بلاگنئون

ڊائري جا ورق

نور محمد، ابراهيم جويو، ع. ق شيخ، مراد علي مرزا ۽ آئون غلام علي سکر روانا ٿياسين شيخ اياز جو ڪلام رڪارڊ ڪرڻ لاءِ.

مان ڪيترو خوش نصيب آهيان، جو سنڌ جي وڏين اهم شخصيتن ساڻ گڏجي سکر وڃڻ ۽ شاعري جي دنيا جي اهم شخصيت محترم شيخ اياز سان رهاڻيون ڪرڻ جو موقعو مليو.

اهو عظيم الشان پروگرام، نور محمد ترتيب ڏنو ۽ تمام تياريون به خود ڪيائين. سکر ۾ منهنجي ڀيڻويي نيزار علي خواجه وٽ ترسڻ جو پروگرام ٺاهي سڀني کي اطلاع ڪري ڇڏيائين. نور محمد جي اها دلي خواهش هئي ته شيخ اياز جو ڪلام سندس زباني وڊيو ڪئسيٽ ۾ رڪارڊ ڪري محفوظ ڪجي. اهو انتهائي اهم ڪم نور محمد انجام ڏنو، ان لاءِ واقعي ئي هي صاحب جس لهڻي.

هن يادگار پروگرام جي تفصيل جيڪا ياد ۾ محفوظ آهي، هن ريت آهي. 27 سيپٽمبر ٻنپهرن جو اسان کي وٺڻ لاءِ نيزار علي خواجه نئين ڪار موڪلي هئي، جيئن جويو صاحب جهڙن بزرگن کي سفر ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي، اسان گڏجي روانا ٿياسين. تمام آرام سان کل ڀوڳ ڪندا هلياسين. ع. ق شيخ ۽ نور محمد پاڻ ۾ مڙئي ڪجهه چرچا ڪندا رهندا آهن. سو هاڻ به شيخ صاحب نورو جو نور شاهه نالو رکيو. چيائين بابا اسان جو پير مرشد ۽ قبلو آهي نور شاهه. اسان هن جي پويان آهيون. نور محمد وري شيخ جي ڪا ڪمزوري ٻڌائي کلائيندو رهيو.

اٽڪل اڍائي وڳي ڌاري، سوچيوسين ته ماني کائون، جيڪا نور محمد ٽِفن باڪس ۾ کنئي هئي، نور چيو ڪنهن وڻ هيٺان گاڏي جهليون. هڪ واهه جي ڪپ تي جويو صاحب چيو بيهاريو. اهو روهڙي ڪئنال هو، جتي هڪ جڳهه ٺهيل هئي ۽ کٽون به هيون. اسان کٽن تي ويهي ماني کاڌي. واهه جي ڪپ تي وڏا ساوا گهاٽا وڻ هئا. ماني کائيندي جويو صاحب سڀني جو ڌيان ڇڪائيندي چيو پکين جون ٻوليون ۽ آواز ته ٻڌو ڪهڙا نه سُريلا آواز آهن، سڀني جو ڌيان اوڏانهن ويو، واقعي، مختلف پکين جي ٻولين سان اهڙي ته مٺڙي موسيقي جنم وٺي رهي هئي، جنهن جو جواب نه هو، ماني کائي وري سفر جاري ڪيوسين، آرام سان هلندا، اٽڪل 5 وڳي ڌاري درياءِ سنڌ مٿان ٻڌل سکر بئراج تي پهتاسين ته اسان سڀني جا وجود سرها ٿي پيا. اسان جا ميزبان، نيزار علي خواجه، ايگزيڪيوٽو انجنيئر روڊ کاتي جو بنگلو جو لب مهراڻ جي ڀر ۾ آهي.

اسان پهتاسين ته اڳواٽ اسان جو سڀ انتظام مڪمل ٿيل هو.

انگريزن جي جوڙيل دور جو هي بنگلو پراڻي طرز اڏاوت جو بهترين نمونو هو. ٻه ماڙ بنگلي جي هيٺئين ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ اسان جي رهڻ جو انتظام هو.

اسان جي پهچڻ کان ڪجهه دير بعد نيزار صاحب به آيو ۽ انتهائي قرب سان سڀني سان مليو. نيزار ٻڌايو ته شيخ اياز صاحب ٻه ڀيرا فون ڪري اوهان جو پڇيو آهي. پوءِ وري اسان شيخ صاحب کي فون ڪري پهچڻ جو اطلاع ڏنو ۽ پروگرام ٺهيو ته 8 وڳي اسان هن کي وٺڻ سندس جاءِ تي وينداسين.

