اڄ پوري سنڌ ۽ پوري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ايڪتا جو ڏينهن ملهائي رهيا آهن. مختلف رنگن ۾ رنڱيل ٻار ٻچا، پڪا پوڙها، عورت، رنگ برنگي ثقافتي لباس پهري پنهنجي تهذيب جو، تمدن جو، خوشين جو اظهار ڪري رهيا آهن. 2009ع کان شروع ٿيندڙ ايڪتا جي نالي سان ثقافتي ڏينهن هن وقت سنڌين جي لاءِ هڪ عيد سمان ٿي چڪو آهي. پورو سال هن ڏينهن جو انتظار رهندو آهي. خاص طور تي ننڍن ٻارن ۽ نوجوانن کي، ان ڏينهن اچڻ کان پهرين ٻار پنهنجا نوان نوان لباس پنهنجي حيثيت مطابق ٺهرائيندا آهن، پٽڪا ٽوپيون اجرڪ پهري دنيا کي پنهنجي ثقافت ڏيکاريندا آهن. دنيا کي اهو ٻڌائيندا آهن ته سنڌ پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي وارث آهي. سنڌ جا ماڻهو پرامن بقاءِ باهمي جي اصول ڪارفرما آهن. ڪنهن ٻئي جي ثقافت تي، رهڻي ڪهڻي تي ڪاوڙ نٿا ڪن، پر ٻين ثقافتن سان پيار ڪن ٿا ۽ اهو به سچ آهي ته پنهنجي ثقافت جي باري ۾ پڻ حساس آهن، جيڪو سندن بنيادي حق آهي. سنڌ جو ماڻهو ڪنهن به فرد کي اجازت نٿو ڏئي ته هو سنڌ جي ثقافت تي ڪاوڙ ڪڍي.
2009ع ۾ اردو چئنل تي ويٺل هڪ ساڙ سڙئي اينڪر جڏهن سنڌ جي تهذيب جي سڃاڻپ سنڌي ٽوپيءَ تي تنقيد ڪئي هئي ته هڪدم پوري قوم جاڳي پئي، جنهن ۾ سنڌي ميڊيا جو وڏو ڪردار رهيو آهي. ان کانپوءِ سنڌي ميڊيا ۽ سنڌ جي عوام گڏجي فيصلو ڪيو ته ڊسمبر جو پهريون آچر ايڪتا ڏينهن لاءِ مخصوص ڪرڻ گهرجي، پوءِ تاريخ ڀلي ڪهڙي به اچي. هن وقت به سنڌي ميڊيا ۽ سنڌي عوام ٻن نعرن سان هي ڏينهن ملهائي رهيو آهي. هڪ ته “سنڌوءَ ۾ آ ساهه اسان جو” کيس سڪڻ نه ڏينداسين ۽ ٻيو “انتها پسنديءَ کان آجي سنڌ”. سنڌ جو ماڻهو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن سنڌ کي سنڌو جو پاڻي نه مليو ته پوءِ سنڌ سڪي ويندي ۽ هو اهو به سمجهي ٿو ته جيڪڏهن سنڌ جي پرامن ۽ روادار معاشري ۾ هٿرادو آيل انتها پسندي ڪامياب ٿي وئي ته سنڌ جو ماڻهو جيئرو ئي مري ويندو. سبب اهو آهي ته سنڌ جي ماڻهو ۾ برداشت، عدم تشدد، پرامن هجڻ، بقاءِ باهمي سان رهڻ، پاڻ کي سک ۾ رکڻ ۽ ٻئي جي سک کي نه ڦٽائڻ واريون ڳالهيون سندس رت ۾ شامل آهن، ان رت ۾ انتها پسندي جو زهر ملي ويو ته پوءِ يقينن نظر ته جيئرو ايندو، پر مري چڪو هوندو. ساڳئي نموني جيڪڏهن سنڌو جو پاڻي سنڌ کي نه مليو ته سنڌي ماڻهو جو گذران ٿي نه سگهندو. سنڌي ميڊيا، سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ عوام جو مشترڪه فيصلو جنهن سنڌ جي سياسي پارٽين کي پڻ مجبور ڪيو آهي ته هو انهيءَ فيصلي جي نه صرف آجيان ڪن، پر ان ۾ شامل ٿين ۽ احتجاج ڪن. هن وقت سرڪاري پارٽي پيپلز پارٽي جي لاءِ پڻ ٻيو رستو نه بچيو آهي ۽ هو واضح طور چئي رهي آهي ته سنڌو درياءَ تي ڪوبه نئون ڪئنال نامنظور. ساڳئي وقت انتها پسندي جي باري ۾ به سندس رويو واضح آهي ته سنڌ کي ڪنهن به نموني انتها پسندي جي نانگ کان ڏنگجڻ نه ڏبو. وقت جي سرڪار تي سنڌ دوست ڌرين طرفان، سنڌ جي ساڃاهه وند طبقي طرفان، قومپرست پارٽين طرفان ۽ سنڌ جي سول سوسائٽي طرفان اهو دٻاءُ پيو آهي جنهن جي ڪري پيپلزپارٽي وفاق سان احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته ڪنهن به نموني سنڌو درياءَ تي نئون ڪئنال نه اڏيو وڃي.
هن وقت تائين وفاقي سرڪار پنهنجي هوڏ تي بيٺي آهي، پر جهڙيِ نموني سان سنڌ جو عوام پرامن احتجاج ثقافتي رنگ ۾ رنڱي ايڪتا جي نالي سان پوري سنڌ ۾ ملهائي رهيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته ان آواز جو اثر وفاقي سرڪار جي ايوانن ۾ ضرور گونجندو ۽ سنڌ پنهنجو جائز، آئيني ۽ قانوني حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي. اها ئي سنڌ جي ڪاميابي هوندي. سنڌ جو پيغام پوري دنيا جي لاءِ محبت ۽ امن جو پيغام آهي جيڪو اڄ روڊن رستن تي سنڌ جو عوام پوري ملڪ ۽ پوري دنيا کي ڏئي رهيو آهي. هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي عوام کي ايڪتا جو ڏهاڙو ۽ ثقافتي رنگن ۾ رنڱيل عيد جون واڌايون.