معاشري جي تعليم ۾ تبديلي جو سڀ کان وڏو ڪردار استاد جو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته استاد معاشري جي اعليٰ قدرن ۽ ثقافت جو امين ۽ نگهبان هئڻ سان گڏوگڏ قومي ثقافت جو به محافظ هوندو آهي. دين اسلام ۾ استاد جو مرتبو ۽ منصب نهايت ئي بلند ۽ عزت و احترام وارو درجو رکي ٿو. استاد کي علم هجڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي سبب “روحاني پيءُ” جو درجو عطا ڪيو ويو آهي، (هتي انهن استادن جو ذڪر ڪيو پيو وڃي جيڪي انهيءَ رُتبي ۽ مَرتبي جا لائق آهن).
هڪ استاد جو فرض اصل ۾ ٻين فردن جي فرضن کان گهڻو ڏکيو ۽ خاص آهي. ڇو ته اڪثر اخلاقي، سماجي، تهذيبي، تمدني، ديني و دنياوي ذميواريون انهيءَ جي مٿان هونديون آهن، يعني معاشري جي سڌاري جي پڳ انهيءَ جي مٿي تي هوندي آهي. تعليم ڏيڻ ۽ ان جو حصول اهڙو عمل آهي جنهن جي انسان ذات کي ضرورت آهي، انهيءَ ڪري هر معاشري ۽ سماج ۾ استاد جو مقام اهم آهي.
سڪندر اعظم کان ڪنهن پڇيو ته “هو پنهنجي استاد جي ان ريت عزت ۽ احترام ڇو ڪري ٿو؟” ته هن جواب ڏنو “هن جا والدين هن کي آسمان تان زمين تي کڻي آيا، جڏهن ته استاد هن کي زمين کان آسمان جي بلندين تائين پهچايو”
طليموس استاد جو شان هينئن بيان ڪري ٿو: “استاد سان هڪ ڪلاڪ جي ڳالھه ٻولھه ڏهن سالن جي مطالعي کان وڌيڪ فائديمند آهي.” بيشڪ ماضيءَ ۾ استادن معاشري جي تعليم ۽ تربيت ۾ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو ۽ انهيءَ ڳالھه ۾ تر جيترو به شڪ ناهي ته جيڪڏهن استاد پنهنجن فرضن جي ادائگي ۾ غفلت ڪن ته معاشري جا بنياد به متاثر ٿين ٿا. اهڙي قسم جو عمل اڄ جي استادن جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي ۽ واقعي تعليم جا ڪي بنياد نه رهيا آهن، جنهن شيءَ جا بنياد ئي مضبوط نه هجن ته ان جي اڏاوت ۽ عمارت ڪيستائين هلي سگهي ٿي.
انهي مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته ماديت، نفسانفسي ۽ مفاد پرستي غالب ٿي وڃي ٿي. افسوس صد افسوس ته گذرندڙ وقت سان گڏ زندگي جي ٻين شعبن جيان تعليم جهڙو مقدس شعبو به اخلاقي پستي ۽ ماديت جو شڪار ٿيو آهي. اڄ استاد ۽ شاگرد جو مقدس تعليمي گس ڪهڙن رڻن پٽن ۾ گم ٿي ويو آهي، جو سڃاڻپ ئي نه ٿي ٿئي ته شاگرد ڪير آهي ۽ نه ئي استاد جي خبر پوي ٿي ته استاد ڪير آهي. يعني ٿوري وقت اڳ تائين استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ جيڪو پراڻو، سچائي تي ٻڌل، عزت ۽ احترام جو رشتو هو، ان رشتي جو حسن ڪافي حد تائين ڌنڌلو ٿي چڪو آهي. اڄ شاگرد به ساڳيا آهن ۽ استاد به ساڳيا آهن، پر نه هن وقت ارسطو جهڙا استاد ملن ٿا ۽ نه سڪندر جهڙا شاگرد. بلڪه سچ اهو آهي ته اڄ اسان جي معاشري ۾ استاد جو احترام ۽ ڪردار ختم ڪرڻ جي باقاعدي منظم سازش ٿي رهي آهي. استاد کي نصاب تائين محدود ڪيو ويو آهي. حالانڪه تدريس پڙهڻ، پڙهائڻ، لکڻ لکرائڻ يا معلومات جي رسائي جو نانءُ ئي ناهي، بلڪه اهو علمن و فڪرن جي تبليغ جو هڪ مقدس وسيلو آهي. رهيل سهيل ڪسر ڪمرشل ازم پوري ڪري ڇڏي آهي. استادن به مال، سهولتن ۽ ٻين دنياوي سهولتن جي خاطر پنهنجي پيشي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ تعليمي نظام متاثر ٿيو آهي. والدين جو سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان اعتبار کڄي چڪو آهي. سندن اولين ترجيح نجي تعليمي ادارا آهن. انهيءَ سبب کان هڪ پاسي طبقاتي فرق چٽو ٿيو ته ٻئي پاسي نجي تعليمي ادارن تعليم کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. انهي ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ شاگردن جو ذهني ۽ نفسياتي طور تي متاثر ٿيڻ هڪ لازمي ڳالھه هئي.
