اتريان علائقا خاص طور گلگت بلتستان، ڪشمير، ڪوهه مري، ڪاغان، ناران سياحت تي ڀاڙين ٿا. انهن علائقن جي معاشيات گهڻو ڪري سياحت تي هلي ٿي، جنهن جي ڪري حڪومت کي ڪنهن خاص مشڪل کي منهن نٿو ڏيڻو پوي ۽ هر گهر مان ڪو نه ڪو ماڻهو ان شعبي سان لاڳاپيل هجڻ جي ڪري سياحت کي پنهنجي آمدنيءَ جو ذريعو بڻائي ٿو.
جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو هوٽل، گيسٽ هائوس يا ڪئمپنگ سائيٽن تي ڪم ڪن ٿا ته ڪجهه ماڻهو اتي ٽوئر گائيڊ بڻجي ماڻهن جي رهنمائي ڪن ٿا ۽ ان مان پنهنجو روزگار حاصل ڪن ٿا. ڪيترائي ماڻهو اتي مقامي ٽرانسپورٽ جي ڌنڌي سان لاڳاپيل هجڻ جي ڪري سٺو ڪمائين ٿا. ان کان علاوه سياحت جي ڪري ئي اتي مقامي هنرن جي گهرج وڌي ٿي ۽ ماڻهو جيڪي اتي سياح جي طور وڃن ٿا اتان جا روايتي کاڌا به کائين ٿا ته اتان جو ڪو نه ڪو هٿ جو ٺهيل سووينيئر ۽ دستڪاريءَ جو سامان به خريد ڪن ٿا.
ان کان علاوه سياحت جي ڪري اتان جي مقامي ثقافت کي به وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملي ٿو. سياحت هن وقت دنيا ۾ هڪ تمام گهڻي مقبول صنعت بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ صرف سٺي انفرااسٽرڪچر جي ذريعي جنهن ۾ محفوظ روڊ ۽ رستا، سٺيون ۽ سستيون هوٽلون، صاف سٿرو پاڻي، صاف سٿرا ٽوائليٽس هجڻ ڪري ماڻهو مختلف ملڪن ۾ وڃي ڪجهه عرصو رهن ٿا، اتي پئسو خرچ ڪن ٿا ۽ ملڪ انهن سياحن جي پئسي مان تمام گهڻو پرڏيهي ناڻو ڪمائين ٿا.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ قدرتي حسن سان مالامال علائقا خراب انفرااسٽرڪچر جي ڪري پرڏيهي سياحن لاءِ ايترا پرڪشش ناهن. ڇو ته اڃان تائين اسان وٽ نه سٺيون هوٽلون موجود آهن ۽ نه ئي محفوظ رستا ٺهيل آهن جتي پرڏيهي سياح وڃي محفوظ طريقي سان پنهنجا سياحتي ڏينهن گذاري سگهن، پر ان هوندي به اسان جو مقامي سياح پوري پاڪستان مان گرمين جي ڏينهن ۾ توڙي سياري جي برفباري جو مزو ماڻڻ لاءِ اترين علائقن جو رخ ڪري ٿو.
جيئن ته اترين علائقن ۾ موسم سٺي هجڻ جي ڪري اتي سياح وڃي ڪجهه ڏينهن گرمي جي شدت کان پنهنجو پاڻ کي محفوظ بڻائي ٿڌي علائقي کي انجواءِ ڪن ٿا، پر هڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه گلگت بلتستان جي سيڪريٽري سياحت ضمير حسين ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته گلگت بلتستان ۾ گرمي پد وڌي رهيو آهي. جيڪو سياحتي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي.
هن وقت اتي ٻين گرم علائقن جي برابر گرمي پد هجڻ جي ڪري هاڻي پنکن کان اڳتي ايئرڪنڊيشن جي استعمال ۾ تيزيءَ سان واڌارو اچي رهيو آهي. اڳ ۾ جتي پنکو ڪافي سمجهيو ويندو هو هاڻي ايئرڪنڊيشن کانسواءِ گذارو ناهي. سندس چوڻ مطابق موسمياتي تبديلين ۽ ٻوڏن روان سال تمام گهڻي تباهي آندي آهي، جنهن جي ڪري گلگت بلتستان جي سياحت تي تمام گهڻا منفي اثر پيا آهن. 2010ع ۾ به گلگت بلتستان ۾ بدترين ٻوڏ آئي هئي، روڊ رستا، پلون، عمارتون ڊهي پيا هئا، پر پوءِ ان ۾ بهتري آئي ۽ سياحت جو رجحان وڌيو ۽ مقامي ۽ پرڏيهي سياحن جو اچڻ وڌيو.
