ڳالھ اچي هڪ خط تي اچي بيٺي هئي، هڪڙي آمريڪي خط جي تحقيات اڃان ٿي نه هئي (توڙي جو اهو خط ڪوڙو هو) وري مٿان سچي گجراتي خط اچي پي ٽي آءِ جي ٺهيل ڪيل گيم بگاڙي ڇڏي، هيٺ ڪيتري به سياست ڪجي ڳالھ مٿي جي سياست جي آهي، ان ڪري ادارن سان، بالا شخصن سان، اندروني ۽ بيروني سياسي پارٽين سان ڳنڍي رکجي، ڇو ته ڪنهن مهل ۽ ڪٿي به ڪم اچي سگهن ٿيون. اهو فلسفو پي ٽي آءِ جي کوپڙي ۾ ويهي نٿو، هي پاڪستاني چي گويريا ٿيڻ ٿو چاهي، ڪو هوچي منھ يا مائوزي تونگ، جنهن کي عوام گڏ ڪرڻ کانپوءِ اها ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي ته اڳتي جي سياست ڪيئن ڪجي. وري ڳالھ اها به عجيب آهي ته جڏهن عوام جي ووٽ جو ڪو ملھ ئي ناهي، عوام جي ووٽ کڻي ٽڪي جو به هجي، پر اهي کٽي ايندڙ وزير ته پاڻ کي وري ڪروڙن رپين ۾ کپائي پنهنجا کيسا ڀري ٿا ويهن ۽ پوءِ عوام پئي کڏ ۾. مثال ووٽ جڏهن پي ٽي آءِ جو هجي ٿو ته اهو نون ليگ وٽ اهميت نٿو رکي، جڏهن نون ليگ کٽي سوڀاري ٿي ٿئي ته انهن جي ووٽ جي وري پ پ وٽ ڪا حيثيت يا عزت ناهي. ووٽ رڳو انهن وٽ عزت رکي ٿو جيڪي کٽي ٿا اچن، جيڪي جنهن پارٽي کي ووٽ ٿا ڪن باقي ووٽ جي عزت ته اها ٽڪي جي ٿي وڃي بيهي.
ڪڏهن ڪڏهن وزير رڳو پنهنجن تڪن ۾ اٽي، لٽي ۽ اجهي يا معمولي ترقياتي ڪم ڪرائي ٻين مخالفن کي اهو بانور ڪرائيندا آهن ته جي توهان اسان کي ووٽ ڪيو ها ته ”اسان توهان کي نوڪريون، ترقياتي ڪم، ٺيڪا ۽ ٻيون سرڪاري نعمتون به بخشون ها، پر توهان ته اسان جا ووٽر ئي ناهيو، ان ڪري توهان جي دک درد سان اسان جو ڪجھ به نه وڃي“. ڪڏهن ڪڏهن (يا سدائين انهن) عام ماڻهن کي يا جوشيلن ووٽرن کي اها خبر ناهي هوندي ته انهن جو اڳواڻ (اميدوار) مٿي ڪنهن جي حمايت ڪندو يا (اميدوار) ڪيتري ۾ کپندو يا ڪنهن جي حمايت يا مخالفت ۾ ويندو. ان ڪري سڄي پاڪستان مان جيئن سوشل ميڊيا جي ذريعي يا اليڪٽرونڪ پولنگ جي ذريعي جيڪي ووٽ ڪرائيندا آهن، تيئن اهي عام ماڻهن کان به پڇن ته اهي زرداري صاحب کي ووٽ ڪندا يا انهن جي نظر ۾ نواز شريف ڀلو آهي يا معتبر سياستدان رڳو عمران خان آهي، پر اهي وزير مٿي وڃي ”63 اي“ جي فلسفن، سمجهاڻين ۽ شرحن ۾ ڦاسي ٿا پون. انهن کي اها خبر نٿي پوي ته هيٺان جيڪي ووٽ وٺي آيا آهن، انهن عام ماڻهن جي خواهش ڇا هئي؟ اهي ڇا ٿا چاهين؟ اهي جي ان طريقي جي عام اليڪشن ۾ رڳو انهن تڪن جي وزيرن کي چونڊي وري ان چونڊيل وزيرن جو انتظار ڪن جنهن وزير کي ان تڪ جو عوام ووٽ ئي نٿو ڪري، جنهن نمائندي کي ووٽ ڪن ٿا ته اهو شايد پي ايم يا سي ايم ٿيندو، اهو وري سي ايم يا پي ايم ٿئي ئي نٿو. ان ڪري پاڪستاني اليڪٽرول پروسيس ۾ اهو شايد جهول آهي ته ڀلا ٿيڻ وارو وڏو وزير پهرين صوبي جي عام ماڻهن کان ووٽ وٺي ته ڪيترو سيڪڙو ماڻهو هن کي وزيراعليٰ يا وزيراعظم ڏسڻ پسند ڪن ٿا، پر ڳالھ اها به ماري ٿي ته اسان وٽ جيتريون اليڪشنون ٿين ٿيون، اوترا مونجهارا به آهن، ان ڪري ووٽ ڏئي بس ڪري ويهجي ۽ ڏسجي ته اهي نمائندا اسيمبلين ۽ ايوانن ۾ ڪيئن هڪٻئي جا ڄنڊا ٿا پٽين.