پوءِ مون ۽ نور محمد وڊيو رڪارڊنگ لاءِ تياري ڪئي. ڪئمرا ۽ لائيٽون سيٽ ڪري اٽڪل 8 وڳي آئون نور محمد ۽ ابراهيم جويو صاحب اياز جي گهر پراڻي سکر پهتاسين. جويو صاحب جيئن ته اياز جو رشتيدار به ٿئي، هو اندر ويو ۽ ٻارن لاءِ آندل تحفا ڏنائين ۽ پوءِ اسان گڏجي بنگلي تي آياسين، نيزار صاحب معزز مهمانن لاءِ انتهائي قيمتي اسڪاچ جو بندوبست ڪيو هو. ساقي جا فرائض مون انجام ڏنا. اول سڀني کي هڪ هڪ پئگ ٺاهي ڏنم، اياز صاحب چيو مون کي تمام هلڪو ٺاهي ڏي. جيئن ڪلام پڙهڻ ۾ رڪاوٽ نه ٿئي. هن ڪلام به ٻڌائڻ شروع ڪيو. جويو صاحب ۽ اسان جي فرمائش تي هن پنهنجي شروعاتي شاعري پڙهڻ سان شروع ڪئي ۽ پوءِ ڄڻ درياءَ وهڻ لڳو اياز جو ڪلام ڪيترا ڀيرا پڙهيو اٿئون، ان جو ڪو ثاني نه آهي، پر اڄ خود اياز جي زباني، سندس مخصوص انداز ۾ ۽ وري اسڪاچ جي سرور ۾ اسان پنجن ئي ڄڻن کي جيڪو مزو آيو، جيڪو لطف ۽ اثر اسان کي ٿيو تنهن جو اظهار لفظن ۾ ممڪن ڪونهي. اياز سيلابي درياءَ وانگر گجگوڙ ڪندو وهندو رهيو. هن جو انداز بيان، آواز جو ترنم، اهو سڀ ائين ٿي لڳو ته ڪنهن الهامي قوت جو جوڙيل آهي. ڪلام جي معنيٰ، مفهوم، جذبا، واقعا ۽ ڪردار ۽ انهن جو سٽاءُ ڪنهن انسان جو ڪارنامو ته هرگز نٿي لڳا. اهڙيون بي مثال تخليقون، اهڙي حسين انداز ۾ ايڏي اثرائتي نموني ڪو انسان تخليق ڪري سگهي ٿو؟ اعتبار نه پئي آيو. ان وقت، ان جاءِ تي ويٺل اسان چار پنج ڄڻا پاڻ کي دنيا جا خوش نصيب انسان سمجهي ۽ محسوس ڪري رهيا هئاسين جو اهڙي عظيم شاعر کي هن جي سامهون سندس زباني ٻڌي رهيا هئاسين. ٽي چار ڪلاڪ ڪلام ٻڌڻ کانپوءِ ماني کاڌيسين، ماني کارائڻ جا نيزار ۽ ان جي گهرواري شاهه هميشه کان شوقين آهن، ان وقت به چار پنج طعام ته هئا، جن ۾ ڪُڪڙ جا ئي ٻه ٽي قسمن جا ٻوڙ، ننڍڙن ٻڪرن جون باهه تي پڪل رانون، پلاءُ وغيره سان گڏ ڀاڄي جو ٻوڙ به هو جيڪو شيخ اياز کاڌو. بهرحال ماني کائي وري ڪجهه دير ٻاهر باغ ۾ ڪچهري ڪئيسين ۽ پوءِ اياز کي ڇڏي آياسين. سمهڻ لاءِ جويو، شيخ ۽ مرزا جن لاءِ هيٺ ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ ٽي بسترا لڳرايا، مان ۽ نور محمد مٿي ورانڊي ۾ ستاسين، پر ننڊ نه آئي، هڪ ته جاءِ بدلي هئي، ٻيو ته وري اسڪاچ پيئڻ کانپوءِ مون کي ننڊ ڪانه ايندي آهي. بهرحال صبح جو اُٿي هيٺ آياسين ته خبر پئي ته هنن ٽنهي بزرگن کي به رات ننڊ گهٽ آئي ۽ ٻي پريشاني اها ٿي جو رات جو اوچتو بجلي جو جهٽڪو لڳو ۽ A.Cبند ٿي ويو، جيڪو وري صرف بٽڻ دٻائڻ سان هلي سگهيو ٿي، پر هنن کي اها خبر ڪانه هئي ته بٽڻ ڪٿي آهي. بهرحال اڄوڪو ڏينهن جمعي جو هو. اٽڪل يارهين وڳي مان ۽ نور محمد، نيزار صاحب واري سرڪاري جيپ ۾ اياز کي وٺڻ لاءِ نڪتاسين، اول نور محمد کي هڪ ضروري شئي خريد ڪرڻي هئي، تنهن لاءِ ڪلاڪ کن سڄو سکر گهمياسين، پر ملي نه، آخر هڪ هنڌ ڏس مليو، اوڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته واٽ تي هڪ ٽانگو گڏيو جيڪو اسانجي اڳيان ٿي هليو، ان ۾ ٽي برقعا پوش نوجوان ڇوڪريون پٺيان ويٺل هيون، انهن ۾ هڪ ڇوڪري جنهن جا هٿ بُرقعي کان ٻاهر نڪتل هئا، ايڏا ته سُهڻا، نازڪ هئا جو اسان ٻئي ڏسي دنگ رهجي وياسين. ڪاري برقعي جو نقاب، هن جي کير جهڙي اڇي حسن جي تجلن کي لڪائڻ ۾ بلڪل ناڪام هو. خوبصورت نازڪ و نفيس، ڊگهين آڱرين وارا ڪپهه جهڙا هٿ ۽ وري انهن تي ميندي جون رتام لڪيرون، بس نور محمد جي وات مان بي اختيار ٿڌا شوڪارا نڪرڻ لڳا، واهه واهه واهه ڇا ته هٿ آهن.

