ايڊيٽوريلنئون

دوائن جي کوٽ سبب فوت ٿيل 29 معصوم زندگين جو ڪيس ڪنهن تي داخل ڪجي

            خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪُرم جي علائقي پارا چنار ۾ دوائن جي کوٽ سبب 29 معصوم جانيون موت جي حوالي ٿي ويون آهن، جيڪا انتهائي افسوسناڪ خبر آهي. ايڏي وڏي سانحي تي نه صوبائي سرڪار نه ئي وفاقي سرڪار ڪو عملي قدم کنيو آهي، ها البته لفاظي ضرور ڪئي آهي ۽ ٻنهي حڪومتن هڪٻئي تي الزام مڙهيا آهن. ڪُرم ضلعي جي حيثيت ڪُرم ايجنسي واري هئي جڏهن فاٽا جا علائقا خيبر پختونخواهه ۾ شامل ٿيا ته پوءِ انهيءَ کي ضلعي جي حيثيت حاصل ٿي.

            خيبر پختونخواهه جي هن ضلعي جي علائقي پارا چنار ۾ گذريل 70 ڏينهن کان زمين جي ٽڪري تي شروع ٿيل جهيڙو هن وقت مذهبي فرقي واريت وارو جهيڙو بڻجي چڪو آهي جنهن ۾ هڪ طرف شيعه مسلڪ جا ماڻهو ۽ ٻئي طرف سني مسلڪ جا ماڻهو جيڪي ٻئي مسلمان آهن، پر هو پاڻ کي مسلماني کان وڌيڪ فرقيوارانه شناخت رکڻ ۾ فوقيت محسوس ڪن ٿا. ان جهيڙي سبب 150 کان وڌيڪ ماڻهو گولين لڳڻ سبب موت جو شڪار ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن. انهيءَ علائقي ۾ زندگي غائب ٿي چڪي آهي ۽ موت لامارا ڏيئي رهيو آهي. ڳوٺ ۽ شهر بند پيا آهن، انهيءَ طرف ويندڙ رستا سنسان آهن جنهن جي ڪري انهن علائقن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي تمام گهڻي کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي، صورتحال اتي پهتي آهي جو هاڻي اتان جي اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ ٿي ويون آهن. دوائن جي کوٽ سبب پارا چنار جي سول اسپتال ۾ داخل 29 ٻار دوا نه ملڻ سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن، ۽ ڪيترن جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي، پر صوبائي سرڪار ۽ وفاقي سرڪار انهن ماڻهن جي لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهي آهي، اهو ضرور آهي ته هو هڪٻئي جي مٿان الزام تراشيون ڪري رهيون آهن. هن وقت به ايڌي سروس جون ايئر ايمبولينس اتي پهچي پنهنجي ذميواري فرض سمجهي ادا ڪري رهي آهي، جن دوائون به پهچايون آهن ته انتهائي شديد بيمار ماڻهن کي هوائي رستي پارا چنار کان کڻي پشاور پهچايو آهي. هيءَ آهي حڪومت جي بيحسي انهيءَ کي حڪومتي ظلم چئجي ته به غلط نه ٿيندو. ان طرف نه سوشل ميڊيا جو ڌيان وڃي ٿو نه ئي ملڪي مين اسٽريم ميڊيا جو. ايئن محسوس ٿئي پيو ته اهو علائقو شايد پاڪستان ۾ نه آهي. هن وقت اهو علائقو غزه جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي، جتي ٻار اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ سبب مري رهيا آهن. اهو علائقو افغاني سرحد کي ويجهو هجڻ جي ڪري افغانستان کان پڻ رستو موجود آهي، پر سرحد تي سختيءَ سبب افغانستان طرفان خانگي طرح ڪا خاص مدد نه پهچي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اتي موجود ماڻهو پنهنجي علائقي ۾ اهڙي قيد ۾ قابو ٿي چڪا آهن جتي ڪنهن به قسم جي رسد ملڻ مشڪل ٿي وئي آهي. خيبر پختونخواهه جي وزيراعليٰ کي جيڪڏهن ڌمڪيون ڏيڻ کان موقعو مليو هجي ۽ هو پنهنجي عوام طرف ڌيان ڏئي ته کيس سڀ کان پهرين پارا چنار ۾ موجود ماڻهن جي تڪليفن جو احساس ڪرڻ گهرجي ۽ جنگي بنيادن تي انهيءَ علائقي جي ماڻهن کي کاڌي پيتي ۽ دوائن جي رسد پهچائڻ گهرجي ۽ امن امان ڪرائڻ جي سچائي سان ڪوشش ڪرڻ گهرجي. صرف ڏيکاءُ جي لاءِ جرڳا ڪوٺائڻ سو به ان علائقي کان سوين ڪلو ميٽر ڏور فائديمند ثابت ٿي نه سگهندا. ان سان گڏ وفاقي سرڪار کي به سندس ڪيل ان غير ذميواري جو ڏوهه ڏيڻ گهرجي.

            جيڪڏهن صوبائي سرڪار ان علائقي جي ماڻهن جي اهنجن جو احساس نٿي ڪري ته پوءِ وفاقي سرڪار کي خاموش نه رهڻ گهرجي هڪدم عملي قدم کڻي ان علائقي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ گهرجي، وڙهندڙ گروهن کي نه صرف سمجهائڻ گهرجي، پر ان ڏوهه ۾ ملوث مجرمن کي پڻ سزا ڏيڻ گهرجي ۽ جنهن زمين جي ٽڪري تي جهيڙو هلي رهيو آهي ان کي سرڪاري ملڪيت ۾ وٺڻ گهرجي. انهيءَ زمين تي ڪو وڏو ڪاليج، راندين جو ميدان يا وڏي اسپتال ٺاهڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو زمين جو ٽڪرو موجود رهيو ته اڃان به ڪيترين انساني جانين کي موت جي منهن ۾ ڌڪيندو.