمپ اليڪٽوريل ڪاليج ۾ 300 کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، سينيٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪئي ۽ پاپولر ووٽن ۾ پڻ ڪملا هيرس کي شڪست ڏني. اها ڳالهه واضح ڪريون ته آمريڪي صدارتي اليڪشن کانپوءِ آمريڪا جي ملڪي پاليسين ۾ تبديلي ضرور ايندي آهي، پر غير ملڪي رابطن ۽ خارجا پاليسي ۾ ڪا خاص تبديلي نه ايندي آهي. پنهنجي ملڪ ۾ به پي ٽي آءِ هڪ وڏي اميد آمريڪا جي صدارتي اليڪشن ۾ رکي ويٺي هئي ته ڊونلڊ ٽرمپ کٽي ايندو جيڪو کٽي آيو آهي ۽ باني پي ٽي آءِ کي نه صرف جيل مان آزادي ملندي، پر پاڪستان اندر نئين سر چونڊون ڪرايون وينديون ۽ پي ٽي آءِ چونڊون کٽي حڪومت ٺاهيندي، ڏسون سندن اميد ڪيتري حد تائين پوري ٿئي ٿي.