بس ڪجهه گهڙيون اهو نظارو ڏٺوسين ۽ پوءِ اسان اڳتي نڪري وياسين، پر نور محمد کي اهي هٿ اصل وسرن ئي نه، سڀني دوستن سان انهن هٿن جو ذڪر ڏاڍا مزا وٺي وٺي ڪيائين ۽ پوءِ اڃان تائين جڏهن به سکر جو ذڪر ايندو آهي ته انهن هٿن کي ضرور ياد ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته مون ايڏا سهڻا هٿ پنهنجي زندگي ۾ نه ڏٺا هئا، خير سائين، اسان کي اها نور محمد واري شئي ته ڪانه ملي، باقي انهن حسين هٿن جا تصور کڻي، اياز سائين کي وٺڻ، سندس گهر تي آياسين، اياز جو گهر پراڻي سکر ۾ جنات بلڊنگ ۾ آهي، اسان پهتاسين ته سائين اسانجي انتظار ۾ هو، گاڏي ۾ ويهي واپس ورياسين ته نور محمد سائين کان پڇيو. سائين اوهانجي رهائش واري عمارت جو نالو عجيب آهي، جنات بلڊنگ، اهو نالو ڪيئن پيو. اياز سائين اسان کي اشاري سان سامهون چوراهي تي ٺهيل هڪ پراڻي پٿر جي ٽي ماڙ جاءِ طرف اشارو ڪندي ٻڌايو ته هيءَ جاءِ آهي، جنهن لاءِ مشهور ڪيو ويو آهي ته هن ۾ جن آهن، پر اصل ۾ ڇا جا جِن ٻن، هڪ ڀيرو هن جاءِ ۾ رهندڙ مهاجرن جو هڪ ڇوڪر لغڙ اڏائيندي اتفاق سان مٿي کان ڪريو ۽ مري ويو، هنن اهو چيو ته هن کي جن ڪيرايو آهي. بس تڏهن کان هن جاءِ ۽ سڄي پاڙي جو اهو نالو پئجي ويو آهي. اسان ڪچهري ڪندا درياءَ جي ساڄي ڪپ تان بندر روڊ تي چڙهياسين، اتي نور محمد وري اياز سائين کان سکر ڇڏي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ رهڻ متعلق پڇيو. اياز سائين درياءَ ڏانهن ڏسندي وڏو ساهه کڻندي چيو، ها هاڻ سکر مان دل ڀرجي چڪي آهي ۽ هاڻ ڪم ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان، وڪالت هونئن ئي ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، هاڻ ٻن چئن سالن ۾ وڪالت کان رٽائر ڪري آرام سان صرف علمي ادبي ڪم ڪندس. اتي اوچتو مون هڪ سوال ڪري وڌو، سوال ڪري ڇڏڻ کانپوءِ فورن مونکي ائين لڳو ته اهو سوال مونکي نه ڪرڻ کپندو هو. مون پڇيو هو، سائين وڪالت کانسواءِ به ڪو ٻيو آمدني جو ذريعو آهي اوهان جو؟ سائين فورن چيو، نه نه بابا ڪجهه به نه. اتي وري مون پڇيو ته سائين پوءِ رٽائرمينٽ ڪرڻ کانپوءِ اوهان ڪوبه ڪم ڪرڻ نٿا گهرو، پوءِ آخر گذر سفر ڪيئن ٿيندو؟؟ اهو سوال ڪرڻ کان فورن پوءِ مونکي خيال آيو هو ته مون کي اهو سوال نه ڪرڻ گهرجي ها، پر اياز سائين تمام سڪون سان جواب ڏنو، ته ادا ٻيو ته ڪجهه به ڪونهي باقي ٿورو ڪجهه بچائي رکيو اٿم جنهن سان باقي زندگي آرام سان گذري ويندي. لب مهراڻ وٽ، وري نور محمد چيو سائين اوهان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد رهجو. سائين چيو، حيدرآباد مونکي به وڌيڪ وڻي ٿو ۽ سڀ يار دوست هتي آهن، پر مجبوري اها آهي جو منهنجا ٻار اڳ ئي ڪراچي ۾ سيٽ آهن، هڪ جاءِ به اتي آهي، ان ڪري ڪراچي ۾ ئي رهڻو پوندو، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد ته گڏيا پيا آهن، اچڻ وڃڻ ۾ دير ڪانه لڳندي… اسان ٻارهين وڳي نيزار صاحب جي بنگلي تي پهتاسين جتي جويو صاحب ۽ ٻيا به تيار ويٺل هئا، ان