پر حيرت اها به آهي ته ماڻهن ۾ اينٽي اسٽيبلشمينٽ نعرو ڏاڍي مقبوليت ٿو ماڻي يا جيڪا ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي اينٽي اسٽيبلشمينٽ نعرا ٿي هڻي ماڻهو انهن ڏي ليٽ ٿا ڪن، ماڻهو انهن کي ووٽ ٿا ڏين، پوءِ کڻي پ پ هجي، پي ٽي آءِ هجي، نون ليگ هجي يا ڪا ٻي پارٽي. اها ڳالھ ماضيءَ ۾ به ڏٺي وئي هئي ته حڪومت (پي ٽي آءِ) ڪيئن ڪوڙي سياست جي ڪري، ڪروڙين نوڪرين جي ڇَسي آسري جي ڪري، آءِ ايم ايف ڏي نه وڃڻ واري حام ڀرڻ جي ڪري، غريبن کي مفت گهر ڏيڻ واري ڳالھ جي ڪري، رپئي جي قدر واري ڳالھ جي ڪري، مهانگائي واري ڳالھ جي ڪري، افغان پاليسي واري ڳالھ جي ڪري، عسڪري ادارن واري بدنامي واري ڳالھ جي ڪري ۽ بيڊ گورننس جي ڪري بدنام ٿي وئي ۽ جنهن جو فائدو ان مهل ٻين پارٽين ورتو. جيئن نواز شريف جي هر جلسي ۾ عسڪري شخصن جي خلاف ڳالهائڻ واري ڳالھ جي ڪري، عدالتي فيصلن تي هرو ڀرو تنقيدن جي ڪري، سياسي شخصن کي بدشد ڳالهائڻ واري ڳالھ جي ڪري نون ليگ پاڻ کي معصوم ثابت ڪري وئي ۽ 2019 پنجاب جون 13 سيٽون (پي ٽي آءِ جي دور ۾) پنهنجون ڪري وئي هئي جنهن جي لاءِ چوندا هئا ته ”نون ليگ پنهنجا ووٽ موٽايا آهن“ هاڻي عمران خان جڏهن ڪرسي تان لٿو ته هاءِ گهوڙا ڪريو ويٺو ۽ اهو به ادارن کي بدنام ڪري ويو. عسڪري شخصن کي نشانو بڻائي ويو، اهو به رياست جون کنڌيون کڻي ويو. خان سمجهي پيو ته سڀ کان بهترين سياسي اٽڪل بازي رڳو رياست کي بدنام ڪرڻ، رياست جي ڪارگذارين کي نروار ڪرڻ، اسٽيبلشمينٽ کي گھٽ وڌ چوڻ ۾ آهي. ساڳي معصوميت جيڪا پي ٽي آءِ جي سرڪار ۾ نون ليگ ڪيو ويٺي هوندي هئي، هاڻي هي (عمران خان) ٿو ڪري. هاڻي عمران خان نعرا ۽ نَريٽِو به مٽائيندو ٿو وڃي، مثال هاڻي آزاد پاڪستان واري ڳالھ خاص پنجاب جي ماڻهن کي ڏاڍي ٿي وڻي، پر هاڻي آمريڪي غلامي واري ڳالھ پنجاب جي ماڻهن کي بلڪل پسند ناهي. عمران خان جيڪڏهن پنجاب جي سياسي مهم بازي ۾ اينٽي اسٽيٽ يا اينٽي اسٽيبلشمينٽ نعرا به هڻندا هئا ته پنجاب جو عوام ان کي دل سان لائيندو هو ۽ انهن جي نعرن سان عمران خان پاڻ کي معصوم ثابت ڪري ويو ۽ پنجاب جهڙي صوبي جو پنجابي ووٽ ميڙي ويو. اينٽي اسٽيبلشمينٽ وارو نعرو هو ته نون ليگ جو، پر عمران خان جي انهن نعرن ۾ ماڻهو ڦاسائي ويو. ماڻهن ۾ سياسي شهرت جو سبب رڳو اها ڳالھ هوندي آهي ته ڪهڙو سياستدان ڪيترو خوددار آهي، پر ڳالھ ته عوامي سياست جي هوندي آهي.
