شاعرينئون

شاعري

حُسين جي عَظمت

پروفيسر مشتاق مھر

اِحسان دينِ حَق تي، ڪيڏو حُسين جو آ

اِسلام جو ھي چَرچو، صَدقو حُسين جو آ

حَق ۽ حُسينيت اڄ، ھَم مَعنيٰ لفظ آھن

حَق ساڻ گَڏ ئي کَڻبو، نالو حُسين جو آ

يَزيد جي حڪومت، ھُئي چار ڏينھن مُشڪل

پَر نانءُ تا قيامت، رَھڻو حُسين جو آ

ڪيڏي نه آ فضيلت، شَبير جي نَسَب جي

نَبين جو پيشوا خود، نانو حُسين جو آ

جنھن وَقت ٿا اُچاريون، دِلڙي  ٺري پوي ٿي

نالو ته ڪِيڏو پيارو، مِٺڙو حُسين جو آ

مشتاق ڀَل ته ڪنھنجو، ڪھڙو به آ عَقيدو

شيدائي دِل سَچيءَ سان ھُوندو حُسين جو آ

***

غزل

سيد عزير احمد “عزير” علوي

گلن جو کارو پرين پيارو

لڳي ٿو اڀ تي قطب ستارو

حسين پڻ آ، ذھين پڻ آ،

گلن ۾ جيئن گل گلاب يارو

خمار  واريون اکيون سدائين

۽ وار ڪارن سان آھ نيارو

قرار دل جو بھار من جو

گلابي چھرو لڳي سونھارو

ڇڏي نه سک ڏک ۾ ڪڏھن اڪيلو

ٿي پاڻ منھنجو سڄڻ سھارو

نه خط سنيھو نه ڪال آئي

اڱڻ نه آيو ڪو جيءَ جيارو

نصيب اعليٰ! نه بخت بالا

نه ڀاڳ پنھنجو اٿئي ڀلارو

نه چھچٽو ٿي چمن ۾ چوڏس

لڳو بلاشڪ عجب نظارو

پڙهي ڏسو ڀل غزل سمورو

غزل سڄو آ ڌيان وارو

نه دم دلاسو ڏين  ٿا مون کي

“عزير” ابتر ٿي حال سارو.

***

ڪهرام ڪربلا ۾۔۔۔۔

ڪنيز فاطمه درس

مغموم فضا آ، سوڳ اڄ آسمان

محزون چنڊ آ، روڄ اڄ آسمان

مصطفيٰ مديني، مرتضيٰ نجف ۾

لڙڪ لاڙين سڀ، شور اڄ آسمان

فرش تي فرياد، اھو ھُل عرش تي

ڪھرام! ڪربلا! گوڙ اڄ آسمان

ماتمي فرشتا، نبي پڻ ويڻ ڪن

حسينن ڏنو سر، خبر اڄ آسمان

ڀٽائي، قلندر، انبياء، اولياء

مصروف عزا، پڻ سوز اڄ آسمان

ايندي سائڻ گھُري ‘دعا’ پُرسو ڏيو

خون آلودہ ٿئو، سُرخ اڄ آسمان

***

…وفات حسرت آيات…

غزل

شاعر محمد اڪرم پنھنور

(ياد فيض حيدري)

 رحمت برڪت اسان تي تون شفقت ھئين

فيض سارو اسان لاءِ تون فيض ھئين

تو ساٿ پرين پھرين شوال ھئين

نٿو ماکي مکڻ ۽ مِڙ مال وڻين

ڏيئي منجھه اسان لاءِ تون تيل ھئين

گردش فلڪ جي الائي ھوا ڪھڙي لڳي

ماڻھو بازارون ته ويا ڪک پن بدلجي

ھئا چئونرا چمن اسان لاءِ تون حيات ھئين

سرھو تو سان اڃان آ مڪتب مسجد ۽ خيال

ٿيا معمور تو فيض ٻڍا ٻار ۽ زال

اوندھ منجھه اسان لاءِ تون لاٽ ھئين

امام خطيب تون نڪاح خوان ھئين

شرع جي راھ ۾ ته سدا تون رھنما ھئين

گناھن منجھه اسان لاءِ تون ڍال ھئين

اگھا عالم بڻيا نظر تو ڪرم ھٿان

فيض جا صاحب ڪر فيض اڪرم مٿان

عاصي حيدر ٽنڊي تي تون شفقت ھئين

***

غزل

اسد انڙ

ھِي رُوحُ ڇَڏيندو تَن، ساميءَ ۾ لَھِي وڃبو

جُڙيا ھُون اگر جَڳَ ۾، يَرَ نيٺِ ڊَھِي وڃبو

ھِيءَ جُوءِ ملڻَ جِي آ، ھِيءَ جُوءِ جُدائيءَ جِي

ھُنَ پارَ پِياري ڏي، ھِڪَ ڏِينھُن ڪَھِي وڃبو

ھِت ميڙَ ۾ مَلُھه ماڻُھو ، اڳتي ته اڪيلو آ

گمنام گگن ويندي، ھر گَسُ به گَھِي وڃبو

تنھا نه رُڳو مان ھِڪُ، تنھا ته ڪُٺا ڪيئي

ھر مرضُ محبّتَ ۾ ، ھر دردُ سَھِي وڃبو

اشعارَ گواھ ٿيندا، ڪو ڪيرُ ھُيو ڪھڙو

اظھار اکر بڻجي، ورقن ۾ رَھِي وڃبو

مٽّيءَ جِي مٺا مُورتَ، صُورتَ به ته ڇا سيرَتَ

وارِيءَ جِي مُٺِي بَڻجِي، ھٿڙي مان وَھِي وڃبو

تاريخَ جِي تختيءَ تي، ڪردارُ ڪري ڪوئي

سَڏُ سوڀَ سَبَقُ بڻجي، ڪو ٺاھُ ٺَھِي وڃبو.

***

وائي

آتم دراوڙ

اجائي  ساندياسِ،؟

نيڻين تنهنجا عڪس مون..!

تصوَرَن ڳراٽڙيون،

پاتيون ناهن تون،

نيڻين تنهنجا عڪس مون..!

هنئين ٽوڪيا آرزو،

اندر رُڳُ آنهون،

نيڻين تنهنجا عڪس مون..!

پپل ڇانوَء ٿيون هيون،

لُڪَ ۾ تو ٻانهون،

نيڻين تنهنجا عڪس مون..!

عشق ڪري ويو پاڻ کي،

وحدت جون واٽون،

نيڻين تنهنجا عڪس مون..!

***