بلاگنئون

فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جهڳڙي جي تاريخ !

فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جهڳڙي جي تاريخ اٽڪل هڪ صدي پراڻي آهي، يعني 76 سال اڳ فلسطين تي قابض ٿيڻ کانپوءِ ان جي ظلمن جو سلسلو ڊگهو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اسان فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جهڳڙي تي نظر ڊوڙايون ته اٽڪل هڪ صدي پوئتي وڃڻو پوندو. جڏهن پهرين جنگ عظيم کان اڳ فلسطين تي سلطنت عثمانيه جو ڪنٽرول هو، ان وقت هتي مسلمانن جي اڪثريت هئي. جڏهن ته مسيحي ۽ يهودي اقليت ۾ هئا. پهرين جنگ عظيم کانپوءِ علائقي جو ڪنٽرول فرانس ۽ برطانيه وٽ هليو ويو ۽ ٻنهي ملڪن هن علائقي کي پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيو. فلسطين جو ڪنٽرول برطانيه وٽ آيو.

برطانيه جي اثر هيٺ اچڻ کانپوءِ فلسطين ۾ يورپ کان يهودين جو وڏو انگ اچي ڪري آباد ٿيڻ لڳو ۽ ان وقت مقامي عرب آبادي ۽ يهودين جي وچ ۾ جهڳڙي جي شروعات ٿي. برطانيه ان وقت فلسطين ۾ يهودين جي لاءِ هڪ علائقو مخصوص ڪيو. ان دوران يورپ ۾ صيهوني تحريڪ به زور وٺي رهي هئي، جنهن جو پنهنجو نظريو اهو آهي ته يهودين جي هڪ رياست هجي. 1920 کان 1940 جي وچ ۾ فلسطين ۾ يهودين جي آبادي وڌندي وئي. ٻي جنگ عظيم کانپوءِ هولوڪاسٽ کان جان بچائي ڪري يهودين جو وڏو انگ هتي پهتو. يهودين جي وڌندڙ آبادي سان گڏ قائم برطانوي حڪومت ۽ مقامي عرب آبادي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي رهي. صيهوني تنظيمن هٿياربند گروهه قائم ڪري ورتا، جن هن ٻي جنگ عظيم کانپوءِ الڳ رياست جي لاءِ دٻاءُ وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو. 1947۾ گڏيل قومن جي اداري ووٽنگ جي وسيلي فيصلو ڪيو ته فلسطين کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي. ان جي هڪ حصي ۾ يهودي رياست (اسرائيل) هجي ۽ ٻئي حصي ۾ هڪ عرب رياست جڏهن ته يروشلم (بيت المقدس) هڪ بين الاقوامي شهر هوندو.

گڏيل قومن جي ان منصوبي کي يهودين ته قبول ڪري ورتو، پر آسپاس جي عرب رياستن فيصلي کي يورپي ڪالونيل ازم جي طور ڏٺو. 14 مئي 1948تي اسرائيل جو قيام عمل ۾ آيو ته ٻئي ڏينهن اردن، مصر، شام ۽ عراق حملو ڪري ڇڏيو، جيڪا پهرين عرب اسرائيل جنگ هئي ۽ ان جنگ کي نقبو به سڏيو ويندو آهي. ان جنگ سبب ساڍا ست لک فلسطيني پاڻ لڏپلاڻ ڪري پاڙيسري ملڪن ۾ وڃي پهتا يا انهن کي اسرائيلي فوجين ڪڍي ڇڏيو ۽ ائين فلسطينين جي لاءِ هڪ حادثي جنم ورتو. اها جنگ اسرائيل کٽي ۽ ان ريت اسرائيل جي قبضي ۾ اهو علائقو به اچي ويو، جيڪو اقوام متحده جي ٻڌايل علائقي کان به گهڻو هو. اسرائيل کي هاڻي اٽڪل سموري فلسطين تي ڪنٽرول حاصل ٿي ويو سواءِ غزه ۽ مغربي ڪناري جي. غزه مصر جي ڪنٽرول ۾ هو ۽ مغربي ڪنارا اردن جي اثر هيٺ، جنهن جي ڪري ڪيترائي يهودي عرب ملڪ ڇڏي اسرائيل ۾ اچي ويا. 1967 جي عرب ملڪن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ هڪ ٻي جنگ جي شروعات ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل وٽ شام کان گولان هائيٽس، اردن کان مغربي ڪنارو ۽ مصر کان غزه ۽ سينائي جو ڪنٽرول اچي ويو. فلسطين جي علائقي تي جڏهن اسرائيل کي ڪنٽرول ٿيو ته اهو گڏ ئي اتي رهندڙ فلسطينين تي به حڪومت ڪرڻ لڳو، جنهن سان هو ڪيترين ئي ڏهائين کان وڙهي رهيو هو. 1973۾ مصر ۽ شام اسرائيل تي پنهنجا علائقا ڇڏائڻ جي لاءِ حملو ڪيو، جنهن کي“يوم ڪيور” جنگ سڏيو وڃي ٿو. 6 سالن کانپوءِ اسرائيل ۽ مصر امن جو معاهدو ڪري ورتو ۽ سنائي مصر کي واپس موٽائي ڏنو ويو.

2005 ۾ غزه جي پٽي کان فوجون ڪڍڻ جي باوجود اسرائيل اڃان به مغربي ڪناري تي قابض آهي. ان هوندي به گڏيل قومن جو ادارو اڄ به ان علائقي کي قبضو ڪيل مڃي ٿو. اسرائيل سموري بيت المقدس کي پنهنجي خلافت جي گادي جو هنڌ مڃي ٿو. جڏهن ته فلسطيني اوڀر واري بيت المقدس کي فلسطيني رياست جي گاديءَ جو هنڌ مڃي ٿو. گذريل پنجاهه سالن ۾ اسرائيل مغربي ڪناري ۽ اوڀر واري بيت القدس ۾ پنهنجيون يهودي وسنديون آباد ڪري چڪو آهي، جتي اٽڪل 6 لک يهودي آباد آهن ۽ بين الاقوامي قانون جي مطابق اهي وسنديون غير قانوني آهن. 2007 ۾ غزه جو اقتدار فلسطيني هٿياربند گروپ حماس سنڀاليو، جنهن کانپوءِ  اسرائيل مصر جي مدد سان غزه جي پٽي جو گهيرو ڪري رکيو آهي ته جيئن حماس کي آئسوليٽ ڪري سگهن. اقتدار سنڀالڻ کان هينئر تائين حماس، اسرائيل سان ڪيتريون ئي جنگيون وڙهي چڪو آهي. وچ اوڀر جي ان ڊگهي ۽ رتوڇاڻ واري جهڳڙي کي ڏهاڪا گذري چڪا آهن ۽ في الحال ان جو ويجهي مستقبل ۾ به ڪو مستقل حل نظر نٿو اچي. چٽو رهي ته غاصب اسرائيل جا غزه جي مظلوم مسلمانن تي ائين ته 76 سالن کان ظلمن جو سلسلو جاري آهي. باوجود ان جي هڪ سال مسلسل بربريت غزه کي مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي. اسرائيل جي وحشياڻن حملن ۾ هڪ سال جي دوران اندازي مطابق 50 هزارن کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ آهي. جڏهن ته انهن کان وڌيڪ زخمي ۽ گم آهن.