حقيقت اها به آهي ته عوامي سياست عمران خان جي وس جي ڳالھ ناهي، ڇو ته سياسي مفاهمت ۽ سياسي حرفتون هن شخص جي سياسي بصيرت ۾ ناهن. حالانڪه سياسي مصلحتون ته هر سياسي شخص ڪري ٿو اچي، ان ۾ شڪ به ناهي ته ڪير به رياست يا اسٽيبلشمينٽ سان بگاڙي نٿو هلي سگهي، پر ڳالھ وري اها به آهي ته هاڻي جيترو اينٽي اسٽيٽ يا سول نافرماني جا نعرا هڻي عمران خان پاڻ پڏائي ٿو يا خاص ڪي پي ۾ مقبوليت ماڻي ٿو ته ڇا ساڳي ڳالھ هي وري نين چونڊن اچڻ تائين يا ان کانپوءِ باقي رکي سگهندو؟ مثال اهو به ٺهڪي ٿو ته ”ڏٺو پِير پُني مراد“ هن جا ماضي جا واعدا ته سڀني ڏٺا ته ڪيترا وفا ٿيا يا نه ٿيا؟ جنهن ۾ بيرزگاري کان وٺي اءِ ايم ايف وٽ گوڏا ٽيڪ هئي، پر هاڻي جي سول نافرماني واري سلوگن ۾ وري ڪجھ نواڻ آهي، جنهن ۾ نئين پاڪستان جي ڳالھ ناهي. هاڻي ڳالھ آزادي واري آهي، ڳالھ آمريڪي حمايت حاصل ڪرڻ جي آهي، ڳالھ عسڪري ادارن يا شخصن سان ٽڪراءَ جي ضرور آهي.
اها ڳالھ به واضح آهي ته وڏا جلسا اليڪشن کٽڻ جا ضامن ناهن هوندا، پر جيڪو نريٽو هجي ٿو يا جنهن معصوميت سان حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ٿي ٿئي، جنهن نماڻائيءَ سان سياستدان پاڻ کي عوام جي عدالت ۾ معصوم ۽ مظلوم پيش ڪري ووٽ ڦري ٿا وٺن تنهن نعري ۾ عوام کي به عافيت آهي. عوام کان انهن ئي حڪومتن جا اڳيان قهر وسري ٿا وڃن، جيڪي حڪومت رڳو پنهنجي بجيٽ ڊيفيسٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ عوام تي مهانگائي جا بم پئي ڪيرائيندي هئي، جنهن اسپيڊ سان عوام جي مٿان پيٽرول جون قيمتون وڌائي پنهنجا بجيٽ ڊيفيسٽ پورا ڪندي هئي، اهي سڀ عوام کان دل تان لهي ٿا وڃن. هاڻي شهباز سرڪار جا مهانگائيءَ جا سور ماڻهن جي دل تان لهي ويا آهن. عوام شهباز سرڪار جي ڪوڙن کي به سڃاڻي ورتو آهي. عوام ته اهو به سمجهي ٿو ته هي شهباز سرڪار ڪيتري پاڻي ۾ آهي، جيئن پي ٽي آءِ پنهنجن پاليسين جي ڪري عوام جي آڏو خوار هئي، هي به ساڳي طرح عوام جي آڏو خوار آهن يا ادلي جو بدلو پيو ٿو هلي. باقي سياسي مصلحتن جي ڳالھ وري ڪجي، ان ڪري پي ٽي آءِ هنن حالتن ۾ جتي رياست اندروني ۽ بيروني پريشرن ۾ ڦاٿي پئي آهي، اتي ڳالهين سان مسئلا حل ڪيا وڃن، پر پي ٽي آءِ هي نظر ۾ ڳالهيون معنيٰ عمران خان جي آزادي ۽ رياست جي نظر ۾ ڳالهيون معنيٰ ڪجھ ڏي وٺ يا مخالف بينچن تي رڳو چپ ڪري ويهڻ ته جيئن هي سرڪار پنهنجو وقت ٽپائي وڃي، جيڪا ڳالھ پي ٽي آءِ جي ڳالهين جو حصو قطعن ناهي نه ئي اهي چاهين ٿا، ساڳي جاءِ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي ٻن کان 10 سالن جون قيد جون سزائون (جيڪي ايندڙ ڪنهن به سرڪار ۾ معاف ٿي سگهن ٿيون) ۽ خاص عمران خان جي ڀاڻج کي سزا به پي ٽي آءِ جي لاءِ پريشانيءَ جو باعث آهي. ان ڪري پي ٽي آءِ کي ضد واري سياست کان مٿي اچڻ گهرجي ۽ اها ڳالھ به سمجهن ته ٻن عورتن عليمه خان ۽ بشريٰ بي بي) سان جڏهن گهر نٿو هلي ته سياست ڪيئن هلندي.