ايڊيٽوريلنئون

فريده چانڊيو موت کان ته بچي وئي، پر ڇا هوءَ تڪليفن کان به بچي سگهندي؟

لاڙڪاڻي واسڻ فريده چانڊيو 30 جولاءِ 2025 تي پنهنجي ٻن ٻارن جن جي شناخت ٽن سالن جو عثمان ۽ ٻن سالن جي صدف جي نالي سان ٿي آهي، رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي پنهنجن ٻارن سوڌو پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.

نه ٻڌڻ ۾ اها ڪا نئين ڳالهه آهي، نه پوليس لاءِ اهو ڪو نئون واقعو آهي ۽ نه وري ميڊيا لاءِ اها ڪا نئين خبر آهي. عوام به ان کي ٻڌو، پڙهيو ۽ نظر انداز ڪري ڇڏيو، پر آخر ڪيستائين اهڙين خبرن کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو. شايد ايستائين جيستائين اهڙو ڪو واقعو اسان جي پنهنجي گهر ۾ رونما نه ٿي وڃي. هن وقت نه صرف سنڌ، پر پوري پاڪستان ۾ تيزيءَ سان عورت جو شڪار ٿي رهيو آهي ۽ اهو شڪار نه صرف سندس ارد گرد جا ماڻهو، سماج مان اڻڄاتل شڪاري ڪري رهيا آهن، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهن شڪارين ۾ ان جي پنهنجي گهر جا مرد به شامل آهن. فريده چانڊيو سان به ڪجهه اهڙي ئي روداد ٿي جنهن سان هڪ نوجوان عورت کي پنهنجن ٻن ننڍن ٻارن کي کڻي لاڙڪاڻو رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏيڻو پئجي ويو.

کيس اهو فيصلو ڪرڻو پيو ته هاڻي هن زندگيءَ کان موت وڌيڪ بهتر رهندو. هن زندگي ۽ موت جي وچ ۾ موت کي چونڊيو، پر سندس زندگي اڃان سندس راهه ڏسي رهي هئي ۽ کيس موقعي تي بيٺل ڪجهه پوليس اهلڪارن ترت ڪارروائي ڪري بچائي ورتو ۽ ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. شاديءَ کانپوءِ عورت کي بنيادي ضرورتن سان گڏوگڏ ان ڳالهه جي تمنا هوندي آهي ته سندس شريڪ حيات سندس عزت ۽ احترام ڪري ۽ کيس اعتماد جي نظر سان ڏسي، پر جڏهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ نه عزت ۽ احترام باقي بچي ۽ نه اعتماد بچي ته پوءِ ان رشتي جو حال ايئن ئي ٿيندو جهڙو فريده چانڊيو سان ٿيو آهي، جنهن جي شادي پنج سال اڳ شاهد حسين چانڊيو سان ٿي هئي.

فريده کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ٻڌايو ته سندس مڙس مٿس شڪ ڪندو هو ۽ ڪوڙا الزام هڻي مٿس جسماني تشدد ڪندو هو، سندس زندگي ۽ سندس ٻارن جي زندگي خطري ۾ هئي ۽ هن عدالت کان پنهنجي تحفظ جي درخواست ڪئي آهي. اسان سڀني کي هڪ لمحي لاءِ سوچڻ گهرجي ته ڪوبه مرد يا عورت پنهنجي گهر هوندي ڇا ڪنهن دارالامان ۾ منتقل ٿيڻ پسند ڪندو. جواب يقينن “نه” هوندو، پر جيڪڏهن فريده چانڊيو پنهنجي ڀائرن يا پنهنجي مڙس جي گهر وڃڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ هن درالامان ۾ پناهه وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي ته اسان سڀ سوچي سگهون ٿا ته سندس زندگيءَ کي ڪيترو خطرو هوندو جو هوءَ پنهنجن وٽ موٽي وڃڻ نٿي چاهي، ڇو ته سندس پنهنجن فريده جي زندگي جهنم بڻائي ڇڏي هئي، جنهن جي ڪري هن کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو هو ته هوءَ زندگيءَ تان هٿ کڻي ۽ اهڙي فيصلي ۾ هن پنهنجن ٻارن کي پاڻ سان گڏ وٺي مرڻ جي ڪوشش ڪئي.

