تازو سوشل ميڊيا تي ڊاڪٽر قادر مگسي جي صاحبزاديءَ جي تعليمي ڪاميابي جي حوالي سان جاري ھڪ وڊيو تي ڪن ماڻھن اڻ سونھندڙ ۽ اڍنگو رد عمل ڏيکاريو، جيڪو نندڻ جوڳو آھي. البته اھڙي رد عمل مان ھڪ ڳالھھ ظاھر ٿي تھ سنڌ جو عوام ھاڻي انڌي عقيدت جي ڄار مان ڪنھن حد تائين نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ياد رھي تھ ان کان اڳ جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ جي صاحبزادي جي آمريڪا ۾ تعليمي ڪاميابي جي حوالي سان بھ شديد رد عمل جو اظھار ڪيو ويو ھو ۽ اھي ٻئي واقعا ظاھر ڪن ٿا تھ سنڌ توڙي پاڪستان جي سطح تي عوام پنھنجن ٻارن قوم جي رهنمائن توڙي اڳواڻن جي ٻارن ۾ موجود فرق کي محسوس ڪرڻ لڳو آھي ۽ ان لاءِ هو وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. پاڪستان جو تعليمي نظام، خاص طور سنڌ ۾، هڪ ڳنڀير بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جي نشاندهي نظام جي خرابي، ناڪافي بنيادي ڍانچي ۽ نهايت خراب تعليمي نتيجن سان ٿئي ٿي. ھڪ اندازي موجب سنڌ ۾ جملي ڇاھتر لک ٽيھه ھزار ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال آهي، ڇو ته اهي ٻار ڪنهن به ڏوهاري دنيا جو حصو بنجڻ ۾ دير نه ڪندا ۽ هزارين “گھوسٽ اسڪول” موجود آهن، جيڪي صوبي ۾ تعليم جي سلسلي ۾ لاپرواهي جو واضح ثبوت آھن. هي بحران رڳو اقتصادي رنڊڪن يا قدرتي آفتن جو نتيجو بھ نھ آھي. جهڙوڪ 2022ع واريون تباهه ڪندڙ ٻوڏون، جنھن 30,000 اسڪولن کي نقصان پهچايو. بلڪه اهو سياسي مداخلت، شاگرد تنظيمن جي اڍنگي ڪردار ۽ سياسي ۽ مذهبي اشرافيه جي منافقت جو اگرو نتيجو آھي، جيڪي پنهنجن ٻارن لاءِ ڏيھه پرڏيھه ۾ بھترين تعليم جو بندوبست ڪن ٿا، جڏهن ته عام نوجوانن کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا.