ماڻهن جو هڪ خاص مائينڊ سيٽ يا لاڙو به هجي ٿو، هر ماڻهوءَ ۾ پنهنجو پنهنجو ٽئلينٽ به آهي، ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪ خاص طاقت تخليقي طاقت به هوندي آهي، ماڻهن جو دماغ ۽ سوچن جي صلاحيت به هڪ زبردست طاقت رکي ٿي. معنيٰ ڪنهن جو دماغ ڪجهه ته ڪجھ جو دماغ سيڪڙو ڪم ٿو ڪري. هر ماڻهوءَ ۾ پنهنجي پنهنجي هڪ ڪائنات وسي رسي ٿي، هر ماڻهوءَ ۾ پنهنجو فن هوندو آهي، سڀ ڪرت سان لڳل هوندا آهن، وري ماڻهو جيترا به انٽرويوز ڏئي، پر ٿيندو اهو جيڪو هو ان جي صلاحيت رکي ٿو يا چئجي ته ماڻهو مدرسن مان ڀڄي راڳي ٿي ٿو وڃي يا ماڻهن جي وچ ۾ رهي انهن جي رهبري ڪري ٿو وٺي، ڳالھ اندر جي ”انٽرنزڪ پاور“ جي به هوندي آهي ته ماڻهن جو اندر ڇا ٿو طلبي، ماڻهن جو دماغ ۽ سوچ انهن جي جسم کي ڪيڏانهن وٺي ٿي وڃي، ماڻهو ڪهڙي ڪرت ۾ سڪون محسوس ٿو ڪري، ماڻهو پاڻ کي مندر ۾ ويهاري خوش آهن يا ماڻهو پاڻ کي ڪليسا جي طرف ٿو ڌڪي، ماڻهن جي اندر ۾ ڪا مسجد يا چرچ يا ڪا گردوارا رچي ٿي وڃي يا ڪجھ ٻيو. معنيٰ ماڻهو پنهنجي ”مائينڊ سيٽ“ تي رستا گهڙي ٿو پوءِ اهي ”مائينڊ ميچ“ ڪهڙا به هجن، هر ماڻهوءَ جي سوچ ۽ ڳالهائڻ ۾ هڪ سڀاءُ ۽ هڪ مقناطيس به پنهان آهي. هر ماڻهو هڪ خاص ”فريڪئينسيءَ“ ۾ رهي ٿو، وري ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سان اٽيچ يا واڳيل رهي ٿو. ڪنهن جي طبيعت ڪنهن سان ٿي ملي ته ڪنهن جي ڪنهن سان. ماڻهو سڀ ڪم به نٿو ڪري سگهي، ڀلي ڪير ڪيترو به عقلمند هجي، پر پوءِ به ڪو نه ڪو قبلو يا مرڪز اندر ۾ رکي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن جي پوئيواري ڪري ٿو يا ڪنهن نه ڪنهن جي اڳواڻي ڪري ٿو. وري سياست ۽ اڳواڻي هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي هوندي، پر پوءِ به سياسي رنگ هر ملڪ ۾ آهن ته سهي، ڪٿي شهنشاهيت آهي، ڪٿي چونڊون ٿيون ٿين، ڪٿي بادشاهت آهي، ڪٿي صدارت، ڪٿي وزيراعظم، ڪٿي گورنر، ڪٿي رڳو صدر، ڪٿي رڳو وزيراعظم وغيره وغيره، معنيٰ اهڙي طريقي اهڙا حڪومتن جا سيٽ اپ آهن ئي آهن ۽ هلندا رهن ٿا. انسان ٻِرُن، چُرن ۽ جبلن جي غارن مان نڪري ڳوٺ، محلا، شهر ۽ ملڪ جوڙي ورتا پوءِ جتي انهن کي روحاني رهنمائن جي اوڻاٺ به رهي ٿي معنيٰ مذهب ۽ اتي سياسي رهبرن جي گهرج به رهي ٿي.