نومبر 24 کان شروع ٿيندڙ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جو ڊراپ سين 26 نومبر تي ڊي چوڪ کان پهرين چائنا چوڪ واري بليو ايريا ۾ ٿي چڪو آهي. ان تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي. حڪومت طرفان هڪڙا دعويٰ آهن ته پي ٽي آءِ طرفان ٻيا دعويٰ آهن، سچ ڪوڙ جو فيصلو وچ ۾ رهيل آهي. سوشل ميڊيا تي جيڪي خبرون گردش ۾ آهن انهن تي جيڪڏهن يقين نه ڪجي ته بهتر ٿيندو، پر جيڪڏهن حڪومتي وزيرن جا بيان ڏسون ٿا ته اهي به اعتماد جوڳا نه آهن. ٻنهي طرف سچ کان پاسو ڪيو وڃي ٿو پوءِ ايئن ڪيئن ممڪن آهي ته غلط بيانن سان پوءِ ڀلي اهي حڪومت طرفان آيل هجن يا مخالف ڌر جي طرفان، ملڪ ۾ سياسي استحڪام ڪيئن ايندو، اهو وقت جي حڪمرانن کي سوچڻو پوندو، پر ان سان گڏ مخالف ڌر کي پڻ عقل کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ پنهنجي صفن اندر انهيءَ سوچ کي درست ڪرڻو پوندو ته ڇا پرتشدد احتجاجن سان ملڪ مضبوط ٿيندو؟
اسين سمجهون ٿا ته پرتشدد احتجاجن سان ملڪ ته ڇا، پر خود پي ٽي آءِ ڪمزور ٿيندي ۽ کيس پنهنجو وجود برقرار رکڻ مشڪل ٿي پوندو، اهو نظر به اچي رهيو آهي، سندس مرڪزي اڳواڻ استعيفيٰ ڏيئي رهيا آهن. پرتشدد احتجاجن جو هي سلسلو 2022 کان ان وقت جي وزيراعظم عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ سان شروع ٿيو هو ۽ اڃان تائين ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي. پي ٽي آءِ طرفان تازي ٿيندڙ ناڪام احتجاج کانپوءِ خبرون اچن پيون ته پي ٽي آءِ هڪ دفعو ٻيهر احتجاج جي تياري ڪري رهي آهي. هر شهري ۽ سياسي پارٽيءَ کي احتجاج جو حق ملڪ جو آئين ڏئي ٿو، پر ان سان گڏ ملڪ جو آئين ان احتجاج ڪندڙ ڌر جون حدون به مقرر ڪري ٿو ۽ کيس نظم و ضبط جي پوئيواري ڪرڻ جي پابندي به لڳائي ٿو ته احتجاج پرامن هجي ۽ ڪنهن به صورت ۾ پرتشدد نه هجي، پر ايئن ٿيندي نظر نٿو اچي. اهوئي سبب آهي جو ملڪ مسلسل سياسي انتشار جي ور چڙهيل آهي. هاڻي ڳالهه ڪريون ٿا ملڪ جي عوام جي ڇا ان جي ذهن ۾ اهو خيال نٿو اچي ته حڪومت هجي يا مخالف ڌر ملڪي مسئلن تي عوام جي ڀلائي تي ڳالهين جي ذريعي پنهنجا اختلاف دور ڪن؟ هر پرامن ساڃاهه وند فرد اهوئي چاهي ٿو. هن وقت جڏهن پي ٽي آءِ ڪجهه ڪمزور نظر اچي رهي آهي ته هاڻي حڪومت تي ٻٽو فرض آهي ته ملڪ اندر عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پاليسين تي عملي طور تي ڪم ڪري، ڇو ته هن وقت تائين حڪومت جو به ڪو خاص عوام دوست عمل نظر نه اچي رهيو آهي. سندس ان رويي سبب ملڪ اندر سياسي استحڪام نظر نٿو اچي صرف جهيڙو نظر اچي ٿو ۽ جهيڙي ۾ ترقي جو ڪوبه رستو نه نڪرندو آهي، اهوئي اسان جي ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي. حڪومت کي ماڻهن جي مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته ملڪ بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي، روزگار جا ذريعا روز بروز گهٽجي رهيا آهن، مهانگائي جو جن حڪومتي دعوائن جي باوجود قابو ۾ نٿو اچي، حڪومت ڀلي ڪيتريون به دعوائون ڪري، پر ڇا عام واهپي جون کاڌي پيتي جون شيون ملڪ اندر سستيون آهن؟ ماڻهن جي قوت خريد وڌي آهي؟ جواب آهي نه. ملڪي ڪاروهنوار صرف قرضن تي هلي رهيو آهي، حڪومتي خرچ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ۽ احتجاجن کانپوءِ جيڪو نقصان ملڪ تي ٿيو آهي ان جو تخمينو پڻ سوين ارب رپيا لڳايو وڃي ٿو. ان صورتحال ۾ حڪومت کي هوش کان ڪم وٺڻو پوندو، ڪنهن به صورت ۾ سڀني سياسي پارٽين کي هڪ ميز تي ويهاري انهن سان تعميري ڳالهه ٻولهه ڪري ملڪ جي عوام جي لاءِ ترقي جو رستو ڪڍڻو پوندو، جنهن جو فرض حڪومت تي وڌيڪ ٿئي ٿو.
جيڪڏهن ويجهي مستقبل ۾ ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ اهو پڻ نظر اچي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ ڀلي ڪمزور پوزيشن ۾ هجي، پر ان سان گڏ ڪجهه پارٽيون برسر عام حڪومت کي ڌمڪيون ڏيئي رهيون آهن ته هاڻي اسان روڊن رستن تي نڪرنداسين پوءِ ڏسنداسين ته حڪومت اسان جي احتجاج کي ڪيئن ٿي روڪي؟ ملڪ جي مفاد جي لاءِ سڀئي پارٽيون گڏجي فيصلو ڪن جن ۾ سياسي، مذهبي، قومپرست ۽ علائقي جي پارٽين جو هجڻ تمام ضروري آهي. پوءِ جيڪڏهن متفقه فيصلي هيٺ سال ڏيڍ جي اندر نوان اليڪشن ٿين ٿا ته ان ۾ به ڪو حرج ڪونهي، ڇو ته بهرحال هنن تازن ٿيندڙن اليڪشنن تي تمام گهڻا سوال پيدا ٿيل آهن جن جو جواب حڪومت وٽ نه آهي، انهيءَ لاءِ جيڪڏهن ملڪ جي عوام کان نئون مينڊيٽ ورتو وڃي ته بهتر ٿيندو، پر ان سان گڏ اها يقين دهاني ڪرائي وڃي ته اهي ٿيندڙ اليڪشن شفاف هوندا ۽ ڪنهن به اداري کي ان ۾ عمل دخل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي سواءِ سيڪيورٽي ڏيڻ جي. پاڪستان هاڻ وڌيڪ سياسي عدم استحڪام هو متحمل نٿو ٿي سگهي، اهي سڀ سوچون نه صرف حڪومت وٽ هجڻ گهرجي، پر اپوزيشن ۾ ويٺل پارٽيون به ان سوچ جون حاميون ٿين، ڇو ته ملڪ سڀني جو آهي.