سيڪريٽري سياحت گلگت بلتستان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اتي بجلي ۽ فضائي سروس جو مسئلو حل ٿي ويندو ته سياري ۾ ٽوئرزم ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، پر انهن سهولتن کان بغير سياحت جي ترقي ممڪن ناهي. ڳڻتي جهڙي ڳالهه آهي ته هن وقت گلگت بلتستان ۾ گرمي پد ديامير ۽ سبي جي برابر وڃي پهتو آهي، اهڙي صورتحال ان کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. اترين علائقن ۾ گرمي پد جو وڌڻ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اتي رهندڙ آبادي جيڪڏهن بيروزگار ٿي وئي ته اهي هيٺين علائقن جو رخ ڪندا.
نه صرف ايترو، بلڪه ان کان علاوه ماحول تي اڃان وڌيڪ دٻاءُ پوندو ۽ هيٺين ميداني علائقن ۾ به گرمي پد ۾ واڌ ٿيندي. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت کي اترين علائقن ۾ توڙي ميداني علائقن ۾ ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ ڌار ڌار پلاننگ ڪري هڪدم بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. خاص طور تي گلگت بلتستان جي ماڻهن کي پاڻ سان گڏ کڻي اتان جي ماحول کي بهتر بنائڻ جي لاءِ اپاءُ وٺڻ فائديمند رهندا. سڀني کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اتي نوان جهنگ پوکيا وڃن، اهڙا وڻ پوکيا وڃن جيڪي ماحول دوست هجن ۽ ان سان زمين جي مٿاڇري تي گرمي گهٽ ٿي سگهي، جيڪي گليشيئرن کي سڌي سج جي تپش کان بچائي سگهن.
ان کان علاوه جهنگلن جي ڪٽائي تي پابندي لڳائي وڃي. سولر انرجي جو استعمال وڌائڻ لاءِ ماڻهن کي همٿايو وڃي ته جيئن اهي گهرن، اسڪولن، سرڪاري ادارن ۽ هوٽلن کي سولر تي منتقل ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي گهٽائي سگهن جيڪا گرين هائوس گئس ۾ واڌارو ڪري ٿي. ان کان علاوه اتي ٽرانسپورٽ جي طريقن کي به تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. نوجوانن جي اندر سائيڪلنگ ۽ اسڪوٽيز هلائڻ جو رجحان پيدا ڪيو وڃي. ان کان علاوه اليڪٽرڪ گاڏيون ڪار پولنگ جهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن، پبلڪ ٽرانسپورٽ کي وڌائي انفرادي گاڏين جي انگ کي گهٽائڻ سان ٽرانسپورٽ جي اندر تبديلي آڻي سگهجي ٿي.
ان کان علاوه پاڪستان جي اترين علائقن ۾ گليشيئرن جي حفاظت لاءِ گلگت بلتستان کان وٺي جيستائين گليشيئر آهن انهن جا پروٽيڪشن پراجيڪٽ شروع ڪيا وڃن ۽ اتي انساني سرگرمين کي محدود ڪيو وڃي. سياحن کي پلاسٽڪ جي ڪچري اڇلائڻ ۽ غير نامياتي ڪچري پکيڙڻ کان روڪيو وڃي. ڇو ته اهي سڀ شيون ماحول کي سخت نقصان پهچائي رهيون آهن. ان کان علاوه اتان جي تعميرات جي اندر پڻ تبديليون آنديون وڃن، جنهن سان گليشيئرن کي گهٽ نقصان پهچي.
اتان جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ ڪميونٽي سينٽرن ۾ آگاهي مهمون هلايون وڃن. اهو ڪم ڪرڻ پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. ڇو ته اسان جو ماحول اتر کان وٺي ڏکڻ تائين، اولهه کان وٺي اوڀر تائين هڪٻئي سان جڙيل آهي. جيڪڏهن ملڪ جو ڪوبه حصو ماحولياتي دٻاءُ جو شڪار ٿيندو ته ان جو اثر ٻئي شهر تي به پوندو. اهو نٿو ٿي سگهي ته اترين علائقن ۾ موسمياتي تبديلي تباهي مچائي ۽ ان جو اثر ميداني علائقن تي نه پوي.