ايراني قوم انساني تاريخ ۾ هڪ اهڙي قوم جي طور تي سڃاتي وڃي ٿي جيڪا هر دور ۾ بهادري، عزت، مزاحمت ۽ شعور جي بيداري جي علامت رهي آهي. هي سر زمين نه رڳو عظيم تهذيبن جي جنم ڀومي رهي آهي، پر ان جي رهواسين هر دور ۾ ظلم، جارحيت ۽ سامراج جي خلاف بهادر ۽ آزاد ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن عرب فوجون ستين صدي عيسوي ۾ اسلام جي پيغام سان ساساني سلطنت جي سرحدن ۾ داخل ٿيون ته ايرانين پنهنجي زمين ۽ سلطنت جي دفاع ۾ بي مثال مزاحمت ڪئي. جيتوڻيڪ ساساني سلطنت شڪست کاڌي، پر ايراني قوم دشمن جي غلبي کي پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ جي شڪست طور قبول نه ڪيو. انهن ٻولي، ادب، سائنس، فن ۽ تهذيب کي اهڙي طرح زنده رکيو جو بعد ۾ فارسي اسلامي دنيا جي سائنسي ۽ ادبي ٻولي بڻجي وئي. اها ايراني قوم جي بصيرت هئي جنهن شڪست کائڻ کانپوءِ به ايراني قوم کي فتح نصيب ڪئي.
تاريخ جو ايندڙ ڏکيو مرحلو منگولن، سلجوقين، تيمورين ۽ ترڪن جي حملي جو هو. انهن خوني حملن ايشيا ۾ ڪيترين ئي تهذيبن کي ختم ڪري ڇڏيو، پر ايران واحد خطو هو، جتي دانشور ماڻهو نه رڳو انهن حملي آورن کي سائنسي ۽ ثقافتي مزاحمت سان شڪست ڏيندا رهيا، پر انهن جي تحريري، لساني ۽ صوفي روايتن کي به وڌيڪ ترقي ڏني. رومي، سعدي، فردوسي ۽ حافظ جهڙن عظيم شاعرن هن دور ۾ سڄي دنيا ۾ فارسي ادب پکيڙيو، جيڪو ايراني قوم جي روحاني مزاحمت جو عڪس آهي.
جڏهن 1905ع ۾ ايران ۾ آئين ساز تحريڪ شروع ٿي ته اها صرف هڪ سياسي احتجاج نه هئي، پر ايراني قوم جي جمهوري شعور ۽ شهري آزادين جي خواهش جو اظهار هئي. هن تحريڪ جي نتيجي ۾، پهريون ڀيرو ايران ۾ آئيني بادشاهت، عدالتي نظام ۽ چونڊيل پارليامينٽ جهڙا ادارا وجود ۾ آيا، جيڪي ان وقت وچ اوڀر جي ٻين ملڪن لاءِ خواب کان گهٽ نه هئا. ماڻهن هن طاقت جي مرڪز کي چئلينج ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته ايراني نه رڳو تلوار سان، پر قلم ۽ سوچ سان پڻ انقلاب آڻيندا آهن.
1979ع جو اسلامي انقلاب ايراني قوم جي غير معمولي قربانين ۽ مزاحمت جو هڪ زنده ثبوت آهي. لکين مرد ۽ عورتون، شاگرد، عالم، مزدور ۽ عام شهري سامراجي آمريت جي خلاف امام خميني رح جي قيادت ۾ روڊن تي نڪتا. قيد، اذيت، شهادت ۽ جلاوطني کي قبول ڪندي، انهن هڪ اهڙي حڪومت جو بنياد رکيو جيڪو اسلامي اصولن ۽ عوام جي مرضي جي نمائندي طور اڀري. هن انقلاب نه رڳو ايران ۾، پر سڄي دنيا ۾ مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن کي بيحد متاثر ڪيو.