وقت اسان جو دوست سيد ثقلين رضا (عسڪري) به اتي اچي نڪتو، هن جا ساهرا خيرپور جا آهن، اُتي آيل هو هن کي اسان جي خبر هئي ان ڪري اسان سان ملڻ هليو آيو. شيخ صاحب جي سامهون اسان سڀ هم تن گوش ٿي ويٺا هئاسين ۽ اياز سائين علم و ادب جو مينهن ٿي وسڻ لڳو. جيئن جيئن ويو وسندو تيئن اسان جا اڃايل روح ويا سيراب ٿيندا. مسلسل ٽي ڪلاڪ اسان حيرت جي سمنڊ ۾ غرق رهياسين. ٽين وڳي کانپوءِ وري ماني کاڌيسين، پوءِ وري اسان جو آخري نشست جو وقت طئي ڪري اياز سائين کي ڇڏي آياسين. شام جو ڪلاڪ ڏيڍ اسان به آرام ڪيو. اٽڪل 6 وڳي سڀ ڄڻا تيار ٿي ان ارادي سان نڪتاسين ته ٿورو شهر جو چڪر هڻجي ۽ پوءِ اٺين وڳي مقرر وقت تي اياز سائين کي آفيس مان کڻجي. اسان سڀ جيپ ۾ گهمڻ نڪتاسين، اول روهڙي ڏسڻ جو موڊ ٿيو. لب مهراڻ وٽان بئراج ٽپي، روهڙي اچي شهر کي ڏسندا هاءِ وي تي ان هنڌ پهتاسين جتي ڀٽي صاحب جي حڪومت دوران ٻوڏ آئي هئي ۽ درياءَ کي هٿ سان ٽُڪا هڻي بئراج ۽ پڻ لاڙڪاڻي کي بچايو ويو هو. ان جاءِ تي خود صدر ذوالفقار علي ڀٽو به آيو هو، اهو هنڌ به ڏٺوسين ۽ پوءِ واپس ورياسين. روهڙي جو محرم جو ماتم گهڻو مشهور آهي، سو ان وقت روڊ بلاڪ ٿيل هئا، پڙ نڪري رهيا هئا. اسان ايوب پل تان درياءَ ٽپي وري پراڻي سکر پهتاسين، جتي ڪوئنس روڊ تي اياز جي وڏي آفيس آهي. آفيس جي ڀر ۾ سنڌي جي هڪ ٻئي شاعر وڪيل فتاح ملڪ جو گهر آهي. اسان جڏهن آفيس پهتاسين ته اياز سائين فتاح ملڪ جي گهران نڪتو، فتاح به گڏ هئس. اياز سائين چيو ته مان اوهان جو انتظار ٿي ڪيو. فتاح وٽان هڪ فون ڪرڻ ويو هئس، اتي فتاح کي به گڏ هلڻ جي آڇ ڪئي سين، هن چيو ته مون وٽ هلي ويهو اتي رهاڻ ڪريون، پر پوءِ هو به اسان سان هلڻ لاءِ تيار ٿيو. اياز سائين اسان کي پنهنجي آفيس ۽ ڪتاب ڏيکاريا. آفيس ۾ ٽي وڏا ڪمرا هڪ وڏو ورانڊو ۽ وڏو اڱڻ به هو، پر اهي ٽئي ڪمرا ۽ پورو ورانڊو ڪتابن جي شوڪيسن سان ڀريل، سڄي آفيس ڪتابن سان سٿيل هئي. اياز سائين پاڻ چيو ته سنڌ ۾ قانون جا ڪتاب سڀ کان وڌيڪ اي. ڪي بروهي وٽ آهن ۽ ٻئي نمبر تي مون وٽ آهن. بهرحال اسان روانا ٿياسين اياز، جويو ۽ نور محمد جيپ ۾ هليا ۽ آئون ۽ مراد علي مرزا فتاح جي ڪار ۾ ويٺاسين، واٽ تي فتاح دٻيل دٻيل انداز ۾ اياز تي تنقيد ٿي ڪئي، ٽيليفون واري ڳالهه تان مذاق واري نموني ۾ چيائين ته اياز جو آفيس وارو فون ٽي چار سال ٿيا آهن ڪٽيل آهي، ڪونه ٿو ٺهرائي، ڀلا هن کي ضرورت ڪهڙي آهي. هميشه مون وٽان فون ڪندو آهي. بابا اياز تمام پڪو ماڻهو آهي چار ڇهه هزار جو بل به ڪونه ٿو ڀري. مطلب ته فتاح هڪ شاعر ٿي ڪري ٻئي شاعر تي ٽوڪ ٿي ڪئي جيڪا مونکي نه پئي وڻي، پر آئون خاموش رهيس. بهرحال جاءِ تي پهچي وري محفل شروع ٿي، اياز سائين اڄ به پنهنجو ڪلام پڙهيو. فتاح ملڪ به بي اختيار واهه واهه ٿي ڪئي. هڪ وڳي تائين اياز سان محفل هلي. آخر ۾ اياز سائين ٻه نظم اردوءَ جا به ٻڌايا جيڪي واقعي ڪمال جا نظم هئا ۽ سڀني جي راءِ هئي ته اردو شاعري تي به هن جي گرفت سنڌي شاعري جهڙي هئي.