تصوير جو ٻيو رخ اهو به آهي ته تعليمي نظام ۾ “مار نه پيار” جي صدا بلند ٿيندي ئي سمورو تعليمي ماحول بدلجي ويو. ٻارڙن جو والدين پاسو ورتو ته ٻارڙن جي دل ۽ دماغ کان استادن جو قدر ئي گهٽجي ويو. اڄ نجي تعليمي ادارن جي ڪمرشلائزيشن جي سبب تعليم جو شعبو هڪ منظم ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. نه صرف اهو بلڪه مختلف دورن ۾ تعليمي شعبي سان حڪومت جي ڇوري ڇني ٻار جهڙي سلوڪ جي ڪري سرڪاري تعليمي اسڪولن جو معيار يتيم خانن جهڙو ٿي ويو، جنهن جي ڪري اڄ نجي اسڪولن جي من ماني وڌي چڪي آهي، اهي پنهنجي حساب سان ٻارڙن کان في وٺن ٿا، ڪتاب ۽ يونيفارم نهايت ڳرن اگهن تي ڏنا وڃن ٿا. انهن ادارن کان ڪو پڇڻ وارو به ناهي. استادن تي به ڳرو بار رکيو ويو آهي، جنهن جي ڪري انهن جون تخليقي صلاحيتون ختم ٿي ويون آهن. تعليمي ادارا جيڪي ملڪي ترقي ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکن ٿا، اهي به پرائيويٽ ٿي وڃن ته تعليم جو ٻيڙو ٻڏندو يا ترندو. تعليمي ادارن کي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڏيڻ سان امير طبقي جا ٻار ئي تعليم پرائي سگهن ٿا باقي غريب جي ٻار جا ته دروازا ئي بند ٿي ويندا، حڪومت اجاين خرچن تي ضابطو رکي تعليمي شعبي کي ڪاروبار نه بڻائي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن قومن جي معمارن جو قدر ڪيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت کي به گهرجي ته تعليمي شعبي کي ڪاروبار نه بڻائي ۽ استادن سان به پنهنجو رويو درست رکي. قومي سطح تي هڪ تعليمي نصاب ۽ هڪ نظام تعليم هجي ته جيئن استادن ۽ تعليم جي وچ ۾ پيدا ٿيڻ واري فاصلي جو خاتمو ٿي سگهي. سڄي دنيا ۾ وڏي تيزي سان تبديليون ٿي رهيون آهن ۽ تدريسي ۽ ڪتابن تي به دنيا جي بدلجندڙ مزاج جو وڏو اثر ٿيندو آهي. جڏهن ته اسان جو تعليمي سرشتو ڪافي غير موثر آهي. نصاب جو معيار، درسي ڪتاب، استاد جو تدريسي معيار اڄ جي وقت جي مطابق تبديل ٿيڻ گهرجي. ڏک جي ڳالهه آهي ته انهن ۾ ڪا تبديلي نظر نٿي اچي. جڏهن ته اڄ جي “ڊجيٽل لاڙن جي مالڪ شاگردن” جي لاءِ ڊجيٽل ڪورس هئڻ ضروري آهن ته جيئن هتان جو نوجوان دنيا سان ڳنڍجي سگهن. تعليم جي اصل مقصد سان وفا سچائي ۽ معاشرتي ذميواريون جيڪڏهن ڏاهپ سان ادا ڪيون وڃن ته ممڪن آهي اڄ جي مايوس شاگردن ۾ به ماضيءَ جي شاگردن جهڙو تعليمي جوش، جذبو، پيار، عزت ۽ احترام پيدا ٿئي.