پتڪوءَ ڏٺو ته گهر جي مالڪن وٽ آيل مھمانن مان ھڪ ستن اٺن ورھين جو ڇوڪر پنھنجي ٻانھن تي ويھاريل ڀوري (بلبل) کي چئي رھيو ھو. پڪ سان ان ڀوري بلبل جو نالو راڪيٽ ھو.
“بس ايڏانھن ئي وڃان ٿو.گهٽ ۾ گهٽ اھو مون کي کائيندو ته ڪونه کيس مُنڍي جو ڪونهي.” اھو سوچي پتڪوءَ گهتَ ھنئي ۽ ان ڏارَ ڏانھن اڏامڻ لڳو جنھن تي اھو اوپرو پکي ويٺل ھو. ان کان اڳ جو راڪيٽ پتڪوءَ جي ويجهو پھچي ھا، پتڪو تڪڙ ۾ انَ پکيءَ جي پٺيءَ تي ويھي رھيو ۽ ڪابه چرپر ڪرڻ بند ڪري ڇڏيائين. ھاڻي ڪنھن کي به پتڪو ڏسڻَ ۾ ڪونه اچي ھا. ڇو جو پتڪوءَ ۽ پکيءَ جو رنگ ھڪ جھڙو ھو. اھا خبر ئي نه ٿي پئي ته ڪو پتڪو، پکيءَ جي پٺيءَ تي لڪل آھي. راڪيٽ به اچي ان ڏارَ تي ويٺو ۽ پتڪوءَ کي جاچڻ لاءِ چِتائي، انَ بنا منڍيءَ واري پکي ڏانھن نھارڻَ لڳو.
“چِي چي…” راڪيٽ ٻوليو ۽ ھڪ ٺُونگو، بنا منڍيءَ واري پکيءَ جي ڦُوڪيلَ کنڀن تي ھنيو. ٺونگو لڳندي ئي انَ پکيءَ جو بت لُڏِيو ۽ ان ۾ چُرپُر پيدا ٿي. چرپر ٿيندي ئي پتڪو ڳڻتيءَ ۾ وٺجي ويو. راڪيٽَ، بنا منڍيءَ واري پکيءَ کي جاڳائي وڌو ھو. ھاڻي نه ڄاڻ اھو ڇا ڪري ھا؟
“راڪيٽَ نه ڇڏجانءِ ان ڳاڙھي پوپٽ کي. مون کي ھر حال ۾ اھو کپي.” ھيٺان ڇوڪري جو آواز آيو. اھو ٻڌي، راڪيٽَ ڪاوڙ وچان ٻه ٽي ٺُونگا ٻيا به انَ پکيءَ کي ھنيا.
بنا منڍيءَ واري پکيءَ پنھنجو کاٻو پرُ مٿي ڪيو ۽ ان جي ھيٺان ھڪ مُنڍي نڪتي.