آڌي رات جو ماني کائيندي اياز فيض احمد فيض سان ڪيل ڪچهري جو احوال ٻڌائيندي چيو ته مون فيض کي چيو تون پنهنجي شاعري جو هڪ به اهڙو شعر ٻڌائي جنهن جي طرز ڪنهن شاعر اردو ۾ استعمال نه ڪئي هجي؟ ان تي فيض لاجواب ٿي ويو. هن ڪابه نئين شئي، نئين طرز، تخليق نه ڪئي هئي، بلڪه اردو شاعري جي پراڻي طرزن کي استعمال ڪيو آهي.

ماني کائيندي فتاح ملڪ اياز سان بحث ڪيو ته دنيا ۾ اردو جي ڪابه اهميت ڪانهي، فتاح چيو ته سنڌي ڪتاب، رسالا اڃان به هلندا، پر اردو کي دنيا ۾ ڪوبه ڪونه پڇي. اياز چيو ته نه اردوءَ جي پنهنجي اهميت آهي، اردو ٻوليءَ ۾ دنيا جي اداب جو وڏو ذخيرو آهي ۽ پاڻ اردو به ڏاڍي ترقي ڪئي آهي، جو اڄ انڊيا وارا پنهنجي فلمن ۾ ٻولي اردو رکڻ لاءِ مجبور آهن. اياز ۽ فتاح جو اهو بحث ڪافي دير هليو. پوءِ رات به ڳچ گذري چڪي هئي، آخر ۾ اياز روانو ٿيو ۽ اسان به سڀني آرام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ٽئي ڏينهن صبح جو اسان واپس ورڻ جي تياري ڪئي. نيزار صاحب پنهنجي بهترين بلڪه شاندار مهمان نوازي جي فرض ادائي ڪندي آخر ۾ به اسان کي واپس حيدرآباد رسائڻ لاءِ ڪار جو انتظام ڪيو، چيائين ته جويو صاحب، مراد علي مرزا صاحب ۽ ع. ق شيخ صاحب بزرگ آهن. هنن کي ڪا تڪليف نه ٿئي. آخر ۾ نيزار سڀني کي ڪجهه سوکڙيون به ڏنيون ۽ رستي ۾ کائڻ لاءِ فروٽ بسڪيٽ وغيره جو به انتظام ڪري ڏنائين. مطلب ته نيزار صاحب انهيءَ موقعي تي ايڏي ته شاندار خدمت ڪئي هئي جو سڀني تمام فراخدلي سان ان جو اعتراف ڪيو. اسان اٽڪل ٻارهين وڳي سکر مان نڪتاسين واٽ تي گذريل ٻن ڏينهن جي شاندار ڪچهرين تي تبصرا ڪندا وياسين سڀني جي اها راءِ هئي ته اهي ٻه ڏينهن زندگي جا يادگار ڏينهن گذريا آهن، اڌ پنڌ کانپوءِ هي ٽئي بزرگ ته اَهلي پيا پٺيان، پر مان نور محمد ڪچهري ڪندا آياسين، ان ڪچهري ۾ نور محمد اياز جي ڪيترين ڳالهين جي باري ۾ ٻڌايو اسان اياز سائين کان پڇيو ته توهان وائس چانسلر يونيورسٽي جا ڪيئن ٿيا ۽ ڇو ٿيا؟ اياز ان جو تفصيلي جواب ڏنو.

اياز سائين چيو هڪ شام مان گهر تي ويٺو هئس ته فون جي گهنٽي وڳي منهنجي ڪڪيءَ کنيو جنهن چيو ڪو اوهان ساڻ ڳالهائڻ ٿو گهري. مان رسيور کنيو چيو: “اياز”

ٻئي طرفان آواز آيو ته: توهان سان صدر پاڪستان جناب ذوالفقار علي ڀٽو ڳالهائڻ ٿو گهري هولڊ ڪيو. آئون حيران ٿيس ته خبر نه آهي ڇا آهي. ڪجهه دير ترسي ٻئي طرف کان آواز آيو: “هيلو! شيخ صاحب ڪهڙا حال آهن، سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي”. مون چيو: سائين سڀ ٺيڪ آهي، وري پڇيائين ڪيئن پئي ٿي گذري؟ مان چيو سائين بلڪل ٺيڪ پئي گذري پوءِ چيائين شيخ صاحب اڄ مان اوهان کي هڪ ڪم ٿو ڏيڻ گهران اول واعدو ڪر ته ضرور ڪندين. مان اخلاقن چيو: سائين مان ڪنهن قابل آهيان؟ توهان حڪم ڪريو. وري ڀٽي چيو ته شيخ صاحب اول واعدو ڪر ته انڪار نه ڪندين. مان ٿورو پريشان ٿيس، پر وري چيم سائين اوهان چئو مان ضرور ڪندس. ڀٽي چيو شيخ مان توکي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿو ڪريان! ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟؟ مان چيو سائين مان هڪ وڪيل ماڻهو مونکي انتظامي صلاحيت بلڪل ڪانهي مان ڪٿي ڪري سگهندس. ڀٽي صاحب چيو: گهٻراءِ نه، تون ڪري ويندين. يونيورسٽي کي تنهنجي ضرورت آهي. مان چيو سائين مون کي ڪوبه تجربو ڪونهي. ڀٽي فورن چيو مون کي وري هي ملڪ هلائڻ جو ڪو تجربو هو ڇا؟ ڇا مان ملڪ تي حڪومت ڪونه پيو ڪريان؟ تون به هلائي ويندين گهٻرائي نه. مان ويٺو آهيان مان تنهنجي مدد ڪندس.

اهڙي ريت مون کي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، پر مان هاڻ سوچيان ٿو ته مان اهو سڀ جن سببن جي ڪري اهو قبوليو هو. اهي سبب هي هئا. اول ته مان سور سختيون برداشت ڪري ٿڪجي پيو هئس، هاڻ وڌيڪ مقابلي جي طاقت مون ۾ نه هئي، ٻيو ته حڪومت جيڪا مون کي صرف پاسپورٽ ڏيڻ لاءِ به تيار نه هئي، ان حڪومت هاڻ مون کي سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ خود موڪلڻ ٿي چاهيو ۽ مان ان ريت دنيا ڏسي پيو سگهان. ٽيون سبب اهو ته ان علمي اداري ۾ رهي مان علم و ادب جي بهتر خدمت ڪري پيو سگهان، اهي ئي سبب هئا جو مون وائيس چانسلر ٿيڻ قبول ڪيو هو.

***