علم، انسان جي اندر ۾ روشني جي اُميد آهي ۽ جھالت جي اونداهين ۾ اُها اُميد تڏهن نروار ٿيندي آهي، جڏهن دلين ۾ علم سان عشق جا ڏيئا روشن ٿين ٿا. اهڙو ئي هڪ روشن ڏيئو ڳوٺ ٽنڊو حيدر جي شيخ ڀرڪيو روڊ تي روشن ٿيو، جنهن جو نالو آهي فيض سائنس اڪيڊمي.
علم، فڪر، فيض ۽ فرض جي لافاني روشني
حيدرآباد چينل واھه کان ٽي ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي ٽنڊو حيدر جي دل ۾ ڌڙڪندڙ هي ادارو گذريل پندرهن سالن کان علم جي اُڃ کي اُجهائيندو، مايوسين کي اميد ۾ بدلائيندو ۽ محدود وسيلن ۾ روشنيءَ جو رستو بڻجي بيٺو آهي.
2010 کان شروعاتي سفر ۾ هن ٽيوشن سينٽر جو نالو “آڪسفورڊ اڪيڊمي” هو، جيڪو پروفيسر راجيش ڪمار جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيو، پر تقدير جي تختي تي نئون باب تڏهن لکيو ويو، جڏهن اهو فيض جي فڪر سان سرشار، علم دوست استاد پروفيسر راشد احمد ڪيريو جي نگرانيءَ هيٺ آيو، جن ان کي ڳوٺ جي عظيم ڪهاڻيڪار، ادبي شخصيت فيض حيدري جي نالي سان منسوب ڪيو ۽ “فيض سائنس اڪيڊمي” وجود ۾ آئي.
هي سينٽر شيخ ڀرڪيو روڊ جو واحد نمائنده ادارو آهي، جيڪو نه فقط تعليم ڏئي ٿو، پر تربيت، تحرڪ، ۽ تبديليءَ جو پيغام ڏئي ٿو “Education for All” صرف اُن جو موٽو ناهي، پر عملي جهد جو جوهر آهي. ايتري گهٽ في تي، علم جي ان چراغ کي روشن رکڻ جو عمل، واقعي قابلِ تعريف آهي.
هن اڪيڊمي ۾ پڙهائيندڙ استاد، نه صرف پنهنجي پنهنجي مضمون جا ماهر آهن، پر دل جا ڌڻي، ضمير جا زنده ۽ فرض جا فدائي آهن، جيڪي شهري ادارن جي آڇن کي ٺڪرائي، پنهنجي وسندين جي ٻارن سان وفا جو ناتو نڀائي رهيا آهن. هي عمل رڳو نوڪري نه بلڪه خدمت جي سچائي آهي.
نياڻين لاءِ نويد:
فيض سائنس اڪيڊمي جي سڀ کان وڏي ڪاميابي نياڻين جي تعليم جي حوصلا افزائي آهي. جيڪي نياڻيون اڳ ميٽرڪ کانپوءِ پڙهائي ڇڏي ڏينديون هيون، اڄ هوءَ ساڳئي ڳوٺ مان، ساڳئي تعليمي اوجاڳي سان يونيورسٽي تائين رسائي ماڻي رهيون آهن. ڄامشوري جي يونيورسٽيءَ جي بس پوانٽ سروس به هاڻ ڳوٺ تائين اچي ٿي، جيڪا ان اداري جي مسلسل ڪوششن جو نتيجو آهي.
اڳتي وڌندڙ قافلو:
اڪيڊمي جا شاگرد، اڄ ميڊيڪل، انجنيئرنگ، سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. داخلا ٽيسٽ جي تياري، انگريزي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر ڪورسز، هن اداري جي اوسر جي سونھن ۽ ترقي آهن، جيڪي شاگردن کي جديد دور سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ فراھم ڪيا وڃن ٿا.
فيض جي فڪر مان نڪتل روشن راھون:
فيض سائنس اڪيڊمي رڳو اکيون کولڻ لاءِ نه، پر مستقبل لاءِ بصيرت عطا ڪئي آهي. هن اداري جي تعليم مان ڪيترائي اهڙا انمول هيرا نڪتا آهن، جن مان ڪي استاد، ڪي پروفيسر، ڪي ڪلارڪ، ته ڪي فوج جي فارمشن ۾ فرض جي فخر سان ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن. هي ادارو نه صرف تعليم ڏئي ٿو، پر نوجوانن کي ڪيريئر جي ڪارونجهر تي هلڻ لاءِ ڪائونسلنگ، نوڪرين جي ٽيسٽن جي تياري، ۽ مواد جي فراهمي جو مستند مرڪز پڻ آهي.
راقم الحروف پاڻ به انهيءَ فيضي فڪر جو سرچشمو آهي. ڏھه سال تائين هن اڪيڊمي جي ڇانوَ هيٺ پڙهيم، سمجهيم ۽ سکيم. اڄ مان سرڪاري استاد آهيان ۽ اخبارن ۾ قلم جي قافلي جو پانڌيئڙو آھيان، جيڪو ڪجھه به آھيان، ان جو بنياد، ان جي بيهڪ ۽ ان جو سبب ۽ وجود صرف فيض سائنس اڪيڊمي جي برڪت ۽ ڀلائيءَ جي بدولت آهي.
سرپرستيءَ جو سايو:
اڪيڊمي جي ترقيءَ جي راھه تي، هڪ نرالو نيڪ نالو هميشه ساٿاري رهيو آهي، جيڪو علم دوست آهي، درد رکندڙ آهي، وڏيرو حاجي غلام نبي ڪوري صاحب، چيئرمين يونين ڪائونسل ٽنڊو حيدر، جن جا دعا ڀريا هٿ هن اڪيڊمي مٿان سدائين سايه فگن رهيا آهن، جيڪي وسارڻ جوڳا نه آهن.
اختتامي دعا:
فيض سائنس اڪيڊمي، فقط هڪ سينٽر نه، پر سچائي، سنجيدگي، ساڃاھ ۽ سوچ جي سچائي آهي. دعا آهي ته الله پاڪ هن اداري کي هميشه علم جو قافلو بڻائي قائم دائم رکي ۽ هن جي خدمتگار استادن، سرپرستن ۽ شاگردن کي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي عطا فرمائي.