آخر ڪيستائين عورت ايئن مرندي رهندي يا ماري ويندي يا اها پنهنجي زندگيءَ جو انت پنهنجن هٿن سان آڻڻ جي ڪوشش ڪندي؟ اهو سوال آهي جيڪو اسان مان هر فرد کي خود کان پڇڻ گهرجي. عورت هن ڌرتيءَ تي مرد سان گڏ هزارين سالن کان گڏ رهندي آئي آهي، پر هاڻي اهڙو ڇا ٿي ويو آهي جو عورت جو وجود هن ڌرتيءَ تي ڳرو ٿي پيو آهي ۽ کيس برداشت نه پيو ڪري سگهجي.

عورت نه ته ڪا ديوي آهي ۽ نه ئي ڪا فرشتو، هوءَ هڪ انسان آهي ان کي هڪ انسان جي نظر سان ئي ڏسڻ گهرجي. هوءَ به صحيح فيصلا ڪري سگهي ٿي ۽ غلطيون ڪري سگهي ٿي. ڇا سندس غلطين تي کيس اها سزا ڏجي ته کانئس جيئڻ جو حق ڦريو وڃي؟ شادي هڪڙو معاهدو آهي جيڪڏهن ان معاهدي مان ڪوبه هڪڙو پارٽنر نڪرڻ چاهي ٿو ته ٻنهي کي گڏجي ان تي سوچڻ ۽ فيصلو ڪرڻ گهرجي. وقت تبديل ٿي ويو آهي، سڄي دنيا هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي، اسان کي ترقي يافته ملڪن جي طرف ڏسڻو پوندو ته اتي عورت ڪيئن تيزيءَ سان باشعور ٿي پنهنجن پيرن تي بيهڻ شروع ڪيو آهي.

هوءَ پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا پاڻ ڪري ٿي، ڇو ته هوءَ تعليم يافته آهي ۽ معاشي طور تي آزاد آهي، ان ڪري هوءَ جنهن به معاهدي ۾ وڃي ٿي قانون ان جي حفاظت ڪري ٿو ۽ هوءَ آزاديءَ سان قانون جي مطابق انهن معاهدن مان نڪري به سگهي ٿي. اسان جي ملڪ ۾ ان جي ابتڙ عورت اڃان تائين مرد جي ملڪيت ۽ عزت تصور ڪئي وڃي ٿي، اهو تصور اسلام 14 سئو سال پهرين ختم ڪري چڪو آهي.

اسلام عورت کي 14 سئو سال پهرين مڪمل آزادي عطا ڪري چڪو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن ملڪ ۾ اڄ به جهالت وارو قانون رائج آهي. عورت کي پنهنجا بنيادي حق به نه ملي رهيا آهن، جن ۾ تعليم، مرضيءَ سان شادي، مرضيءَ مطابق ٻار ڄڻڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جو حق حاصل آهي. ان کان علاوه هوءَ جيڪڏهن شادي شده آهي ته کيس پنهنجي ان شاديءَ واري معاهدي مان نڪرڻ جو حق به اسلام ڏئي ٿو. جيئن ته اسان وٽ عورت معاشي طور تي غير مستحڪم صورتحال جو شڪار آهي، ان ڪري کيس پنهنجي ڪفالت لاءِ پيءُ، ڀاءُ، پٽ يا مڙس تي ڀاڙڻو پوي ٿو ۽ اها ئي صورتحال آهي جيڪا کيس مرڻ تي مجبور ڪري ٿي.

رياست پاڪستان کي عورت کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جي معاشري ۾ عورت پنهنجن پيرن تي پنهنجي مرضيءَ سان بيهي سگهي، کيس تعليم سان اهو شعور ڏنو وڃي ته جيئن هوءَ پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ صحيح فيصلا ڪرڻ جي قابل بڻجي سگهي. جڏهن اهڙيون پاليسيون عمل ۾ اينديون ته پوءِ ڪابه فريده چانڊيو پنهنجن ٻارن کي کڻي درياءَ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش نه ڪندي.