عبوري وزيراعظم ۽ تمام عبوري صوبائي وزير اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام
عبوري وزيراعظم ۽ چئني وزير اعليٰ پاران اليڪشن ايڪٽ 2017 تحت پنهنجن اثاثن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اي سي پي ۾ جمع نه ڪرايا آهن. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ 2017 تحت عبوري وزيراعظم ۽ وزير اعليٰ ۽ ڪابينا جا ميمبر عهدو سنڀالڻ جي ٽن ڏينهن ۾ پنهنجن سڀني اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جا پابند آهن. اي سي پي جي ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عبوري حڪومت ۾ شامل ٿيندڙ سڀئي رڪن پنهنجن اثاثن بابت معلومات جمع ڪرائڻ جا پابند آهن. هن وڌيڪ چيو ته عبوري وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ پهرين جون تي وزارت عظميٰ جو قلمدان سنڀاليو ۽ هن چوٿين جون تي پنهنجي ۽ پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن جي اثاثن جا تفصيل ڏيڻ جو پابند هو. جڏهن ته مقرر تاريخ کي هفتو گذرڻ بعد به هو اهي تفصيل جمع نه ڪرائي سگهيو آهي.

