سول ۽ فوجي اڳواڻن کي گڏجي ويهي سوچڻ گهرجي ته آخر ڪرڻو ڇاهي؟ ۽ ٿئي ڇا پيو، انٽرنيشنل برادري ۾ هن ملڪ جي بدنامي وڃي ٿي وڌندي ۽ ڪير به هن رياست مان ۽ پنجاب جي مرڪزيت مان خوش ناهي، ڪنهن جو پاڻي ڦري ٿا وڃن، ڪنهن جون زمينون ڳڙڪائي ٿا وڃن، ڪنهن جا معدني وسيلا هڙپي ٿا وڃن، ڪنهن صوبي کي مرڪز جي حڪومت نصيب ناهي، يا رياست به سياڻپ ٿي ڪري جسٽس فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس ته ڪن ٿا، پر هو پنهنجي دور ۾ بلوچن جي درد تي مرهم نه رکي سگهيو ۽ ڪڏهن به گمشده بلوچن جي ڳالھه نه ڪيائين، صادق سنجراڻي ڪڏهن سينيٽ مان ڪو بل پاس يا پيش نه ڪرايو ته بلوچن سان ظلم پيو ٿئي، انوارالحق ڪاڪڙ وري ڊاڪٽر ماهرنگ کي هڪ ئي ڌمڪي چاڙهي ته اسلام آباد جي ڌرڻي کي ختم ڪيو. ڪٿي 71 واري تاريخ ته نه پئي ورجائجي، جو ڪو به صوبو پنجاب کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ هر صوبي ۾ پنهنجي پنهنجي حڪومتي رٽ موجود آهي. هڪ صوبو چولستان جي منصوبي جو آرڊيننس پاس ڪرائڻ ۾ مصروف آهي ته ٻيا صوبا اوندھ انڌيري ۾ پيل آهن، انهن کي خبر ئي ناهي ته پنجاب جي نيت ۾ ڇا آهي؟ ان ڪري ته پنجاب پاڻ کي الڳ ٿو سمجهي، هن جي نظر ۾ جيڪي به زمينون ۽ درياءَ آهن اهي ٻين صوبن جا هوندي به پنجاب جا آهن. سمنڊ، جبل، جهر جهنگ، مالي وسيلا، معدني دولتون جيڪي ٻين صوبن ۾ آهن، اهي سڀ جون سڀ پنجاب جون آهن. ان ڪري ٻين صوبن سان مشاورت ته ٺهيو، پر وات ٽُڪاڻي به پنجاب جي نيت ۾ ناهي ته اهي ويهي ڪل پارٽي ڪانفرنس ڪرائي صوبن جي درد کي سمجهن ته آخر حل ڇاهي؟ اهي ڳالهيون ڪير طئي ڪندو جو اختر مينگل به چئي ٿو ڏئي ته بلوچستان ۾ ڪهڙي هنڌ حڪومت جي رٽ آهي اهو ٻڌايو؟ گذريل هفتي ڪوئيٽا جي دوري تي وزيراعظم ويو ته بي ايل اي جي باغي نوجوانن ٿاڻن کي يرغمال ڪيو ۽ انهن جا هٿيار ۽ ورديون کڻي هليا ويا، پر ڪنهن به پوليس جي سپاهيءَ مزاحمت نه ڪئي ۽ ڪير به ٻڙڪ نه ڪڇيو.