ايران، عراق جنگ (1980-1988) ايراني قوم جي مزاحمت جي تاريخ جو هڪ ٻيو شاندار باب آهي. عراق جي صدر صدام حسين شيطاني بزرگ ۽ عالمي دهشتگرد آمريڪا جي مدد سان ايران تي حملو ڪيو، اهو يقين ڪندي ته انقلاب جي ڪري ڪمزور ٿيل ملڪ جلد ئي ٽٽي پوندو، پر ايراني قوم، خاص طور تي نوجوانن، شاگردن، عورتن ۽ بزرگن پاران ڏيکاريل ايمان ۽ قرباني جي ثابت قدمي جديد تاريخ ۾گهٽ ئي نظر اچي ٿي. هن خوني 8 سالن جي جنگ ۾ “فارس” جا نوجوان بغير ڪنهن فوجي تربيت يا مڪمل هٿيارن جي دشمن جي سامهون بيٺا رهيا. هي صرف هڪ جنگ نه هئي، پر ايمان ۽ نوآبادياتي نظام جي وچ ۾ تاريخ جي تبديلي هئي. ايراني قوم نه رڳو فوجي ميدان ۾، پر سائنسي، ٽيڪنالاجي ۽ خود انحصاري جي شعبن ۾ به دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. بين الاقوامي پابندين جي باوجود، انهن ايٽمي تحقيق، ڊرون ٽيڪنالاجي، ميزائل سسٽم، دوائن ۽ زراعت ۾ حيرت انگيز ترقي ڪئي. هي ترقي نه رڳو سائنسي هئي، پر هڪ سياسي پيغام پڻ هو ته اسان نه جهڪنداسين، نه جهلباسين، بلڪه پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي دفاع لاءِ اسلام جي حقيقي پيغام کي پوري دنيا تي عام ڪنداسين. اسان خدائي نظام جا قائل آهيون ۽ امام حسين عليه السلام ڪربلا جي ميدان تي ان جو دفاع ڪيو ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ايران حسيني پيروڪارن منجهان هڪ آهي جيڪو پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري يزيد جهڙي فاسق ۽ فاجر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.
ايران هميشه مظلومن جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهيو آهي. چاهي اهو فلسطين جي حمايت هجي، لبنان ۾ حزب الله جي مدد هجي يا شام ۾ ماڻهن جي حفاظت هجي. ايراني قوم عملي طور تي ثابت ڪيو آهي ته مسلم امت جو درد انهن جي دلين ۾ زنده آهي. انهن جي پرڏيهي پاليسي صرف ذاتي مفاد تي ٻڌل ناهي، پر انصاف ۽ مزاحمت تي ٻڌل آهي هن ڪڏهن به باطل قوتن اڳيان آڻ نه مڃي آهي، پر انهن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهايو آهي هن سدائين چٽو موقف رکيو ته “نه اسرائيل ۽ نه آمريڪا پر سپر پاور آهي خدا.”
هي سڀ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ايراني قوم جي بهادري صرف عارضي جذبات يا جنگي واقعن تائين محدود ناهي، پر صدين جي ذهني، ثقافتي، سائنسي ۽ سياسي جدوجهد جو تسلسل آهي. هي هڪ اهڙي قوم آهي جيڪا ڪڏهن به ظلم ۽ نوآبادياتي طاقتن جي اڳيان نه جهڪي آهي، پر هميشه وقار، خود احتسابي ۽ روحاني عظمت سان بيٺي آهي. سندن مستقبل روشن آهي. موجوده صورتحال ۾ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ايران دنيا تي حڪمراني ڪرڻ وڃي رهيو آهي. آمريڪا جيڪو پاڻ کي سپر پاور سڏائي اسلامي ملڪن کي بليڪ ميل ڪري حملا آور ٿيندو رهيو آهي، سو پڻ ايران کي جنگ بنديءَ لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، پر ايران کانئس فلسطين جي معصوم ماڻهن جي قتل عام ۽ پوري دنيا جي بيگناهه ماڻهن جي خون جو سمورو حساب ڪتاب چڪائڻ گهري ٿو جيڪو عمل پوري دنيا کي بيحد پسند آهي ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته ايران مستقل ۾ به پنھنجو جوھري پروگرام ڪامياب ڪرڻ ٿو چاھي بلڪل رنگ آف فائر ايران پراڪسي جنگ کي اڃان وڌيڪ تيز ڪرڻ جي چڪر آهي، پر ھلڪي ڦلڪي آمريڪا ۽ ان جي ناجائز اولاد اسرائيل جي ڪن مھٽ ضرور ڪندو رهندو، پر اھو به چين ۽ روس جهڙن ملڪن جي صلاح ممڪن آهي، ڇو ته اهي ٻئي ملڪ خود آمريڪا ۽ اسرائيل کان خفا آهن.