نئون

 اين سي اي ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگرد مسواڙ جي معاملي تان قتل، سندس مٿان توهين رسالت جو الزام

اين سي اي (نيشنل ڪاليج آف آرٽس) ۾ پرهندڙ جيڪب آباد جو رهواسي قطب گل رند کي گهر جي مسواڙ جي ادائگي تان قتل ڪيو ويو، پر سندس مٿان توهين رسالت جو الزام هنيو ويو. 17 جولاءِ تي قتل ٿيندڙ شاگرد لاءِ پوليس جو چوڻ آهي ته هن کي گهر جي مسواڙ جي معاملي تان قتل ڪيو ويو پر معاملي کي توهين رسالت جو رنگ ڏنو ويو. پوليس رپورٽ مطابق 17 جولاءِ واري رات قطب گل جي ڪمري تي گهر جو مالڪ ٻن ساٿين سميت آيو ۽ قطب گل کي لوهي راڊ سان مارڪٽ بعد هن جا هٿ پير ڀڃي هن کي گهر جي ٽين ماڙ جي بالڪوني مان هيٺ ڪرائي ڇڏيو. جنهن کي بعد ۾ هاسپيٽل نيو ويو جتي هن زخمن جا گهاو نه سهندي دم ڏنو. ايف آءِ آر ۾ قطب جي هڪ دوست چيو ته هن کي ڪوڙي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد قطب جي گهر وارن به اهو ئي موقف اختيار ڪيو ۽ چيو ته اهي ڪوڙا الزام آهن. جڏهن ته تحقيقات کانپوءِ ايس ايس پي پوليس جو چوڻ آهي ته گهر جو مالڪ نشئي ماڻهو آهي جنهن مهيني جي مسواڙ اڳ ۾ ئي وٺي ڇڏي هئي ۽ ايندڙ مهيني جي مسواڙ گهرڻ تي قطب کي قتل ڪيو ۽ مٿس توهين رسالت جو الزام هنيو ۽ هاڻي هو پنهنجي ساٿي سميت پوليس جي حراست ۾ آهي.